ڪراچي مان ٻارن جي 3 رڪني گينگ گرفتار….! اهم خبر پڙهندا

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) شهر ۾ موٽرسائيڪل لفٽنگ جي واقعن ۾ ٻارڙن جي گينگ جي ملوث هئڻ جو انڪشاف ٿيو آهي ۽ 3 ٻارن کي گرفتار به ڪيو ويو آهي.

 تفصيل موجب عزيز آباد پوليس بائيڪ لفٽنگ جي خلاف ڪامياب ڪارروائي ڪندي 3 رڪني ٻارن جي گينگ کي گرفتار ڪري ورتو جن وٽان 7 موٽر سائيڪلون هٿ ٿيون آهن.

پوليس موجب گينگ ۾ سامل جوابدارن ۾ ٻن جي عمر 15 سال جڏهن ته هڪ جي عمر 13 سال آهي. اِهي ٻار موٽر سائيڪ چوري ڪري حج شهر جي هڪ رهواسي کي وڪرو ڪندا هئا.

ڪراچي پوليس جو چوڻ آهي ته انهن ٻارن جي ذريعي چورايل موٽرسائيڪلون  بلوچستان مان هٿ ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون، ٻارن کي في موٽر سائيڪل تي 2 کان 5 هزار تائين ڏنا ويندا آهن. پوليس چوري جون موٽر سائيڪلون خريد ڪندڙ هڪ شخص کي به گرفتار ڪري ورتو.

حراست هيٺ 13 سالن جي ٻارڙي پنهنجي بيان ۾ چيو ته موٽر سائيڪل تي ريس لڳائڻ جو شوق هو، ان ڪري اِهو رستو اختيار ڪيو. هن اِهو به ٻڌايو ته هو موٽر سائيڪلن جا ٽائر ۽ سائيلنسر به ڪڍي وڪرو ڪندا هئا.

ان رپورٽ تي تبصرو ڪندي اي آءِ جي امير شيخ چيو ته ڪيتريون ئي موٽر سائيڪلون شهر جي اندر ئي وڪرو ڪيو وينديون آهن، پر  چوري ۽ ڦريل موٽر سائيڪلون ٻين شهرن ۾ به وينديون آهن.

You might also like