Browsing Category

اڄ جي اخبار

اين آر او ڏيڻ ملڪ خلاف غداري برابر هوندو: وزيراعظم جو وري اعلان

اسلام آباد (بيورو+م ڊ) وزيراعظم عمران خان  هڪ ڀيرو ٻيهر واضح ڪيو آهي ته هو ڪنهن به صورت ۾ اين آر او نه ڏيندو. وزيراعظم عمران خان سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل پنهنجي بيان ۾ آزادي مارچ ۽ اپوزيشن تي نالو وٺڻ کانسواءِ تنقيد…

ڌرڻي جي پاليسي ناهي پر ڪور ڪميٽي نظرثاني ڪئي ته شريڪ ٿي سگهون ٿا: بلاول

بهاولپور (م ڊ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پيپلز پارٽي جي ڌرڻا پاليسي ناهي رهي، ڪور ڪميٽي فيصلو ڪيو ته پ پ پنهنجي پاليسي تي نظرثاني ڪري سگهي ٿي. بلاول ڀٽو زرداري پنجاب جي شهر بهاولپور پهچي تيز گام سانحي جي زخمين سان عيادت ڪئي،…

وزيراعظم جي استعيفيٰ بابت ڳالهه ٻڌڻ لاءِ به تيار ناهيون: جهانگير ترين

لاهور(م ڊ) تحريڪ انصاف جي اڳواڻ جهانگير ترين چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جي استعيفيٰ جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي ۽ ان ۾ ڪا به ٻي راءِ ناهي ته استعيفيٰ بابت اسان ڳالهه ٻڌڻ لاءِ تيار ناهيون ۽ اسان جي ٽيم به واضح ڪري ڇڏيو آهي، لاهور ۾ ميڊيا سان…

حڪومت احتساب ۾ ناڪام وئي: سراج الحق

لاهور(م ڊ)جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته حڪومت احتساب ۾ مڪمل طور تي ناڪام ٿي چڪي آهي، هر شعبي ۾ احتجاج ٿي رهيو آهي،منصوره ۾ اجلاس کي خطاب ڪندي هن چيو ته ان احتجاج حڪومت جي دل جي ڌڙڪن مڌم ڪري ڇڏي آهي، هن چيو ته بنافرق احتساب ٿئي…

حڪومت هوندي سنڌ ۾ن وڪريون ۽ روزگار ناهيون ڏئي سگهيا: وڏو وزير

ڀان سيدآباد ( رپورٽ: آدم مينگل )سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پنهنجي رهائشگاهه واهڙ ۾صحافين سان ڳالهائيندي چيو آهي ته مولانا جي ڌرڻي بابت رهبر ڪميٽي جو فيصلو ڪليئر هوندو، رهبر ڪميٽي ۾ ٿيندڙ فيصلي ۾ چيئرمين بلاول ڀٽو جي مشاورت هوندي آهي،…

ذوالفقار مرزا جي زرعي فارم تي هٿياربندن جو قبضو ، ڌريون مورچا بند، بدين ضلعي ۾ سخت ڇڪتاڻ

بدين / پنگريو (رازق ڏنو کوسو + ن ع آ) پنگريو ۾ 100 کان وڌيڪ هٿياربندن اڳوڻي صوبائي گهرو وزير ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا ۽ وفاقي وزير فهميده مرزا جي زرعي فارم تي قبضو ڪري مورچا سنڀالي ورتا آهن، هٿياربندن فارم جي مئنيجر سميت 3 ملازمن کي يرغمال بڻائي…

غوثپور واسي ريل حادثي ۾ فوت ٿيل چئن گهرڀاتين جا لاش نه مليا!

غوثپور/تنگواڻي (رپورٽ : عبدالغفار اوڳاهي+مهتاب ملڪ ) غوثپور ڀرسان ڳوٺ علي گوهر جعفري جا رهواسي ريل حادثي جو شڪار ٿيل 4 ڄڻن جا لاش وارثن کي نه مليا آهن، سڙي فوت ٿيلن ۾2 ڀائر امام الدين جعفري، علم الدين جعفري ۽ ٻن عورتن راحيلا ۽ خيران خاتون…

وڏو وزير مونکي قتل ڪرائڻ لاءِ بلاول هائوس ۾سازشون پيو ڪري: حليم عادل

ڪراچي (رپورٽر) پاڪستان تحريڪ انصاف سنڌ جي سينيئر اڳواڻ ۽ سنڌ اسمبلي ۾ پارليماني ليڊر حليم عادل شيخ انصاف هائوس ۾اهم پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته سنڌ ۾ پ پ ڪرپشن ختم ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، وزير اعليٰ مونکي قتل ڪرائڻ لاءِ بلاول هائوس ۾سازشو…

عمرڪوٽ جي نوجوان جا قاتل آزاد، گم ڀاءُ نه مليو، احتجاج

حيدرآباد (رپورٽر) هڪ پٽ قتل ٿي ويو ۽ ٻيو پٽ گم ڪيو ويو آهي، ٻن موڀي پٽن جي بيوس بڻيل امڙ انصاف نه ملڻ بعد دانهون ڪندي حيدرآباد پريس ڪلب تي پهچي وئي، عمرڪوٽ ليبر ڪالوني جي رهواسڻ مسمات ميران ڀيل 4 مهينا اڳ قتل ٿيل پٽ جي قاتلن جي گرفتاري ۽ 6…

“ پٽ جي خون سان انصاف ڪيو“ ٺل ۾ ٻڍڙي سراپا احتجاج

ٺل(ن ع آ) ٺل جي شهيد الله بخش سومرو ڪالوني ۾ ست سال اڳ وياج جي رقم جي مامري تان قتل ٿيل پورهيت فيض محمد چنو جي خون سان انصاف نه  ٿي سگهيو آهي،پورهيت جي امڙ مسمات غلام فاطمه چنا گذريل ڪيترن ئي ورهين کان وٺي پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪندي رهي ٿي…