Browsing Category

اڄ جي اخبار

ناليوارو صحافي ادريس بختيار لاڏاڻو ڪري ويو

ڪراچي ( رپورٽر ) نالي وارو صحافي ادريس بختيار ڪراچي ۾ دل جو دورو پوڻ ڪري لاڏاڻو ڪيو ويو، صحافي برادري ۾ سوڳ، گذريل ڏينهن ادريس بختيار ڪراچي جي دل واري اسپتال ۾ دم ڏنو، ادريس بختيار کي ٻه ڏينهن اڳ دل جو دورو پوڻ سبب ڪراچي جي دل واري اسپتال ۾…

قمري ڪئلينڊر لاءِ شريعت جا اصول نٿا ڇڏي سگهجن: پوپلزئي

اسلام آباد(م ڊ) وفاقي وزير فواد چوڌري جي قمري ڪئلينڊر تي قاسم علي خان مسجد پشاور جي پيش امام مفتي شهاب الدين پوپلزئي چڙي پيو، هڪ نجي ٽي وي سان ڳالهيون ڪندي هن چيو ته قمري ڪئلينڊر لاءِ شريعت جا اصول نٿا ڇڏي سگهون، فواد چوڌري سوچي سمجهي لفظن…

پي ايس ڊي پي مان رٿائون ختم ڪرڻ سان سنڌ ۾ احساس محرومي وڌندي : وڏو وزير

ڪراچي (رپورٽر) وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته وفاقي حڪومت سنڌ جي ايندڙ ترقياتي پروگرام پي ايس ڊي پي 20-2019ع مان 36 اهم رٿائون ختم ڪيون آهن حالانڪه انهن ۾ وڌيڪ غير ملڪي امداد تحت منصوبا هئا. هن چيو ته اها سنڌ جي ماڻهن سان ناانصافي…

وزيرستان ۽ بلوچستان واقعن تي پارلياماني ڪميشن جوڙي وڃي ، غدار سڏڻ بند ڪري حق ڏنا وڃن: اختر مينگل

اسلام آباد (م ڊ) قومي اسيمبلي ۾ وزيرستان واقعي تي ٻئي ڏينهن به بحث ڪندي علي وزير جي گرفتاري تي سوال اٿاريا ويا، اختر مينگل  قومن کي حق ڏيڻ لاءِ  ڳالهيون ڪري وزير ستان واقعي جي جاچ لاءِ پارلياماني ڪميشن جوڙڻ  جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي. اختر…

ام رباب جي گورنر سنڌ سان ملاقات، انصاف ڏيارڻ جي اپيل

ڪراچي (رپورٽر)گورنر سنڌ سان امِ رباب چانڊيو ملاقات ڪري انصاف جي فراهمي ۾مدد جي اپيل ڪئي آهي، ام رباب ڪراچي ۾ گورنر هائوس پهچي گورنر عمران اسماعيل سان ملاقات ڪئي، جنهن دوران ام رباب خاندان جي ٽن ڄڻن جي قتل جي حوالي سان هلندڙ ڪيس ۽ ان سان…

چيف سيڪريٽري ۽ يونيورسٽي بورڊ سيڪريٽري خلاف توهين عدالت درخواست داخل

حيدرآباد (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بينچ حيدرآباد ۾ سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر فتح محمد برفت سنڌ جي چيف سيڪريٽري سيد ممتاز علي شاهه ۽ سيڪريٽري يونيورسٽيز اينڊ بورڊ محمد رياض الدين خلاف توهين عدالت جي درخواست داخل ڪرائي ڇڏي…

قومي اسيمبلي آڏو ميڊيا ورڪرن جو پگهارون نه ملڻ خلاف احتجاج

اسلام آباد (بيورو+م ڊ) قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر صحافين ۽ ميڊيا ورڪرن جي پگهارن جي ادائيگي جو معاملو قومي اسيمبلي جي ڪميٽي کي ريفر ڪندي هڪ هفتي جي اندر رپورٽ ايوان ۾ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. ڪالهه اڱاري ڏينهن قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾…

رتيديري ۾وڌيڪ 7 ايڊز ڪيس ظاهر، انگ 707 ٿي ويو، موري ۾ٽن ڪيسن جي تصديق

رتوديرو/مورو/ڊگهڙي/ڊکڻ (نمائندا ) رتيديري ۾وڌيڪ 7 ايڊز ڪيس ظاهر، انگ 707 ٿي ويو، ڊکڻ هڪ ۽ موري ۾ٽن ڪيسن جي تصديق، گرفتار ڊاڪٽر وڌيڪ 6 ڏينهن جي رمانڊ تي پوليس حوالي، رتيديري تعلقي اسپتال ۾لڳل ميڊيڪل ڪئمپ تي رت جي چڪاس وارو عمل جاري آھي، جنهن…

ڪراچي ۾سرڪلر ريلوي جي متاثرن جو احتجاج، مهلت ڏيڻ جي گهر

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي ۾سرڪلر ريلوي متاثرن، ايڪشن ڪميٽي ۽ سول سوسائيٽي قيادت حاجي خان، نغما شيخ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ڪالهه ڪراچي پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، اڳواڻن ۽ متاثرن چيو ته اسان جو مطالبو اِهو آهي ته سرڪلر ريلوي جهڙي منصوبي جي…

نصيرآباد مان ٻن سالن کان گم هدايت لوهار جي دوڙ مان گرفتاري ظاهر

دوڙ (رپورٽ : مصطفى بروھي ) 2 سالڳ نصيرآباد جي اسڪول مان کنڀي گم ڪيل پرائمري استاد هدايت لوهار جي دوڙ مان گرفتاري ظاهر ڪئي وئي آهي، نوابشاهه ۽ دوڙ پوليس دعويٰ ڪئي آهي ته گشت دوران رضا آباد جي علائقي ڀرسان ناڪا بندي ڪري ھڪ شخص نالي ھدايت الله…