Browsing Category

اڄ جي اخبار

غوثپور ڀرسان نينگري مڇي جي تلاءَ ۾ ٻڏي فوت

غوثپور (ن ع آ) غوثپور لڳ ڳوٺ واحد بخش بجاراڻي ۾ 7 ورهين جي  نينگري ڪريمان ولد محمد عالم شيخ مڇي جي فارم ۾ پير ترڪڻ سبب ٻڏي فوت ٿي وئي،  2 ڪلاڪ کان پوءِ نينگري جو لاش مڇي فارم مان هٿ ڪيو ويو، جڏهن ته  لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو. ڏاهلي…

خيرپورناٿن شاھ ڀرسان چور تالا ڀڃي اسڪول مان موٽر کڻي ويا،احتجاج

خيرپورناٿن شاھ ( ت ر) خيرپورناٿن شاهه ڀرسان ڳوٺ مراد کوسو ۾ گذريل رات دير سان نامعلوم چور پوليس پڪٽ ساهمون  مراد کوسو بوائز پرائمري اسڪول جا تالا ڀڃي موٽر نلڪو ڪولر پکا چوري ڪري ويا اسڪول جي شاگردن استادن ذولفقار کوسو ۽ ٻين احتجاج ڪندي چيو…

ميرپور ساڪري ۾ اسڪولي عمارت زبون، چاپڙ ڪرڻ سبب 2 شاگرد زخمي، تدريسي عمل بند

ميرپور ساڪرو (رپورٽ: عبدالرزاق ڪلمتي )  ميرپور ساڪري جي چئن يونين ڪائونسلن جي مين مڊل اسڪول قيصرخان بلوچ جي گذريل ڏينهن تدريسي عمل جاري ھو برسات دوران ڇت جا چاپڙ ڪري پيا جنهن سبب ستين ڪلاس جا شاگرد ممتاز پرويز ۽ شڪيل معمولي زخمي  ٿيا پيا،…

لاڙڪاڻي جي عدالت مان ڪوڙو چيڪ ڏيڻ جي الزام ۾ جوابدار کي 3 سال ٽيپ

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي جي عدالت جعلي چيڪ ڏيڻ جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي جوابدار کي 3 سال قيد ۽ 25 هزار روپيه ڏنڊ جي سزا ٻڌائي آهي. سيڪنڊ جڊيشل مئجسٽريٽ ۽ ماڊل ٽرائل ڪورٽ ٽو جي جج خالق داد جلباڻي جي عدالت ۾ قرض جي مد ۾ ورتل پئسن جي واپسي بجاءِ ڪوڙو…

لاڙڪاڻي ۾ پراڻي تڪرار تان رٽائر استاد گوليون هڻي مرڻينگ

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي شهر جي رحمت پور ٿاڻي جي حد ڀينس ڪالوني ۾ هٿياربندن فائرنگ ڪري ٽيچرس ڪالوني جي رهواسي رٽائرڊ پرائمري استاد غلام رضا نظاماڻي کي زخمي ڪرڻ بعد فرار ٿي ويا، اطلاع تي حد جي ٿاڻي جي پوليس پهچي واقعي بابت تفصيل ورتا جنهن بعد…

بلوچستان ۾ ڪرنٽ لڳڻ سبب نوجوان زخمي

لاڙڪاڻو(ڊ ر) بلوچستان جي علائقي گندا واهه ۾ بجلي جي پول مان ڪرنٽ لڳڻ سبب 18 سالن جو نوجوان سينگار علي پٽ گامڻ لاشاري سڙي سخت زخمي ٿي پيو جنهن کي وارثن کڻائي علاج لاءِ چانڊڪا اسپتال جي حادثن واري شعبي ۾ داخل ڪرايو جتي کيس طبي امداد ڏني وئي.…

ڀان سيد آباد ۾ڀوپي جو ڳوٺاڻي تي تشدد، اک هيٺان ڏنڀ

ڀان سيد آباد (ن ع آ )  ڀان سيدآباد ويجهو ڀوپي جو جن ڪڍڻ بهاني ڳوٺاڻي مختيار لغاري تي تشدد ڪندي اک هيٺان ڏنڀ ڏنا، جڏهن ته همراهه کي باهه ۾ وجهڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر هن ڀڄي جان بچائي، ان ڏس ۾ ڳوٺاڻي مختيار لغاري ٻڌايو ته مان پنھنجي امڙ ۽ ڀاءُ…

خانپور ويجھو مامن ڀاڻيجن ۾جھيڙو، 1 ڄڻو زخمي

خانپور (ن ع آ)  خانپور ويجھو رستم ٿاڻي جي حد ڳوٺ ملوڪ نون ۾ مامن ڀاڻيجن ۾ زمين جي رستي جي لنگھه تان جھيڙو ٿي پيو، جنھن سبب لٺيون سروٽا لڳڻ جي نتيجي ۾  عبدالرشيد نون زخمي ٿي پيو، جنھن کي رستم پوليس  علاج لاءِ اسپتال آندو، رستم پوليس 6 ڄڻن…

مدئجي ۾ پوليس چڙهايون، ماڻهن ۾ ڀاڄ، تشدد، 10 شڪي گرفتار

مدئجي (رپورٽ: ڪاشف ميمڻ) مدئجي ٿاڻي جي پوليس اٽالن ايس ايڇ او فداحسين گوپانگ جي اڳواڻي ۾ ڳوٺ ڇتو منگي،ڳوٺ حبيب سانگهرو سميت مختلف هنڌن ۽ هوٽلن تي چڙهايون ڪيون، جنهن دوران اتي موجود ماڻهن ۾ ڀاڄ  پئجي وئي، جنهن دوران پوليس تشدد بعد 10 کان مٿي…