Browsing Category

1.پهريون صفحو

قمبر ۾ بدامني، 3 چوري جون وارداتون، شهرين جو احتجاج

قمبر (رپورٽ: دائود سيال ) قمبر جا سياسي سماجي اڳواڻ ۽ شهري بدامني خلاف روڊن تي نڪري آيا، احتجاجي مظاهرو،  گذريل رات شهر جي امام بارگاهه روڊ تي دڪانن جا تالا ٽوڙي علي رضا گوپانگ جو  ٽريڪٽر ۽ سي ڊي موٽر سائيڪل، عبدالرزاق ٻرڙو جي ڪريانه مرچنٽ…

چانڊڪا اسپتال ۾ دوائن جي کوٽ، مشينري خراب، ايم ايس مقرر نه ٿيو، مريض دربدر

لاڙڪاڻو(رپورٽ: مرتضيٰ ڪلهوڙو) اتر سنڌ جي سڀ کان وڏي چانڊڪا اسپتال ۾ گذريل هڪ مهيني کان ايم ايس مقرر نه ٿيڻ جي ڪري مريض ۽ سندن جا وارث دربدر ٿي ويا آهن، اسپتال ۾ دوائن جي کوٽ توڙي ايڪسري مشينون خراب ٿيڻ تي مريض ۽ سندن جا وارث سخت مشڪلاتن کي…

ڪرمپور ۾ بدامني، چور صحافي جي موٽرسائيڪل ڪاهي فرار

ڪرمپور (ن ع آ) ڪرمپور ۾   نامعلوم چاٻي چور صحافي اميت ڪمار جي موٽرسائيل ڪاهي فرار ٿي ويا، پوليس تحرڪ نه ورتو،    پريس ڪلب ۾ صحافي پاران گڏجاڻي ڪري ڪرمپور پوليس کي ٻن ڏينهن جي مهلت ڏني وئي،  صحافين چيو ته شهر ۾ بدامني ۾ ڏينهون ڏينهن اضافو ٿي…

سنڌ ۽ وفاق جي ڪڻڪ تي سياست، ڪراچي کان خيبر تائين اٽو ملڻ خواب بڻجي ويو

اسلام آباد/ڪراچي/ سيالڪوٽ (م ڊ) ملڪ ۾ اٽي جو بحران سنگين ٿي ويو. ڪراچي سميت وڏن شهرن ۾ اٽي جو اگهه 70 کان هيٺ نه ٿيو. ڪراچي ۾ في 10 ڪلو جي ٻوري تي اڍائي سئو رپيا واڌ ٿي وئي. پنجاب ۾ 20 ڪلو اٽي جي قيمت ۾ 100 رپيا ۽ 85 ڪلو اٽي جي ٻوري جي اگهه…

اٽو مهانگو، ڊي سيز اٽي جي اگهن ۾ واڌ تي ڪنٽرول ڪن: وڏو وزير

ڪراچي ( رپورٽر  ) وڏي وزير مراد علي شاهه سمورن ڊي سيز کي اٽي جي اگهن ۾ واڌ کي فوري ڪنٽرول ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته پاسڪو طرفان 3 لک ٽن ڪڻڪ رکي وئي آهي، اربع تائين بحران ٽري ويندو. سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه جاري ٿيل هڪ بيان ۾ چيو آهي…

ڇا اٽي جو بحران رڳو سنڌ ۾ آهي: ناصر شاهه

ڪراچي (رپورٽر ) مڪاني کاتي واري صوبائي وزير سيد ناصر شاهه چيو آهي ته آءِ جي پوليس واري معاملي کي هروڀرو سياسي بڻايو پيو وڃي، اٽي جو بحران جيڪڏهن رڳو سنڌ ۾ آهي ته پوءِ اسان ڏوهاري آهيون. ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي سيد ناصر شاهه چيو آهي ته…

ملڪ ۾ اٽي جو بحران نيازي سرڪار جي ناڪامي آهي: فضل الرحمان

اسلام آباد ( م ڊ) جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته ملڪ ۾ اٽي جو بحران نيازي سرڪار جي ناڪامي جو ثبوت آهي.  ميڊيا سان ڳالهائيندي مولانا فضل الرحمان چيو ته اٽو مهانگو ڪرڻ عوام جي وات مان گرهه کسڻ برابر آهي. هن چيو ته رياست…

اٽي جي بحران جي ذميوار سنڌ حڪومت آهي: حليم عادل

ڪراچي (رپورٽر) پاڪستان تحريڪ انصاف مرڪزي نائب صدر ۽ سنڌ اسمبلي ۾ پارليماني ليڊر حليم عادل شيخ، اپوزيشن ليڊر فردوش شميم نقوي، ڪراچي ڊويزن جي صدر خرم شير زمان انصاف هائوس ۾اهم پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪيو ان موقعي تي پي ٽي آئي ايم اين اي آفتاب…

ملڪ ۾ مهانگائي جو سبب ن ليگ جي قيادت آهي: فواد چوڌري

جهلم ( م ڊ ) سائنس ۽ ٽيڪنالوجي واري وفاقي وزير فواد چوڌري مسلم ليگ ن جي ترجمان مريم اورنگزيب  جي مهانگائي جي حوالي سان ڏنل بيان تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته پهريان اوهان آسٽريليا ۽ اوهان جي ليڊر شپ لنڊن مان واپس اچن، هيٺئين طبقي جي غم ۾ اوهان…

گهوٽڪي جي اسٽالن تان ڏيڍ مهيني ۾14 هزار مڻ اٽو خريد ڪيو ويو

گهوٽڪي (ڊ ر)  ضلعي انتظاميه گهوٽڪي پاران قائم ڪيل سستي اٽي جي اسٽالن تان عوام ڀرپور فائدو حاصل ڪرڻ لڳو، ضلعي واسين ڏيڍ مهيني دوران 14 هزار 260 مڻ اٽو خريد ڪيو. تفصيل موجب اٽي جي وڌندڙ قيمتن کي نظر ۾ رکندي ضلعي جي عوام کي 40 روپيا في ڪلو…