شڪاگو ۾ پهريون ڀيرو ڪاري نسل جي عورت ميئر مقرر

شڪاگو (ويب ڊيسڪ) جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ڪاري نسل جي عورت ميئر طور پنهنجو عهدو سنڀالي ورتو.

56 سالا ڪاري نسل جي لاري لائٽ فٽ شڪاگو جي اسپورٽس ارينا ۾ پنهنجي عهدي جو حلف کنيو، تقريب ۾ خطاب ڪندي هن پاليسين ۾ تبديلي، معاشي صورتحال ۾ بهتري ۽ ڪرپشن کي ختم ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو.

لاري لائٽ فٽ جو چوڻ هو ته هن تبديلي لاءِ پنهنجي چونڊ مهم هلائي ۽ عوام سنديس کي تبديلي لاءِ ووٽ ڏنا.

You might also like