واپارين جا مسئلا حل ٿيا ته ٺيڪ نه ته… ايف بي آر چيئرمين کري ڳالهه ڪري ڇڏي

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ايف بي آر چيئرمين شبر زيدي چيو آهي ته واپاري برادري طرفان هڙتال جو ڪو جواز ناهي.

ڪراچي ۾ صحافين سان ڳالهائيندي شبر زيدي چيو ته واپاري برادري جي مسئلن جو حل چاهيون ٿا پر مسئلن جي گهرائي گهڻي آهي، واپاري چون ٿا ته سڃاڻپ ڪارڊ جو شرط ختم ڪيو باقي سڀ مڃينداسين، اسان کي ڪو ڊيڊ لاڪ پيدا ناهي ڪرڻو، مسئلن کي طريقي سان هينڊل ڪرڻو آهي، ڪامياب ٿي وياسين ته ٺيڪ نه ته الله مالڪ آهي.

هن چيو ته ٽيڪسٽائل جي ڪا انڊسٽري بند ناهي ۽ واپاري برادري طرفان هڙتال جو ڪو جواز ناهي، واپارين جي معاملي فرنٽ تي ڪو آهي ته بيڪ تي ڪو ٻيو آهي، اسان سڀني معاملن کي چڱي ريت سمجهون ٿا، جيڪي بنا نالي ملڪيتون رکندا، انهن کي سيڪشن 114 تحت نوٽيس جاري ٿيندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.