رپورٽ:چمبڙ: آبادگارن ٽيل تي پاڻي نه پهچڻ خلاف احتجاج

 

چمبڙ  جي چاڪر شاخ جي  پوڇڙي جي آبادگارن ٽيل م پاڻي   نه ملڻ خلاف قرآن پاڪ ھٿن م کڻي ميراکوري ريگيوليٽر تي احتجاج  ڪيو ويو .

 بڪيراڻي سب ڊويزن جي چاڪر شاخ جي پوڇڙي م پاڻي نه  ڏيڻ خلاف  آبادگارن مرڪ لغاري سيد ذوالفقارعلي شاھ پيربخش رند جي اڳواڻي م  احتجاج ڪيو .

ان موقعي تي آبادگارن چيو ته  ايريگيشن عملو چاڪر شاخ جي پوڇڙي جي آبادگارن جي حصي جو پاڻي منڍ  ۽ 9 ميل جي بااثرن کي ڏوڪڙن عيوض وڪرو ڪري رهيا آهن .

 هنن چيو ته پاڻي جي کوٽ سبب سندن زمينون بنجر بڻجي رهيون آهن ۽ چوپايو مال توڙي جهنگلي ۽ جيوت ۽ پکي اڃ مري رهيا آهن.

 هنن مطالبو ڪيو ته کين ترت زرعي پاڻي فراهم ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو ……………….

You might also like