خوشين وارا خاص ڏهاڙا ملهائڻ به پورهيت طبقي جي وس ۾ ناهن

حسيب لطيفي

عيدون ۽ خوشين ملهائڻ وارا ڏهاڙا ته هر انسان جي خواهش هوندا آهن ۽ انهن ڏهاڙن تي خاص طور تي ٻارڙن کي نوان ويس پائي گهر کان ٻاهر نڪرڻ ۽ گهمڻ جو شوق ٿيندو آهي، ننڍڙيون ٻارڙيون پنهنجين سهيلن سان ملڻ لاءِ وڃي نڪرنديون آهن، پر بدقسمتي سان خوشين جا اهي ڏهاڙا ملهائڻ هن ملڪ جي غريب، مسڪين ۽ پيڙهيل طبقن جي وس جي ڳالهه ناهي رهي، هاڻ صورتحال ته ان حد تائين خراب ٿي چڪي آهي جو هنن ڏهاڙن تي پنهنجن ٻارڙن کي خوشيون نه ڏئي سگهڻ جي ڪري آپگهات جا واقعا به سامهون اچي رهيا آهن.

اها ڪيڏي نه ڏکوئيندڙ ڳالهه آهي ته اهڙن خاص ڏهاڙن تي مهانگائي وڌي ويندي آهي، رمضان المبارڪ جو بابرڪت مهينو شروع ٿيندي ئي مهانگائي جي جن کي بوتل مان آزاد ڪيو ويندو آهي، جنهن جي ڪري شين جا اگهه آسمان سان ڳالهائڻ لڳندا آهن. اُهي چوٽ چڙهيل اگهه رمضان المبارڪ جي مهيني ۾ به عوام جو جيئڻ جنجال ڪري سندن رت چوسي وٺندا آهن، رمضان جو آخري عشرو به هاڻ پنهنجي پڄاڻي تي پهچڻ وارو آهي ۽ عيد ۾ وڃي ٻه ڏينهن بچيا آهن، پر اڄ به لکين اهڙا خاندان هوندا جيڪي پنهنجن ٻچڙن کي عيد جون خوشيون ڏيڻ لاءِ جاکوڙ ۾ لڳل هوندا ۽ کين ان ڳالهه جو خدشو هوندو ته هيءَ عيد به شايد گذريل عيدن جهڙي ئي گذرندي.

موجوده حڪومت جي ٿوري عرصي ۾ پيدا ٿيل مهانگائي جو طوفان ڏينهون ڏينهن شدت اختيار ڪندو پيو وڃي توڙي جو رمضان جي مهيني ۾ وفاقي حڪومت عوام کي ڪو به رليف نه ڏئي سگهي آهي، جتي کائڻ پيئڻ جون شيون مهانگيو ڪيون ويون آهن، اتي وري پيٽرو ڊيزل، گئس ۽ بجلي جي قيمتن ۾ تمام گهڻو اضافو ڪيو ويو آهي. جيتوڻيڪ حڪومت دعويٰ ڪندي رهي ٿي ته ڪنهن کي به قيمتون وڌائڻ جي اجازت نه ڏني ويندي قيمتن کي ضابطي هيٺ رکڻ لاءِ سخت بندوبست ڪيا ويندا، پر حڪمرانن جون اهي دعوائون ۽ واعدا وفا ٿيندي نظر نه آيا آهن.

