Browsing Category

انٽرنيشنل

ڀارتي جيل ۾ قيد وڌيڪ هڪ پاڪستاني حياتي جي وڃائي ويٺو

نئين دهلي ( ويب ڊيسڪ ) ڀارتي جيل ۾ قيد وڌيڪ هڪ پاڪستاني مهاڻو فوت ٿي ويو آهي،  ڪراچي جي رهواسي محمد سهيل کي ڀارتي فورسز سال 2016ع ۾ سامونڊي حدن جي ڀڃڪڙي جي الزام ۾ گرفتار ڪيو هو. جيل ۾ قيد محمد سهيل اڄ دم ڌڻي حوالي ڪيو جڏهن ته اڃا تائين…

آمريڪا معافي نه ورتي ته… ايراني صدر واضح ڪري ڇڏيو

تهران (ويب ڊيسڪ) ايراني صدر حسن روحاني چيو آهي ته آمريڪا اسان تي پنهنجو دٻاءُ ختم ڪري ۽ معذرت ڪري پوءِ ئي ان سان ڳالهين لاءِ راضي ٿينداسين. اڄ اربع ڏينهن رياستي ميڊيا تي پنهنجي هڪ بيان ۾ روحاني چيو ته ايران سدائين سفارتڪاري ۽…

سريلنڪا ۾ ڌماڪا… ڀارت اڳ ئي خبردار ڪيو هو

ڪولمبو (ويب ڊيسڪ) سريلنڪا جي ڳجهي ايجنسي جي اختيارين  کي مبيناطور تي داعش طرفان ڪيل ڇرڪائيندڙ حملن جا اطلاع ڪجهه ڪلاڪ اڳ  ئي ملي چڪا هئا جنهن ۾ 3 سئو کان وڌيڪ ماڻهو مارجي ويا هئا. خيال رهي ته آچر ڏينهن ايسٽر جي موقعي تي آپگھاتي بمبارن 3…

منهنجا ٽوئٽر تي فالوورز گھٽ ڇو آهن؟ آمريڪي صدر جي ٽوئٽر چيف سان شڪايت

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ٽوئٽر چيف جيڪ ڊورسي سان ملاقات ڪئي جنهن دوران هن ٽوئٽر تي پنهنجن فالوورز جو انگ گھٽ هجڻ جي شڪايت ڪري ڇڏي. پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب اوول آفيس ۾ ٿيل ملاقات دوران ڊونلڊ ٽرمپ ٽوئٽر چيف سان ڳالهه ٻولهه…

جاپان جي يونيورسٽي ۾ سگريٽ ڇڪيندڙ استادن جي داخلا تي پابندي لاڳو

ٽوڪيو (ويب ڊيسڪ) جاپاني يونيورسٽي سگريٽ جو نشو ڇڏرائڻ لاءِ سگريٽ ڇڪڻ جي عادي استادن تي يونيورسٽي ۾ داخل ٿيڻ تي پابندي لڳائي ڇڏي. سگريٽ هجي يا چانهه جيڪڏهن عادت پئجي وڃي ته ڇڏرائڻ ڏکيو ٿي ويندو آهي پر جاپان جي ناگاساڪي نالي يونيورسٽي…

ايران تي آمريڪي پابندين سبب عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جو اگھه وڌي ويو

واشنگٽن /تهران (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر جي فيصلي جا اثر سموري دنيا ۾ ظاهر ٿيڻ لڳا، عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جو اگھه 2019ع جي بلند سطح تي پهچي ويو. نئون اگھه 74.25 ڊالر في بيرل مقرر. ايران تي آمريڪي پابندين کانپوءِ عالمي مارڪيٽ ۾ روزانو  12 لک بيرل…

ايسٽر ڌماڪن ۾ ملوث ڪير……….؟

ڪولمبو (ويب ڊيسڪ) سريلنڪن پوليس چيو آهي ته ايسٽر جي موقعي تي ٿيل بم ڌماڪن ۾ هڪ عورت سميت 9 آپگھاتي حملو ڪندڙ ملوث هئا. پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب سريلنڪا جي گاديءَ واري هنڌ ڪولمبو  ۾ سريلنڪن پوليس جي سربراهه ۽ نائب پرڏيهي وزير روان وجي وردني…

سريلنڪن حملا… نيوزيلينڊ جي وزيراعظم وضاحت ڪري ڇڏي

ويلنگٽن (ويب ڊيسڪ) نيوزيلينڊ جي وزيراعظم جيسنڊا آرڊرن چيو آهي ته سريلنڪا ۾ ٿيندڙ ڌماڪن جو گذريل مهيني ڪرائسٽ چرچ جي مسجدن ۾ ٿيندڙ دهشتگردي سان واسطو هجڻ جو ڪو ڳجهو اطلاع ناهي مليو. آچر ڏينهن سريلنڪا ۾ هڪٻئي پويان ٿيل 8 بم ڌماڪن…

فلپائن ۾ زلزلو،  يارنهن ڄڻا فوت، ڪيترائي زخمي

منيلا ( ويب ڊيسڪ ) فلپائن ۾ 6.1  جي شدت سان آيل زلزلي وڏي پئماني تي تباهي مچائي ڇڏي آهي جنهن جي نتيجي ۾ 11 ڄڻا فوت ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا آهن. پرڏيهي خابرو اداري موجب فلپائن جي گادي واري شهر منيلا جي اتر اوڀر وارن علائقن ۾ 6.1 جي شدت سان آيل…