هڪ نه ڏهه ڪميشن جوڙيو اسان وٽ هڪ هڪ رپئي جو حساب آهي: مريم اورنگزيب

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ ) پاڪستان مسلم ليگ ن جي ترجمان مريم اورنگزيب وزيراعظم عمران خان طرفان اعليٰ اختياراتي ڪميشن جي تجويز کي مخالف ڌر کي ڌمڪائڻ جي ڪوشش قرار ڏنو ۽ چيو ته هڪ نه ڏهه انڪوائري ڪميشن جوڙيو اسان وٽ هڪ، هڪ رپئي جو حساب آهي.

مريم اورنگزيب چيو ته اعليٰ اختياراتي ڪميشن جوڙي عمران خان جو دماغي معائنو به ڪيو وڃي، وزيراعظم پنهنجي تقرير ۾ انتهائي نروس نظر آيو ۽ آءِ ايم ايف سان معاهدي تان نظر هٽائڻ لاءِ ڪنٽينر وارو لهجو استعمال ڪيو ويو.

ن ليگ ترجمان جو چوڻ هو ته ان تي ڪميشن جوڙي وڃي ته عوام هن نالائق حڪومت کي ٽئڪس ڏيڻ بند ڪيو، اها مخالف ڌر کي نه ڌمڪائي، مولابجٽ بڻجڻ جي ڪوشش نه ڪريو ۽ ڪنٽينر تان لهو، آءِ ايم ايف سان ڊيل ۽ عوام دشمن بجيٽ جو کين جواب ڏيڻو پوندو.

مريم اورنگزيب چيو ته اڄ جي مخالف ڌر جيل وڃڻ کان نٿي ڊڄي، ڌمڪين سان ڪجهه نه ٿيندو، اسان قرض ورتو ته يارنهن هزار ميگاواٽ بجلي سسٽم ۾ داخل ڪئي، موٽروي ۽ روڊن جو ڄار وڇايو، هڪ نه ڏهه انڪوائري ڪميشن ٺاهيو اسان وٽ هڪ، هڪ رپئي جو حساب آهي.

You might also like