Browsing Category

خاص خبر

افغان حڪومت پاڪستان ۾ مقرر سفير ۽ سفارتي عملو واپس گهرائي ورتو

ڪابل (ويب ڊيسڪ) افغان حڪومت پاڪستان ۾ مقرر پنهنجي سفير نجيب الله علي خيل سميت سفارتي عملي کي واپس گهرائي ورتو. افغان پرڏيهي وزارت طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته اسلام آباد ۾ افغان سفير ۽ ٻئي سفارتي عملي کي ڪابل واپس…

اڳوڻن حڪمرانن جيان ڪنهن جج کي فون ڪري سزا جو ناهيان چوندو: وزيراعظم

مظفرآباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته مان ماضي جي حڪمرانن جيان ڪنهن جج کي فون ڪري سزا ڏيڻ جو ناهيان چوندو، اداڪاري ڪري ٻاهر ويندڙ نواز شريف جي بيماري لنڊن پهچندي ئي ختم ٿي وئي. آزاد ڪشمير جي علائقي ڀمبر ۾ جلسي سان…

سنڌ جو اڳوڻو وڏو وزير ۽ گورنر ممتاز ڀٽو لاڏاڻو ڪري ويو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ اڳوڻو گورنر ۽ وڏو وزير ممتاز علي ڀٽو لاڏاڻو ڪري ويو. ممتاز ڀُٽي جي ترجمان ابراهيم ابڙي لاڏاڻي جي تصديق ڪندي ٻڌايو ته هو ڪجهه عرصي کان بيمار هو، سندس لاڏاڻو ڪراچي واري رهائشگاهه تي ٿيو. هن ٻڌايو ته ممتاز…

”مائنس جون ڳالهيون ڪندڙ ڏسي ڇڏين ته نواز شريف پلس ٿي رهيو آهي“

مظفر آباد (ويب ڊيسڪ) ن ليگ نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته مائنس جون ڳالهيون ڪندڙ ڏسي ڇڏين ته نواز شريف آزاد ڪشمير ۾ پلس ٿي رهيو آهي. ڌير ڪوٽ ۾ جلسي سان خطاب ڪندي مريم نواز چيو ته هر پاسي نواز شريف جي گونج آهي، آزاد ڪشمير ن ليگ…

نواز شريف جهڙي اداڪاري ڪو هالي ووڊ ۾ به نٿو ڪري سگهي: وزيراعظم

باغ (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته آر ايس ايس جي نظريي سان سڀ کان وڌيڪ خطرو پاڻ ڀارت کي آهي، مان سڄي دنيا ۾ ڪشمير جو سفير بڻجي نڪرندس ۽ ڪشميرين لاءِ آواز اٿاريندو رهندس. آزاد ڪشمير جي علائقي باغ ۾ چونڊ جلسي سان خطاب…

پاڪ فوج جي ترجمان دهشتگردي جا خدشا ظاهر ڪري ڇڏيا

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) پاڪ فوج جي ترجمان بابر افتخار چيو آهي ته پاڪستان ۾ دهشتگردن جا سليپر سيلز ٻيهر بحال ٿيڻ جو خدشو آهي. پاڪ فوج جي شعبي آءِ ايس پي آر موجب پاڪ فوج جي ترجمان ميجر جنرل بابر افتخار چيو آهي ته افغان امن عمل جي ڪاميابي جي لاءِ…

سنڌ حڪومت پوليس رولز ۾ اهم ترميم ڪري ورتي، هر ڪيس ۾ گرفتاري نه ٿيندي

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت پوليس رولز ۾ ترميم جو فيصلو ڪري ورتو ۽ پوليس رولز 26 ۾ ترميم جي منظوري ڏني وئي. ترميم جو مسودو سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ٿيل سنڌ ڪابينا جي اجلاس ۾ منظور ڪيو ويو، جنهن جي تحت سنگين ڏوهن کان…

ن ليگ 2018 واري ناهي رهي، هاڻي ووٽ چوري ٿيا ته توهان سان سٺو نه ٿيندو: مريم نواز

مظفر آباد (ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ جي نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته ووٽ چوري ڪندڙ کي تنبيهه ڪيان ٿي ته جيڪڏهن ن ليگ کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته ياد رکو، توهان سان جيڪو ٿيندو اهو سٺو نه هوندو. اسلام ڳڙهه ۾ جلسي کي خطاب ڪندي مسلم ليگ جي ن جي نائب…

”جيڪڏهن جولاءِ مهيني ۾ ڪوهيڙو نه ٿيو ته آزاد ڪشمير چونڊ ن ليگ کٽيندي“

آزاد ڪشمير(ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ ن جي نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته جيڪڏهن جولاءِ جي مهيني ۾ جيڪڏهن ڪوهيڙو نه ڇانيو ته آزاد ڪشمير ۾ اليڪشن ن ليگ کٽيندي. آزاد ڪشمير جي علائقي برناله ۾ چونڊ جلسي کي خطاب ۾ مريم نواز جو چوڻ هو ته مسلم ليگ ن هاڻ…

افغانستان جا پاڪستان تي دراندازي جا الزام بي بنياد آهن: ڊي جي آءِ ايس آءِ

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ڊي جي آءِ ايس آءِ ليفٽيننٽ جنرل فيض حميد چيو آهي ته دهشتگردن جا سمورا مرڪز افغانستان ۾ موجود آهن. انٽر سروسز انٽيليجنس جي ڊائريڪٽر جنرل ميڊيا سان غير رسمي ڳالهه ۾ چيو آهي ته پاڪستان افغانستان ۾ امن جو خواهشمند آهي،…