ڀارت جي شڪست تي ڪشمير ۾ جشن

سرينگر ( ويب ڊيسڪ ) ڀارت جي هار تي والاريل ڪشمير ۾ خوشي لهر ڇائنجي وئي، آءِ سي سي ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ 2019ع جي پهرين سيمي فائنل ۾ نيوزيلينڊ هٿان شڪست ٿيندي شهرين جشن ملهائڻ شروع ڪيو.

والاريل ڪشمير ۾ شهرين جي وڏي انگ ميچ جو نتيجو ايندي ئي روڊن تي آتشبازي ڪئي، نوجوانن ڀارت مخالف ۽ پاڪستان جي حق ۾ نعرا پڻ هنيا.

ياد رهي ته گذريل ڏينهن نيوزيلينڊ ڀارت کي ڪرڪيٽ عالمي جي سيمي فائنل ۾ 18 رنسن تان هارايو هو.

You might also like