چڪن پاستا

شيون: چڪن 1 ڪوپ سلائس ۾ ڪٽيل

لوڻ اڌ چانهن جو چمچو

پيٺل ڳاڙها مرچ

پيٺل ڪارا مرچ اڌ چانهن جو چمچو

ٿوم جو پيسٽ اڌ چانهن جو چمچو

تيل 1 چوٿائي ڪوپ

ٿوم 2 چانهن جا چمچا

ٽماٽو 4 عدد بلينڊ ٿيل

پاستا 3 ڪوپ اُٻريل

شملو مرچ 1 عدد سنهو ڪٽيل

ٽماٽو 1 عدد

 سلائس ۾ ڪٽيل

بصر 1 عدد ڪٽيل

لوڻ 1 چانهن جو چمچو

ڪريم 3 چانهن جا چمچا

ترڪيب:

سلائس ۾ ڪٽيل چڪن کي لوڻ، ڪٽيل ڳاڙا مرچ، ۽ ٿوم جو پيسٽ لڳائي ڇڏيو. هڪ برتن ۾ تيل گرم ڪريو. ان ۾ ڪٽيل ٿوم وجهي ڪجهه دير فرائي ڪريو. پوءِ ان ۾ ميرينيٽ ڪيل چڪن شامل ڪريو. هاڻي ان کي ايترو فرائي ڪريو ته جيئن چڪن ڳري وڃي. ان کانپوءِ بلينڊ ڪيل ٽماٽو، اُٻريل پاستا ۽ سلائس ۾ ڪٽيل شمله مرچ، سلائس ڪيل ڪٽيل ٽماٽو، ڪٽيل بصر، لوڻ ۽ ڪريم وجهي ڪري چڱي طرح مڪس ڪريو. آخر ۾ ان کي گارلڪ بريڊ سان پيش ڪريو.

You might also like