ڏاچيءَ جو کير شگر ۾ فائديمند قرار

لنڊن (ويب ڊيسڪ) اوڀر جيان اولهه ۾ به ڏاچيءَ جي کير جي استعمال جو رجحان جاري آهي ۽ ماهرن چيو  آهي ته انسانن بدران جانورن تي ان جا تجربا ڪيا ويا آهن ۽ هڪ نئين تحقيق مان خبر پئي آهي ته ڏاچي جو کير ٽائپ ٽو شگر ۾ فائيديمند ثابت ٿي سگھي ٿو.

ڏاچي جو کير، ڏهي ۽ مکڻ وغيره پنهنجي زبردست غذائيت سبب عالمي شهرت رکندڙ آهن ڇو جو انهن ۾ وٽامن سي، فولاد، ڪيلشيئم، انسولين ۽ پروٽين جو وڏو مقدار موجود هوندو آهي.

ان ڪري ماهرن ڏاجي جي کير ۾ موجود سڻڀ تي تحقيق ڪئي آهي. جيتوڻيڪ اسان جي جسم ۾ اندروني ساڙو ۽ سوڄ حقيقت ۾ ان وقت ٿيندي آهي جڏهن جسم اندروني جراثيمن سان وڙهندو آهي پر ٿولهه ۽ شگر جي ڪيفيت ۾ اندروني جسماني ساڙو هڪ لاڳيتو وبال بڻجي ويندو آهي.

جسماني سڻڀ م موجود هڪ خاص قسم جو خليو (جيو گھرڙو) جنهن کي ميڪروفيج چيو ويندو آهي اهو اندروني سوڄ ۾ مک ڪردار ادا ڪندو آهي. ڪارڊف ميٽروپوليٽن يونيورسٽي ۾ بايوميڊيل سائنسس جي پروفيسر ڪائٿ مور ۽ سندس ساٿين سڻڀ ۾ موجود ميڪروفيج کي ڏاچيءَ جي کير جي لائپڊز ( هڪ قسم جي سڻڀ) ۾ ملايو ۽ ان جو غور سان مطالعو ڪيو.

ڪيترن تجربن کان پوءِ ماهر اهو ڄاڻي حيران ٿي ويا ته ڏاچيءَ جي کير جي سڻڀ ميڪروفيج کي گھٽ ڪيو پر ساڙو پيدا ڪندڙ هڪ پروٽين “انفليميسوم” کي به گھٽ ڪري ڇڏيو.

جيڪڏهن تجربي کان پوءِ انسانن لاءِ اهو ڪم جوڳو ٿي وڃي ٿو ته ٽائپ ٽو شگر ۾ پيدا ٿيندڙ ساڙو ۽ سوڄ کي گھٽ ڪري سگھجي ٿو. ان ڪري ڏاچيءَ جي کير کي شگر جي مريضن لاءِ فائديمند قرار ڏئي سگھي ٿو. پر ڏاچيءَ جي کير جا فائدا ٻيا به گھڻا آهن جيڪي ان جي باقاعدا استعمال سان حاصل ٿي سگھن ٿا.