چيز بالز

شيون: ميدو 75 گرام

پنير 56 گرام

آنا 2 عدد

ڪارا مرچ 1 چوٿائي چمچو

ونيلا ايسنس ڪجهه قطرا

پيٺل زيرو 1 چوٿائي چمچو

لوڻ 1 چمچو

گيهه 2 وڏا چمچا

 پاڻي ضرورت موجب

ترڪيب: هڪ ٿانوَ ۾ پاڻي، گيهه، لوڻ هلڪي باھ تي پچايو، جڏهن گيهه پگهري وڃي ته ٿانوَ چُلهي تان لاهي ان ۾ ميدو ملائي وٺو ۽ چمچو هلائيندا رهو.

ٿانوَ کي ٻيهر چُلهي تي رکي هلڪي باھ تي پچايو، جڏهن ميدو ٿانوَ جا پاسا ڇڏڻ لڳي ۽ ٿورو سخت ٿي وڃي ته ٿانوَ کي هيٺ لاهي وٺو ۽ آنو ٽوڙي هڪ ڪوپ ۾ ڦينٽي وٺو ۽ انهن کي ٿانوَ ۾ ملائي ڇڏيو.

پوءِ سمورو مرڪب چڱيءَ طرح مڪس ڪري ان ۾ پنير، لوڻ، پيٺل ڪارا مرچ، زيرو ۽ ونيلا ايسنس ملائي چڱيءَ طرح پنج منٽن تائين ڦينٽيو.

پنير جا بال ترڻ لاءِ هاڻي مرڪب تيار آهي. گيهه يا تيل کي وچولي باھ تي گرم ڪريو ۽ پنير جي مرڪب جا بالز ٺاهيو ۽ انهن کي تريو جڏهن بالز برائون ٿي وڃن ته هڪ ڦهليل ڊش ۾ انهن کي ترتيب سان سجائي ڪدوڪش ڪيل سلاد سان پيش ڪريو.

You might also like