Browsing Category

سنڌ سماچار

عامر خان، خالد مقبول کي هٽائي امين الحق کي وزير بڻائڻ چاهي ٿو: مصطفيٰ ڪمال

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪ سرزمين پارٽي (پي ايس پي) جي چيئرمين مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته متحدا قومي موومينٽ ڪراچي وارن جو نالو وٺي استعفيٰ جو بحران پيدا ڪري ڇڏيو آهي ۽ ايم ڪيو ايم اڳواڻ عامر خان پارٽي جي ڪنوينر خالد مقبول صديقي کي هٽائي پنهنجن ماڻهن…

چمبڙ ۾ شارٽ سرڪٽ سبب لڳل باهه ٻه گهر ۽ دڪان ساڙي ڇڏيو

چمبڙ (ويب ڊيسڪ) چمبڙ ويجھو ڳوٺ بخشو حاجاڻي ۾ بجلي جي شارٽ سرڪٽ سبب ٻن گھرن سميت ھڪ کاڌي پيتي واري شين جي دڪان کي خطرناڪ باهه وڪوڙي ورتو، جنهن جي نتيجي ۾ دوڪان جو سامان ۽ روڪ رقم سميت الهھ تلهھ سڙي رک ٿي ويو. چمبڙ ٽائون ڪميٽي جي ڳوٺ بخشو…

ڪراچي: لانڍي ۾ ڦر دوران مزاحمت تي نينگر قتل

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي لانڍي واري علائقي ۾ هٿياربندن ڦر دوران مزاحمت تي نينگر کي قتل ڪري ڇڏيو. 16 جنوري جي صبح سوير لانڍي نمبر هڪ واري علائقي ۾ بسم الله ملڪ شاپ تان موٽر سائيڪل سوار ٻن هٿياربندن ڦر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ مزاحمت…

فيصل واوڊا ڪهڙو پيغام ڏيڻ پئي چاهيو؟ رضا رباني

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پ پ اڳواڻ رضا رباني چيو آهي ته وفاقي وزير فيصل واوڊا جو ٽاڪ شو ۾ رويو نامناسب هو، اهڙي رويو سياست ۾ ڪڏهن نه نظر آيو. سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي رضا رباني چيو ته پيمرا جو قانون اجازت نٿو ڏئي ته ٽاڪ شو…

امتياز شيخ الزام رد ڪري ڇڏيا، ايس ايس پي خلاف قانوني ڪارروائي جو اعلان

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي توانائي واري وزير امتياز شيخ ايس ايس پي شڪارپور جي الزامن کي رد ڪندي سندس خلاف قانوني ڪارروائي جو اعلان ڪري ڇڏيو. پنهنجي آفيس ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي امتياز شيخ چيو ته سنڌ حڪومت کي غير مستحڪم ڪرڻ جي سازش ۾…

خيرپور ۾ اڻڄاتل ماڻهن درزيءَ جي دڪان کي باهه ڏئي ڇڏي، لکن جو نقصان

خيرپور (ويب ڊيسڪ) خيرپور ۾ اڻڄاتل ماڻهو درزي جي دڪان کي باهه ڏئي لکين رپين جي ماليت جو سامان ساڙي فرار ٿي ويا. فيض آباد ڪالوني ۾ ڪجهه اڻڄاتل ماڻهن درزي محمد حنيف ڀٽي جي دڪان کي باهه ڏئي لکين روپين جي ماليت جو پيل سامان ساڙي فرار ٿي ويا.…

پني عاقل ۾ تيز رفتار ٽرڪ موٽرسائيڪل سوار شخص جي حياتي کسي ڇڏي

پنوعاقل (ويب ڊيسڪ) پنو عاقل ۾ تيز رفتار ٽرڪ موٽرسائيڪل نوجوان کي چيڀاٽي ڇڏيو. پنوعاقل لڳ ٽرڪ جو ٽڪر لڳڻ سبب موٽرسائيڪل سوار هڪ شخص چيڀاٽجي فوت ٿي ويو. ڳوٺ خير محمد بلو جو رهواسي سيفل بلو پنوعاقل کان روھڙي وڃي رهيو هو ته ڀٽا فروٽ فارم وٽ…

جان محمد سوسائٽي جو پوليس اهلڪار ڊيوٽي تي ويندي دل جو دورو پوڻ سبب فوت

جان محمد سوسائٽي (ويب ڊيسڪ) جان محمد سوسائٽي ۾ پوليس اهلڪار ڊيوٽي تي وڃڻ دوران دل جو دورو پوڻ سبب فوت ٿي ويو. عادلپور جي يوسي کونهارا جو رهواسي گهوٽڪي ٿاڻي جو پوليس اهلڪار محمد يعقوب ٽڳڙ ڳوٺ کان گهوٽڪي ٿاڻي تي ڊيوٽي لاءِ وڃي رهيو هو ته…

اوٻاوڙو ۾ ويگن جو ڪار کي ٽڪر، 3 ڄڻا زخمي

اوٻاوڙو (ويب ڊيسڪ) اوٻاوڙو ۾ ويگن جو ڪار کي زوردار ٽڪر لڳڻ جي نتيجي ۾ ڳوٺ دودو ڀٽو جا رهواسي ٽي ڄڻا زخمي ٿي پيا. اوٻاوڙو لڳ قومي شاھراھ ٽول پلازا وٽ تيز رفتار ڪار ۽ ويگن جو ٽڪر ٿي پيو، حادثي جي نتيجي ۾ ڪار ۾ سوار دودو ڀٽو، پهلوان ڀٽو ۽…

پوليس ڪچي ۾ آپريشن جي ناڪامي جو ذميوار امتياز شيخ کي قرار ڏئي ڇڏيو

شڪارپور (ويب ڊيسڪ) شڪارپور پوليس ڪچي ۾ آپريشنز جي ناڪامي جو ذميوار امتياز شيخ کي قرار ڏيندي الزام هنيو آهي ته صوبائي وزير امتياز شيخ ڏوهارين کي پناهه ڏيڻ سان گڏ ساڻن رابطي ۾ رهندو آهي، ميڊيا رپورٽن موجب ايس ايس پي شڪارپور طرفان ڊي آءِ جي…