Browsing Category

رانديون

حسن علي، وسيم اڪرم سميت ڪيترن ئي بالرن جا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا

هراري (ويب ڊيسڪ) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي فاسٽ بالر حسن علي 12 ٽيسٽ ميچن ۾ 50 وڪيٽون مڪمل ڪري وسيم اڪرم سميت ڪيترن ئي بالرن جا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا. زمبابوي خلاف پهرين ٽيسٽ ميچ دوران شاهين آفريدي پنهنجي ڪيريئر جي 16هين ٽيسٽ ميچ ۾ 50 وڪيٽون…

پاڪستان پهرين ٽيسٽ ميچ ۾ زمبابوي کي اننگز ۽ 116 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي

هراري (ويب ڊيسڪ) پاڪستان پهرين ٽيسٽ ميچ ۾ زمبابوي کي اننگز ۽ 116 رنسن تان شڪست ڏئي 2 ميچن جي سيريز ۾ 0-1 جي سرسي حاصل ڪري ورتي. هراري ٽيسٽ جي ٽئين ڏينهن قومي ٽيم پهرين اننگز ۾ 426 رنسون ٺاهي زمبابوي خلاف 250 رنسن جي سرسي حاصل…

بريٽ لي به ڀارت لاءِ وڏي رقم عطيو ڪري ڇڏي

ڪينبرا (ويب ڊيسڪ) آسٽريلوي فاسٽ بالر پيٽ ڪمنز کانپوءِ اڳوڻي اسپيڊ اسٽار بريٽ لي به ڀارت ۾ ڪورونا مريضن لاءِ آڪسيجن جي کوٽ پوري ڪرڻ لاءِ وڏي رقم عطيو ڪري ڇڏي. بريٽ لي ٽوئيٽر تي پنهنجي بيان ۾ پيٽ ڪمنز جي قدم کي ساراهيندي 41 لکن…

هراري ٽيسٽ ۾ پاڪستاني بالر ۽ بيٽسمين ڇانئجي ويا، زمبابوي ڏکيائين جو شڪار

هراري (ويب ڊيسڪ) هراري ٽيسٽ جي پهرين ڏينهن زمبابوي جي ٽيم 176 رنسن تي ڍير ٿي وئي، جڏهن ته پاڪستان بنا ڪنهن نقصان جي 103 رنسون ٺاهي ورتيون ۽ ان کي زمبابوي جي سرسي ختم ڪرڻ لاءِ رڳو 73 رنسن جي ضرورت آهي. هراري ۾ شروع ٿيندڙ پهرين…

محمد رضوان ٽاپ 10 ٽي ٽوئنٽي بيٽسمينن ۾ شامل

دبئي (ويب ڊيسڪ) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي وڪيٽ ڪيپر بيٽسمين محمد رضوان کي پنهنجي محنت جو نتيجو ملي ويو ۽ هن ٽي ٽوئنٽي رينڪنگ ۾ ڪيريئر جي بهترين پوزيشن تي اچي ويو آهي. انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل جي تازي ٽي ٽوئنٽي رينڪنگ ۾ محمد رضوان کي ٽاپ 10 بيٽسمينن…

بابر اعظم ٽوئيٽر تي به ڇانئجي ويو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جو ڪپتان بابر اعظم راندين جي ميدان کانپوءِ سوشل ميڊيا تي به ڇانئجي ويو. آءِ سي سي ون ڊي رينڪنگ ۾ پهرين نمبر تي موجود بابر اعظم جي تصديق ٿيل ٽوئيٽر اڪائونٽ تي فالوئرز جو انگ 2 ملين ٿي ويو آهي.…

شنيرا اڪرم پاڪستان ۽ ڀارت ۾ اتحاد لاءِ پراميد

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي قومي ڪرڪيٽر وسيم اڪرم جي گهرواري شنيرا اڪرم به ڀارت ۾ ڪورونا جي خراب صورتحال تي پاڪستانين جي خير سگالي واري جذبي جي تعريف ڪئي آهي. ٽوئيٽر تي ٽوئيٽ ڪندي شنيرا اڪرم لکيو ته پاڪستان ۾ هر پاسي ڀارت لاءِ…

آسٽريلوي ڪرڪيٽر پيٽ ڪمنز ڀارتين جي مدد لاءِ ميدان ۾ اچي ويو

ڪينبرا (ويب ڊيسڪ) آسٽريلوي ڪرڪيٽ ٽيم جي فاسٽ بالر پيٽ ڪمنز ڀارت ۾ ڪورونا مريضن لاءِ آڪسيجن جي کوٽ پوري ڪرڻ لاءِ 50 هزار ڊالرن جي رقم عطيو ڪري ڇڏي. ٽوئيٽر تي جاري بيان ۾ پيٽ ڪمنز چيو ته هن ڏُک جي گهڙي ۾ ڀارت ۽ ڀارتي عوام سان دلي…

ڏکڻ آفريقي ڪرڪيٽر گهرواري سوڌو اسلام جي دائري ۾ داخل

جوهانسبرگ (ويب ڊيسڪ) ڏکڻ آفريقي ڪرڪيٽر بيجون فورٽن گهرواري سميت اسلام قبول ڪري ورتو. پرڏيهي ميڊيا موجب بيجورن فوٽن گذريل رات پنهنجي گهرواري سان گڏ اسلام جي دائري ۾ داخل ٿيڻ جو اعلان ڪيو ۽ پنهنجو نالو عماد رکيو آهي. ڏکڻ…

بابر اعظم تيز ترين 2 هزار ٽي ٽوئنٽي رنسون ٺاهيندڙ دنيا جو پهريون بيٽسمين بڻجي ويو

دبئي (ويب ڊيسڪ) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جو ڪپتان بابر اعظم تيز ترين 2 هزار ٽي ٽوئنٽي رنسون مڪمل ڪندڙ دنيا جو پهريون بيٽسمين بڻجي ويو آهي. بابر اعظم زمبابوي خلاف آخري ٽي ٽوئنٽي ميچ دوران شاندار ففٽي اسڪور ڪري اهڙو اعزاز پنهنجي نالي ڪيو ۽…