Browsing Category

انٽرنيشنل

جنرل قاسم سليماني جو ويجهو ساٿي قاتلاڻي حملي ۾ مارجي ويو

تهران (ويب ڊيسڪ) ايران جي پيرا ملٽري فوج بسيج جي ڪمانڊر عبدالحسين مجدمي کي اڻڄاتل ماڻهن فائرنگ ڪري قتل ڪري ڇڏيو. ڪمانڊر عبدالحسين مجدمي کي صوبي خوزستان جي شهر درخوين ۾ گهر  آڏو منهن ڍڪيل ماڻهن نشانو بڻايو. پيرا ملٽري فوج جي سربراهه…

ڊونلڊ ٽرمپ ۽ اشرف غني جي ملاقات، سڪيورٽي صورتحال تي ڳالهيون

ڊيووس (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ۽ افغان صدر اشرف غني وچ ۾ عالمي اقتصادي فورم جي سائيڊ لائن ۾ ملاقات ٿي آهي. ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن افغانستان جي سيڪيورٽي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ان موقعي تي ڊونلڊ ٽرمپ پنهنجي افغان هم منصب…

چين ۾ ڪورونا وائرس 17 ماڻهن کي موت جي ننڊ سمهاري ڇڏيو، 547 متاثر

بيجنگ (ويب ڊيسڪ) چين جي شهر ووهان مان پکڙجندڙ پراسرار ڪورونا وائرس ملڪ جي ٻين شهرن ۾ به پکڙجڻ لڳو. چين ۾ خطرناڪ ڪورونا وائرس کان 17 ڄڻا فوت ويا آهن جڏهن ته 547 کان وڌي ماڻهو متاثر پڻ ٿيا آهن. چين جي صحت کاتي وائرس کي پکڙجڻ کان بچائڻ لاءِ…

انصاف واري عالمي عدالت ميانمار کي روهنگيا مسلمانن بابت اهم حڪم ڏئي ڇڏيا

دي هيگ(ويب ڊيسڪ) انصاف واري عالمي عدالت ميانمار کي حڪم ڏنو آهي ته هو پنهنجي ملڪ ۾ روهنگيا مسلمانن جي نسل ڪشي روڪڻ لاءِ هر ممڪن بندوبست ڪري. نيدرلينڊز جي شهر دي هيگ ۾ قائم انصاف واري عالمي عدالت جي هيڊ ڪوارٽرز ۾ ميانمار تي روهنگيا مسلمانن…

ڊونلڊ ٽرمپ جي عراقي هم منصب براهم صالح سان ملاقات…!

ڊيووس(ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ۽ هن جي عراقي هم منصب براهم صالح جي ملاقات کان پوءِ وائٽ هائوس چيو آهي ته ٻنهي اڳواڻن عراق ۾ آمريڪين فوجي ڪردار کي جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو آهي. سوئٽزرلينڊ جي شهر ڊيووس ۾ جاري عالمي اقتصادي فورم جي 50هين…

ڀارتي سپريم ڪورٽ تڪراري شهريت واري بل تي عملدرآمد روڪڻ واري درخواست رد ڪري ڇڏي

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي سپريم ڪورٽ نئين شهريت واري بل تي عملدرآمد روڪڻ جي مطالبي کي رد ۽ حڪومت کي وقت ڏيندي چيو آهي ته ججن جو پنج رڪني بينچ سمورن اعتراضن جو جائزو وٺندو. تڪراري بل جي مخالفت ڪندڙ ماڻهن جو مڃڻ آهي ته ان بل ذريعي مسلمانن…

ٻوڏ جو وهڪرو ڏسڻ لاءِ گڏ ٿيل شاگرد حياتي وڃائي ويٺا…!

جڪارتا (ويب ڊيسڪ) انڊونيشي ٻيٽ سماٽرا ۾ پنڌ هلندڙن لاءِ ٺاهيل پُل تان ڪِري 9 ڄڻا فوت ٿي ويا. انڊونيشيا ۾ آچر ڏينهن پوندڙ تيز برسات ان حادثي جو سبب بڻي ۽ ڪنهن حد تائين ٺاهيل ڪمزور پل درياهه ۾ ايندڙ ٻوڏ جو وهڪرو برداشت نه ڪري…

يمني فوجين تي حملو دهشتگرد ڪارروائي قرار

رياض (ويب ڊيسڪ) سعودي عرب يمني فوجين تي يمني حوثي مليشيا جي حملي جي سخت مذمت ڪندي ان کي دهشتگرد ڪارروائي قرار ڏنو آهي. سعودي پرڏيهي وزارت موجب اهو حملو ظاهر ڪري ٿو ته حوثي مليشيا جي نظر ۾ مقدس هنڌن جي ڪا حيثيت ناهي. واضح رهي…

ايٽمي ڊيل جو احترام ڪيون ٿا: ايران

تهران (ويب ڊيسڪ) ايراني پرڏيهي وزارت چيو آهي ته تهران حڪومت هاڻ به 2015 ۾ طئي ٿيندڙ ايٽمي ڊيل جو احترام ڪري ٿي. ايران جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان عباس موسوي طرفان جاري ڪيل بيان ۾ گڏيل قومن جي کُٽڪن کي بي بنياد قرار ڏنو ويو آهي.…

سعودي عرب حوثي باغين جو بيلسٽڪ ميزائل حملو ناڪام بڻائي ڇڏيو

رياض (ويب ڊيسڪ) سعودي فورسز حوثي باغين جو بيلسٽڪ ميزائل حملو ناڪام بڻائي ڇڏيو. عرب اتحاد جي ترجمان موجب حوثي باغين بيلسٽڪ ميزائل ذريعي سعودي عرب جي ڪنهن شهر کي نشانو بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي پر سعودي ايئر ڊفينس طرفان نشاني تي پهچڻ کان…