گيهه، کنڊ، کير، موبائيل، گاڏي، سگريٽ، تيل، گيس، سيمنٽ ۽ ٻيو گهڻو ڪجهه مهانگو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) روينيو بابت مملڪتي وزير حماد اظهر قومي اسيمبلي ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي پهرين مڪمل بجيٽ پيش ڪري ڇڏي جنهن جي تقرير دورنا مخالف ڌر طرفان سخت احتجاج ڪيو ويو.

روينيو بابت مملڪتي وزير حماد اظهر مالي سال 20-2019 جي بجيٽ پيش ڪندي چيو ته وزير اعظم عمران خان جي قيادت ۾ هڪ نئين سفر جو آغاز ٿيو آهي، تحريڪ انصاف نئين سوچ، نئين عزم ۽ هڪ نئون پاڪستان آندو آهي، پاڪستان جي ماڻهن جي مرضي اسان کي هتي آندو آهي، هاڻ وقت آهي ماڻهن جي زندگي ڪرڻ جو، ادارن ۾ ميرٽ آڻڻ جو ۽ ڪرپشن ختم ڪرڻ جو.

هن چيو ته اسان سڀ هن ملڪ ۽ آئين جا محافظ آهيون، هن حڪومت جي چونڊجندي وقت موجود معاشي صورتحال کي ياد ڪيو ۽ ڪجهه حقيقتون ٻڌائڻ جي اجازت ڏيو.

سندس چوڻ هو ته پاڪستان جو گڏيل قرض ۽ ادائيگيون 31 هزار ارب رپيا هئي ۽ 97 ارب ڊالر پرڏيهي قرض ۽ ادائيگيون هيون ۽ ڪيترائي واپاري قرض وڌيڪ سود تي ورتا ويا، گذريل 5 سالن ۾ برآمدات ۾ ڪا به واڌ نٿي هئي، جڏهن ته حڪومت جو مالياتي خسارو 2 هزار 260 ارب رپين تائين پهچي ويو هو.

مملڪتي وزير ٻڌايو ته جڏهن تحريڪ انصاف کي حڪومت ملي ته بجلي جي نظام جو گردشي قرض 1200 ارب رپين تائين پهچي ويو هو ۽ 38 ارب رپي اماهوار جي شرح سان وڌندو رهيو، سرڪاري ادارن جي ڪارڪردگي 1300 ارب رپين جي گڏيل خسارين سان ظاهر ٿي، پاڪستاني رپئي جو قدر بلند رکڻ جي لاءِ اربين ڊالر هنيا ويا، هن مهانگي حڪمت عملي سان برآمدات کي نقصان رسيو، درآمدات کي سبسڊي ملي ۽ معيشت کي نقصان رسيو، ائين گهڻي دير نه پئي هلي سگهيو ان ڪري ڊسمبر 2017ع ۾ رپيو ڪرڻ لڳو ۽ ترقي جو زور ٽٽي پيو، شين جي قيمتن تي دٻاءُ وڌي رهيو هو.

هن چيو ته حڪومت وقت جي ذميواري هئي ته هو مناسب بندوبستن سان صورتحال کي قابو ڪري ها، اسان فوري خطرن کي منهن ڏيڻ ۽ معاشي استحاڪم جي لاءِ ڪجهه بندوبست ڪيا، درآمدي ڊيوٽي ۾ واڌ سان اِها درآمدات 49 ارب ڊالر کان گهٽ ٿي 45 ارب ڊالرن تائين اچي وئي ۽ واپاري خسارو 4 ارب ڊالر گهٽ ٿيو. وزير اعظم طرفان اعتماد ڏيارڻ سان ترسيلات زر ۾ 2 ارب ڊالر جي واڌ ٿي، 38 ارب رپيا ماهوار جي حساب سان وڌندڙ بجلي جي گردشي قرضي ۾ 12 ارب رپين جي ماهوار گهٽتائي آئي ۽ ان کي 26 ارب رپين تي آندو ويو جڏهن ته چين، متحده عرب امارات ۽ سعودي عرب سميت ٻين ملڪن مان 9.2 ارب ڊالر جي امداد ملي ان امداد تي  انهن ملڪن جا ٿورائتا آهيون.

سندس چوڻ هو ته صنعتي ۽ برآمدي شعبن کي رعايتي اگهن تي بجلي ۽ گيس جي فراهمي، گهٽ وياج تي قرض جي فراهمي، ڪچي تيل تي لاڳو درآمدي ڊيوٽي ۾ گهٽتائي جي ذريعي گڏيل طور تي 10 ارب رپين جي رعايت، برآمدي شعبي ۾ وزير اعظم جي پروگرام ۾ 3 سالن جي واڌ، چين کان 313 شين جي ڊيوٽي فري معاهدي جهڙن بندوبستن سان موجوده سال ۾ برآمدات جي حجم ۾ واڌ ٿي.

حماد اظهر چيو ٻڌايو ته نِٽ ويئر ۾ 16 سيڪڙو، بيڊ ويئر ۾ 10 سيڪڙو، ريڊي ميڊ گارمنٽس ۾ 29 سيڪڙو، ڀاڄين ۽ ميون ۾ 11 ۽ 18 سيڪڙو ۽ باسمتي چانورن جي مقدار ۾ 22 سيڪڙو واڌ ٿي.

