Browsing Category

اڄ جي اخبار

12 بس اڏن تان قبضا هٽائڻ بعد مافيا ۽ سيڪريٽري ٽرانسپورٽ ۾ تڪرار تيز

ڪراچي (رپورٽ : جي ايم کوکر ) ٽرانسپورٽ کاتي پاران 12 قبضي هيٺ آيل بس اڏن کي خالي ڪرائڻ بعد بااثر مافيا متحرڪ ٿي وئي، ٽراسپورٽ مافيا ٽن ڪيسن مان ٻه ڪيس هارائڻ بعد فوڪل پرسن کي هٽائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا، صوبائي وزير جي حڪم تي وڪيل يار محمد کي…

ڪشمير ٻن اڪائين ۾ ورهائجي ويو، ڀارتين کي ملڪيت خريدڻ جي اجازت

سرينگر (م ڊ )والاريل ڄمون، ڪشمير ۽ لداخ کي ورهائڻ جي ڀارتي قانون تي عمل شروع ٿيڻ بعد ڀارتي شهرين کي والاريل وادي ۾ملڪيت جي خريد ۽ وڪري  جو حق حاصل ٿي ويو آهي. والاريل ڪشمير جي ورهاست خلاف وادي ۾دڪان بند روڊ رستا ويران رهيا، ڀارت 5 آگسٽ تي…

ڪراچي ۾ نيب ڪچهري، بلڊر مافيا ۽ ٻين خلاف شڪايتون

ڪراچي(رپورٽر) نيب طرفان ڪراچي آفيس ۾ کلي ڪچهري ٿي گذري،جنهن ۾ شهرين جي وڏي انگ بلڊر مافيا، روينيو ۽ تعليمي کاتن سميت ٻين کاتن ۾ ڪرپشن جون شڪايتون جمع ڪرائي ڇڏيون. .ان سلسلي ۾ گذريل نيب ڪراچي آفيس ۾ڊي جي نيب جي صدارت ۾ کليل ڪچهري ٿي گذري…

سعودي عرب ۾ عورتن جي پهرين ريسلنگ ميچ

رياض (م ڊ) سعودي عرب ۾ عورتن جي پهرين  ريسلنگ ميچ ٿي، رياض ۾ ٿيل ميچ ڊبليو ڊبليو اي جي سپر اسٽارن ناٽاليا نيڊ هارٽ ۽ ليسي ايونيز وچ ۾ مقابلو ٿيو، حڪومت جو اهو فيصلو ملڪ ۾ انٽرٽينمينٽ تي لڳل پابندي ۾ نرمي ڏانهن پهريون قدم آهي، سعودي عرب دنيا…

مخالف ڌر پاڻ سان ئي سياست پئي ڪري: فردوس عاشق

اسلام آباد( م ڊ) سڌ سماءَ واري صلاحڪار فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته مخالف ڌر پاڻ سان ئي سياست پئي ڪري . ٽوئيٽر تي فردوس عاشق چيو ته اپوزيشن ڀٽڪيل آهي، سندن مونجهارو سڀني ڏسي ورتو آهي. هن چيو ته جيڪي هڪ ٻئي سان سچا ناهن، قوم سان ڪهڙي سچائي…

اي اين پي ۽ جي يو آءِ پنهنجي بقا جي جنگ پيون وڙهن: بي بي سي

پشاور(م ڊ) خيبرپختونخوا جي وڏي قومپرست پارٽي عوامي نيشنل پارٽي ٻين سياسي پارٽين جي مقابلي ۾ مولانا فضل الرحمان جي آزادي مارچ ۾ ڀرپور شرڪت ڪري رهي آهي، بي بي سي موجب اي اين پي گذريل ٻن عام چونڊن ۾ ڪي پي ۾ حڪمران جماعت تحريڪ انصاف هٿان…

شرجيل ميمڻ وٽان شراب ملڻ جو ڪيس، ثاقب نثار کي پيش ڪرڻ جي درخواست

ڪراچي (رپورٽر) مقامي عدالت ۾پ پ ايم پي اي شرجيل ميمڻ جي ڪمري مان شراب ملڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي دوران ڪراچي بار جي صدر نعيم قريشي اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار کي شاهد طور پيش ڪرڻ جي عدالت کان درخواست ڪري ڇڏي آهي. عدالت ۾وڪيل جو چوڻ هو ته اڳوڻي چيف…

سنڌ ۾ ليڊي هيلٿ ورڪر رات جو به ڊيوٽي تي طلب، ڪوآرڊينيٽر تي ڪيس جو حڪم

اسلام آباد (م ڊ) سنڌ ۾ ليڊي هيلٿ ورڪرز کان رات جي وقت به ڊيوٽي تي گهرائڻ واري انڪشاف جو سُپريم ڪورٽ نوٽيس وٺندي ڪوآرڊينيٽر ذوالفقار ڌاريجو خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. سُپريم ڪورٽ جي جسٽس گلزار احمد جي سربراهيءَ ۾ جڙيل 2 رڪني بئنچ…

سيوهڻ ڌماڪي ڪيس ۾اهلڪارن جا بيان قلمبند، شاهد 11 نومبر تي طلب

ڪراچي (رپورٽر) دهشتگردي ٽوڙ عدالت سيوهڻ بم ڌماڪي واري ڪيس ۾ بي ڊي ايس انچارج، ٻن  پوليس اهڪارن ۽ سي سي ٽي وي ڪيمرا آپريٽر جو بيان قلم بند ڪيو. عدالت ۾جوابدارن نادر علي ۽ فرقان کي پيش ڪيو ويو. عدالت ۾بم ڊسپوزل اسڪواڊ جي انچارج پنهنجي بيان…

منير اڪرم جي گڏيل قومن ۾پاڪستاني مستقل نمائندي طور مقرري چئلينج

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾گڏيل قومن جي اداري ۾پاڪستان جي مستقل نمائندي منير اڪرم جي مقرري چئلينچ ڪئي وئي آهي. سول سوسائٽي  پاران درخواست داخل ڪئي وئي آهي جنهن ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته منير اڪرم تي گهريلو تشدد جيڪو سنگين ڏوهه جو…