پيالي چاٽ

شيون:

اُٻريل ڪابلي ڇولا :1 پاءُ

اُٻريل آلو :1 ڪوپ

ڦيٽيل ڏهي : 1 پاءُ

سنها ڪٽيل بصر :2 عدد

سنها ڪٽيل ٽماٽا:2 عدد

سنها ڪٽيل ساوا ڌاڻا:اڌ ڳٺي

ليمي جي رس:4 کان 5 چمچا

پاپڙي:4 کان 5 عدد

رول جو پٽيون:ضرورت موجب

چاٽ مصالحو:ضرورت موجب

تيل: فراءِ ڪرڻ جي لاءِ

لوڻ:ذائقي لاءِ

طريقو: هڪ ديڳڙي ۾ ضرورت موجب تيل گرم ڪيو. ان کان پوءِ ان کي ڇاڻي ۾ وجهي ضرورت موجب رول جو پٽيون ٺاهيو. ان جي مٿان ڇاڻي وجهي پٽيون فراءِ ڪيو ۽ پياليون ٺاهيو. هاڻي هڪ مڪسنگ باول ۾ هڪ پاءُ اُٻريل ڪابلي ڇولا وجهو ۽ ضرورت موجب لوڻ شامل ڪري مڪس ڪيو. هاڻ هن ۾ 3 کان 4 عدد سنها ڪٽيل مرچَ، اڌ ڳٺي ساوا ڌاڻا ۽ 4 کان 5 چمچا ليمي جو رس شامل ڪيو.ان کان پوءِ 2 عدد بصر ۽ 2 عدد ٽماٽا وجهو. پوءِ هڪ پاءُ فيٽيل ڏهي کي مٿان وجهو ۽ 4 کان 5 عدد پاپڙي کي ڀڃي وجهو. هاڻي انهن کي پيالين ۾ وجهي ڇڏيو ۽ آخر ۾ ضرورت موجب چاٽ مصالحو ٻرڪي پيش ڪيو.

You might also like