Browsing Category

انٽرنيشنل

برقعي تي پابندي شيو سينا جي چونڊن تي اثرانداز ٿيڻ جي سازش قرار

حيدرآباد (ويب ڊيسڪ) ڀارتي رياست تلنگانا جي تخت گاهه حيدرآباد جي پارليامينٽ ميمبر ۽ لوڪ سڀا جي اميدوار اسدالدين اويسي هندو انتهاپسند تنظيم شيو سينا طرفان برقعي تي پابندي جي مطالبي کي بنيادي انساني حقن جي ڀڃڪڙي قرار ڏنو آهي. شيو…

وڪي ليڪس جي باني کي قيد جي سزا…..

لنڊن(ويب ڊيسڪ) وڪي ليڪس جي شريڪ باني جولين اسانج کي لنڊن ۾ 50 هفتن جي قيد جي سزا ٻڌائي وئي، جولين اسانج کي ضمانت جي ڀڃڪڙي تي سزا ڏني وئي. 47 سالن جي هيڪر کي لنڊن جي عدالت جي جج سزا ٻڌائي. سزا ٻڌائڻ وقت به جولين اسانج پروقار انداز ۾ بيٺل…

شيو سينا پاران ڀارت ۾ برقعي تي پابندي جو مطالبو

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ ) ڀارتي هندو انتها پسند تنظيم شو سينا ڀارتي وزيراعظم نريندرا مودي کان سڄي ملڪ ۾ برقعي تي پابندي هڻڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو. پرڏيهي خابرو اداري موجب شوسينا پنهنجي مراٺي اخبار ” سامنا “ جي ايڊيٽوريل ۾ ڀارتي وزيراعظم کان…

ڀارتي رياست مهاراشٽرا ۾ مائو باغين جو فورسز تي حملو، 16 اهلڪار مارجي ويا

مهاراشٽرا ( ويب ڊيسڪ ) مائو باغين جي حملي ۾ ڀارت جي ڪوئيڪ رسپانس فورس جا 16 اهلڪار مارجي ويا آهن. پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن موجب مائو باغين ڀارتي رياست مهاراشٽرا جي ضلعي گدچرولي ويجهو ڳوٺ ۾ پنجويهه کان وڌيڪ گاڏين کي باهه ڏئي ڇڏي، واقعي کان…

جاپان ۾ ٻن صدين کانپوءِ پهريون ڀيرو بادشاهه تخت ڇڏي ڏنو

ٽوڪيو (ويب ڊيسڪ) 30 سال حڪمراني کانپوءِ جاپاني بادشاهه پنهنجي عهدي تان هٿ کڻي ڇڏيو آهي. 85 ورهين جي آڪي هيٽو پنهنجي آخري خطاب ۾ حمايت تي قوم جا ٿورا مڃيندي پنهنجي پٽ نارو هيٽو جي قيادت ۾ هڪ نئين، مستحڪم ۽ خوشحال دور جي خواهش جو…

آمريڪا جو سي پيڪ بابت وڏو مطالبو …..

واشنگٽن(ويب ڊيسڪ) آمريڪا جي نائب پرڏيهي وزير ايلس ويلز جو چوڻ آهي ته چائنا پاڪ اقتصادي راهداري ( سي پيڪ) سٺو منصوبو آهي پر ان ۾ شفافيت هئڻ گهرجي. اسلام آباد ۾ ميڊيا نمائندن کي بريفنگ ڏيندي ايلس ويلز جو چوڻ هو ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ۽…

گڏيل عرب رياستن جي جاسوس ترڪي ۾ آپگھات ڪري ڇڏيو

استنبول (ويب ڊيسڪ)ترڪي جي اختيار جو چيو آهي ته گڏيل عرب رياستن سان واسطو رکندڙ مبينا جاسوس جيل ۾ آپگھات ڪري ڇڏيو. پرڏيهي ميڊيا رپورٽ موجب ترڪي جي پراسيڪيوٽر آفيس مان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته جوابدار جي سڃاڻپ رڪي وائي ايم حسن نالي…

جنگي جنون ۾ ورتل ڀارت پنهنجي دفاعي بجيٽ وڌائي ڇڏي

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت فوجي طاقت وڌائڻ لاءِ دنيا جو چوٿون وڏو ملڪ بڻجي ويو آهي جنهن جي دفائي بجيٽ 66 ارب ڊالر تائين پهچي وئي آهي. اسٽاڪ هوم ريسرچ انسٽيٽيوٽ موجب ڀارت پنهنجي دفاعي بجيٽ ۾ 3.1 سيڪڙو واڌ ڪئي آهي جنهن کان پوءِ ڀارت جو…

داعش سربراهه پنجن سالن بعد منظر عام تي

بغداد (ويب ڊيسڪ) شدت پسند تنظيم دولت اسلاميا جي سربراهه ابوبڪر البغدادي جي پنجن سالن بعد ويڊيو منظر عام تي اچي وئي جنهن ۾ڻ هو شام ۽ عراق ۾ داعش جي حڪومت جي خاتمي جو بدلو وٺڻ جو اعلان ڪري رهيو آهي. پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب ابوبڪر البغدادي…

نيوزيلينڊ، ڪرائسٽ چرچ مان بم برآمد، شڪي گرفتار

ويلنگٽن (ويب ڊيسڪ) نيوزيلينڊ جي شهر ڪرائسٽ چرچ ۾ پوليس هڪ شخص کان بم هٿ ڪري ان کي گرفتار ڪري ورتو. پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب نيوزيلينڊ جي شهر ڪرائسٽ چرچ جي علائقي فلپس ٽائون ۾ بم جا اطلاع ملڻ بعد پوليس فوري طور تي پهچي علائقي کي ڪڙو ڇاڙهي…