رپورٽ: بلڙي شاھه ڪريم: شهرين جي سڏ تي واپڊا جي ناجائزين خلاف شٽر بند ھڙتال، احتجاج

عوامي آواز رپورٽ
رپورٽ: بلڙي شاھه ڪريم: شهرين جي سڏ تي واپڊا جي ناجائزين خلاف شٽر بند ھڙتال، احتجاج
عوامي آواز رپورٽ رپورٽ: بلڙي شاھه ڪريم: شهرين جي سڏ تي واپڊا جي ناجائزين خلاف شٽر بند ھڙتال، احتجاج

 

 

بلڙي شاھ ڪريم ۾ واپڊا جي ناجائزين خلاف شھري اتحاد ۽ سول سوسائٽي پاران شٽر بند ھڙتال ڪري احتجاج ڪيو ويو

شهرين زاهد خان رند، سيد منصوب شاهه ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ شھيد بلو پھنور چوڪ تي ٽائر ساڙي ايس ڊي او خلاف ڌرڻو هنيو.

ان موقعي تي شهرين ڳالهائيندي چيو ته ايس ڊي او واپڊا شھرين مختلف پاڙن جي بنا سبب بجلي ڪاٽي عوام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي

سندن چوڻ هو ته سخت گرمي ۾ بجلي نه هئڻ ڪري گهرن ۾ موجود بيمار، پيرسن ۽ روزيدار سخت مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيا آهن.

هنن چيو ته بجلي نه هئڻ ڪري گهرن ۾ پيئڻ جي پاڻي جو بحران ٿي ويو آهي، جڏهن ته بجلي تي هلندڙ ڪارروهنوار ٺپ به ٿي ويو آهي.

شهرين حيسڪو چيف کان گهر ڪئي ته نوٽيس وٺي جلد بجلي بحال ڪرائي عوام جي اهنجن کي گهٽايو وڃي

 

 

You might also like