خيبر پختونخواهه ۾ هٿيار جي ڏَڍَ تي ٻارڙي سان بدفعلي

 

پشاور (ويب ڊيسڪ) خيبر پختونخواهه جي علائقي چمڪني ۾ بندوق جي زور تي ٻار سان بدفعلي ڪرڻ جي الزام ۾ هڪ ڄڻي کي گرفتار ڪيو ويو آهي.

پوليس تصديق ڪئي آهي ته چمڪني جي علائقي مان هڪ شڪي شخص کي بندوق جي زور تي ٻار سان بدفعلي ڪرڻ تي گرفتار ڪيو ويو آهي.

هوڏانهن متاثر ٻار طرفان چمڪني ٿاڻي تي دانهيندي چيو ويو آهي ته چمڪني ۾ ٻن ڄڻن بندوق جي زور تي ساڻس بدفعلي ڪئي ۽ فرار ٿي ويا.

پوليس طرفان واقعي جي ايف آءِ آر داخل ڪرڻ کانپوءِ هڪ جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ٻيو مفرور آهي.

ايس ايڇ او چمڪني ارباب نعيم موجب ڪيس جي حوالي سان وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آهيون، هڪ جوابدار کي حراست ۾ ورتو ويو آهي ۽ ٻئي کي به جلد گرفتار ڪيو ويندو.

You might also like