Browsing Category

اڄ جي اخبار

شاگردياڻي کي آپگهات تي مجبور ڪندڙ بليڪ ميلر قانون جي پڪڙ ۾ نه آيا، علائقو سوڳ ۾ ٻڏل

بدين /ٽنڊو غلام علي (رازق ڏنو کوسو + نور حسن لاشاري ) ٽنڊي غلام علي  ۾ بليڪ ميلرن کان تنگ ٿي ناري پاران آپگهات ڪرڻ کانپوءِ ايڊيشنل آءِ جي حيدرآباد نوٽيس وٺندي رپورٽ طلب ڪئي آهي، پر جوابدار اڃان تائين آزادآهن، ناري انيلا پاران آپگهات ڪرڻ جون…

سائنسي بنيادن تي قمري ڪئلينڊر تيار، عيد 5 جون تي ٿيندي: فواد چوڌري

اسلام آباد (م ڊ ) سائنس ۽ ٽيڪنالوجي واري وفاقي وزير فواد چوڌري جي هدايت تي قمري ڪيلينڊر تيار ڪيو ويو آهي، جيڪو رمضان مهيني ۾ ئي جاري ڪيو ويندو.سائنس ۽ ٽيڪنالوجي وزارت سائنسي بنيادن تي قمري ڪيلينڊر تيار ڪري ورتو آهي، پهريون روزو ۽ عيد ڪڏهن…

مني لانڊرنگ ڪيس، ايم ڪيو ايم جي اڳوڻي اڳواڻ کي پرڏيهه وڃڻ جي اجازت

ڪراچي (رپورٽر)دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ ايم ڪيو ايم ،خدمت خلق فائونڊيشن مني لانڊرنگ ڪيس ۾ ايم ڪيو ايم جو اڳوڻو سينيٽر احمد علي پيش ٿيو .عدالت احمد علي کي 45 ڏينهن جي لاءِ پرڏيهي وڃڻ جي  اجازت ڏئي ڇڏي آهي .عدالت احمد علي کي 20 لک ضمانت  جمع ڪرڻ…

آءِ ايم ايف سان ڪيل ٺاهه پارليامينٽ ۾ پيش ڪيو وڃي: خورشيد شاهه

اسلام آباد ( بيورو ) پ پ اڳواڻ خورشيد شاهه چيو آهي ته ڊالر جو اگهه وڌڻ سان قرضن جو بار به وڌي ويو آهي، عوام جو تيل ايترو نڪري ويو آهي جو ايڪسپورٽ به ٿي سگهي ٿو.  اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي پ پ اڳواڻ خورشيد شاهه چيو ته هڪ طرف عمران…

سنڌ جي سرمست جي عرس جو افتتاح، انتهاپسندي جي خاتمي لاءِ سچل جو پيغام گهرجي: صوبائي وزير

خيرپور/راڻيپور( ڊر+ن ع آ) سنڌ جي منصور  حضرت عبدالوهاب المعروف سچل سرمست جي 198هين عرس جون سرڪاري تقريبون شروع ٿي ويون آهن، اوقاف کاتي جي صوبائي وزير فراز حسين ڏيرو درازا پهچي حضرت سچل سرمست جي مزار تي حاضري ڀري ۽ گلن جي چادر چاڙهي.  ان…

دل جي بيمارين جي ڪراچي واري اسپتال مالي بحران جو شڪار

ڪراچي(رپورٽر) دل جي مرض جي اسپتال اين آءِ سي وي ڊي ۾ مالي بحران شدت اختيار ڪري ويو آهي. رپورٽ موجب  اين آءِ سي وي ڊي ۾ مالي بحران سبب دوائون ۽ طبي اوزار ناياب ٿي ويا آهن ۽ فنڊ نه ملڻ سبب انتظامي معاملا متاثر ٿيا آهن، جڏهن ته عدم ادائيگين تي…

ورلڊ ڪپ ٽيم ۾ نه کڻڻ تي جنيد خان جو انوکو احتجاج، وات تي ٽيپ لڳائي تصوير سوشل ميڊيا تي رکي ڇڏي

ڪراچي ( رپورٽر) فاسٽ بالر جنيد خان ورلڊ ڪپ اسڪواڊ ۾ شامل نه ڪرڻ تي انوکو احتجاج ڪندي وات تي ٽيپ لڳائي پنهنجي تصوير سوشل ميڊيا تي جاري ڪري ڇڏي.ڪالهه عالمي ڪپ لاءِ ٽيم جي اعلان ڪندي انضمام الحق جنيد خان، فهيم اشرف ۽ عابد علي کي ورلڊ ڪپ اسڪواڊ…

عيد کانپوءِ اپوزيشن جي اي پي سي،الڳ الڳ احتجاج ڪنداسين: بلاول

اسلام آباد(بيورو+م ڊ) ملڪي معاشي صورتحال ۽ حڪومت خلاف حڪمت عملي تي غور لاءِ اپوزيشن پارٽيون وفاقي راڄڌاني ۾ گڏ ٿي ويون،عيد کانپوءِ اپوزيشن جي اي پي سي گهرائڻ تي اتفاق ٿي ويو،  پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري طرفان سمورين اپوزيشن پارٽين کي…

شڪارپور ويجهو هانءُ ڏاريندڙ روڊ حادثو، هڪ ئي گهر جي 8 ڀاتين سوڌو 10 ڄڻا فوت

شڪارپور/ٺل/لاڙڪاڻو(رپورٽ : ذوالفقارمگسي+نماڻو نوناري+مرتضيٰ ڪلهوڙو) شڪارپور ڀرسان ٻن ڪارن ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ هڪ ئي گهر جي 8 ڀاتين سميت 10 ڄڻا فوت ٿي ويا، هڪ ڳائڻي سميت 6 ڄڻا زخمي ٿي پيا، شڪارپور ڀرسان ڪرن ٿاڻي جي حد ڀيا واھ لڳ ڪراچي کان جيڪب…

ايگزٽ پول مودي جي ڪاميابي جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي

نئين دهلي (م ڊ) ڀارت جي چونڊن ۾ ايگزٽ پول نريندر مودي جي ٻيهر وزيراعظم ٿيڻ جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي آهي. جڏهن ته ماهرن خبردار ڪيو آهي ته ماضي ۾ ايگزٽ پول ڪئي ڀيرا غلط به ثابت ٿيا آهن. ايگزٽ پول موجب بي جي پي ۽ سندس اتحادي 280 کان 315 سيٽون حاصل…