عيد ۾ وڃي ٻه ڏينهن رهيا آهن، هر مسافر پنهنجي پيارن سان عيد ملڻ لاءِ آتو آهي،  جڏهن هو پنهنجي اباڻي ڳوٺ وڃڻ لاءِ ٽرانسپورٽ جي اڏن تي پهچي ٿو ته بسن ۽ وينن جي وڌايل ڀاڙن جو ٻڌي پريشان ٿي وڃي ٿو، ڀاڙن جي واڌ خلاف ٽرانسپورٽ انتظاميا به ڪجهه ناهي ڪري سگهي، ٽرانسپورٽرن پاران ڀاڙن ۾ آخري 10 ڏينهن ۾ ڳاٽي ٽوڙ اضافو ڪيو ويندو آهي ۽ هر عيد تي اهڙو رجحان رهندو آهي، حيدرآباد کان ڪراچي، سکر، ميرپورخاص ۽ ٻين شهرن ڏانهن ويندڙ ڪوچن ۽ وينن پاڻمرادو مختلف روٽن تي پنهنجا ڀاڙا مقرر ڪري ڇڏيا آهن، ٽرانسپورٽر هر ڀيري اهو ئي چوندا آهن ته ڊيزل، پيٽرول ۽ سي اين جي مهناگي ٿي وئي آهي، تنهن ڪري ڀاڙن ۾ اضافو ڪيو ويو آهي، جڏهن ته مسافر جو اهيو چوڻ آهي ته مهانگائي جي هن طوفان سبب ملڪ جو 60 سيڪڙو غريب عوام کان سندس جيئڻ جو حق کسيو پيو وڃي، وڌايل ڀاڙا آسمان سان ڳالهيون ڪري رهيا آهن، جنهن ڪري پنهنجي ڳوٺن ڏانهن وڃڻ لاءِ سخت پريشان ٿي رهيا آهيون، ملڪ جو عوام اڌ کان به وڌيڪ حصو بُک ۽ بدحالي هيٺ زندگي بصر ڪرڻ تي مجبور لڳو پيو آهي، جنهن کي نظر ۾ رکندي هاڻ حڪمران طبقي کي اهو سمجهڻ گهرجي ته اهي سڀ جديد منصوبا اُن وقت تائين فضول آهن جيسيتائين ملڪ جي غريب ماڻهن لاءِ سستائي نه ڪئي ويندي.

ملڪ ۾ وڌندڙ مهانگائي جي نتيجي ۾ پيڙهجندڙ آبادي اڪثريت پورهيت طبقي جي آهي، پورهيت طبقي جي هن مهانگائي  چيلهه چٻي ڪرڻ ۾ ڪا به قصر ناهي ڇڏي. مهانگائي جي هن عذاب کي گهڻي ڀاڱي غريب طبقو ڀوڳي ٿو، جيڪو مسڪين پنهنجي پيٽ بکايل معصوم ٻارڙن جو پيٽ ڀرڻ لاءِ سڄو ڏينهن محنت مزدوري ڪري پنهنجو پگهر وهائي تغاري مٿي تي کڻي، سڄو ڏينهن لوهه ڪُٽي، سڄو ڏينهن بَٺن جي چمنين ۾ ٽهڪي، ريڙهو ڌڪي، هوٽل تي ٻاهر واري ڪري، وزندار ٻوريون کڻي، سيمينٽ، ريتي، پٿر جون ٽرڪون ڀري ۽ لاهي. اهو پورهيت طبقو سڄي ڏينهن ۾ 300 کان 400 روپيا تاريخ ڪمائي گهر ويندو ته ان جي هن مهانگائي واري دور ۾ ڪهڙي عيد ٿيندي اهو پورهيت ته پنهنجن ٻچن کي پيٽ ڀري ماني به کارائي نٿو سگهي، اهو غريب ۽ مسڪين عيد جي ڏينهن پنهنجي گهر ۾ آخر ڇا کڻي ويندو. اها حڪمرانن جي به نااهلي آهي جو اهي مهانگائي تي ڪنٽرول نه ڪرائي سگهيا آهن، پر حڪمران پاڻ مهانگائي وڌائڻ واري عمل ۾ شامل رهيا آهن، جنهن جي ڪري هر سرمائيدار ان مان ناجائز فائدو وٺي رهيو آهي، جيڪڏهن اسان وٽ سٺا حڪمران هجن ها ته ڪنهن کي به ڪو غير قانوني قدم کڻڻ جي همت نه ٿئي ها. اهڙي صورتحال ۾ حڪمرانن کي هاڻ سجاڳ ٿيڻ گهرجي.

ٿيڻ ته ائين گهرجي ته وفاقي توڙي صوبائي حڪومتون اهڙن خاص ڏهاڙن تي عوام مالڪي ڪن، پر انهن کي عوام جي دردن جو ڪو به احساس ناهي، بدلجندڙ حڪمران پنهنجون پاليسيون سرمائيدار طبقي جي ڀلائي ۽ عالمي مالياتي ادارن کي خوش ڪرڻ واري ذهن سان جوڙيندو آهي ۽ نتيجو اهو ئي ٿيندو آهي ته غريب اڃا وڌيڪ غريب تر ٿيندو وڃي ٿو ۽ سرمائيدار جي دولت ۾ ڏينهون ڏينهن واڌارو ٿيندو نظر ايندو آهي، حڪمرانن جي پاليسين جي مخالفت ڪندڙ مخالف ڌر کي به هاڻ روايتي سياست ڪرڻ بجاءِ عوام سان جڙيل مسئلن جي حل واري سوچ  پيدا ڪرڻ گهرجي.