 هن چيو ته ان کان سواءِ آءِ ايم ايف کان 6 ارب ڊالر جو معاهدو ٿي ويو آهي، آءِ ايم ايف جي بورڊ جي منظوري کان پوءِ ان تي عملدرآمد شروع ٿي ويندو، ان پروگرام ۾ هئڻ جي ڪري گهٽ وياج تي 2 کان 3 ارب ڊالر جي اضافي امداد به ميسر ٿيندي، مالياتي نظم ۽ ضبط ۽ بنيادي سڌارن جي لاءِ حڪومت جي سنجيدگي نظر ايندي جنهن سان عالمي سيڙپڪارن جو اعتما حاصل ٿيندو ۽ معيشت کي استحاڪم حاصل هوندو.

هن چيو ته سعودي عرب کان فوري ادائيگي کان سواءِ 3.2 ارب ڊالر جي ساليانو تيل درآمد ڪرڻ جي سهولت حاصل ڪئي جيئن عالمي ڪرنسي جي ذخيرن تي دٻاءُ گهٽ ٿئي، ان کان سواءِ حڪومت اسلامي ترقياتي بينڪ کان هڪ ارب ڊالر جي فوري ادائيگي کان سواءِ تيل درآمد ڪرڻ جي سهولت حاصل ڪئي، انهن قدمن جي ڪري ئي هن سال ڪرنٽ اڪائونٽ خساري ۾ 7 ارب ڊالرن جي گهٽتائي ايندي.

حماد اظهر ٻڌايو ته پرڏيهي استحاڪم کان سواءِ حڪومت ٻيا بندوبست به ڪيا، اثاثا ظاهر ڪرڻ جي اسڪيم تي عملدرآمد جاري آهي جنهن سان ٽيڪس جو دائرو وسيع ٿيندو ۽ بنا نالي ۽ غير رجسٽرڊ اثاثا معيشت ۾ شامل هوندا، 95 ترقياتي منصوبا مڪمل ڪرڻ جي لاءِ فنڊ جاري ڪيا ويا، اسٽيٽ بينڪ کي وڌيڪ خودمختياري ڏني وئي، ٽيڪس پاليسي کي ٽيڪس انتظاميا کان الڳ ڪيو ويو آهي جيئن ٻئي ڪم بهتر طريقي سان ٿين، هڪ ٽريزري بينڪ اڪائونٽ بڻايو ويو آهي ۽ هاڻ حڪومت جي رقم ڪمرشل بينڪ اڪائونٽ ۾ رکڻ منع آهي، پاڪستان بڻايو سرٽيفڪيٽ جاري ڪيو ويو جيئن سمنڊ پار پاڪستاني 6.75 سيڪڙو منافعي مان فائدو کڻي وطن ۾ سيڙپڪاري ڪن.

هن وڌيڪ ٻڌايو ته وفاقي روينيو بورڊ (ايف بي آر) سيڙپڪاري جي گهٽتائي ختم ڪرڻ لاءِ گذريل سال جي 54 ارب رپين جي ڀيٽ ۾ 145 ارب رپين جا ريفنڊ جاري ڪيا ويا، پوئتي رهيلن لاءِ جي لاءِ امداد ۽ فنڊن جا پروگرام شروع ڪيا ويا، بلين ٽري سونامي ۽ ڪلين اينڊ گرين پروگرام شروع ڪيا ويا، اڳوڻي فاٽا کي قومي ڌاري ۾ آڻڻ جي لاءِ خيبرپختونخواهه جو حصو بڻائڻ تي خاص ڌيان ڏنو ويو.

مالي سال 20-2019ع جي بجيٽ جو ذڪر ڪندي چيو ته بجيٽ بڻائيندي وقت حڪومت جو بنيادي مقصد عوام جي فلاح ۽ خوشحالي آهي.

هن ٻڌايو ته مالي سال 20-2019 جي بجيٽ جي لاءِ اسان پرڏيهي خساري ۾ گهٽتائي جو هدف رکيو  آهي ۽ درآمدات ۾ گهٽتائي ۽ برآمدات ۾ واڌ سان پرڏيهي خساري کي گهٽ ڪيو ويندو، جنهن جو مقصد ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو 13 ارب ڊالر کان گهٽ ڪري 6.5 ارب ڊالرن تئاين ڪيو ويندو، برآمدات ۾ واڌ جي لاءِ حڪومت ڪچي تيل ۽ انٽرميڊيٽ شين جي ڊيوٽي اسٽرڪچر جي حوالي سان سپورٽ ڪندي، ٽيڪس ريفنڊ جو نظام بهتر بڻائيندي، مقابلي جي سستي بجلي ۽ گيس فراهمي ڪندي، آزاداڻي واپاري معاهدن کي ڏٺو ويندو ۽ پاڪستان کي عالمي ڪڙي جو حصو بڻايو ويندو، ايف بي آر جي روينيو جي لاءِ 5 هزار 550 ارب رپين جي چيلنجنگ جو هدف رکيو ويو آهي.

حڪومتي خرچن ۾ گهٽتائي جو ذڪر ڪندي هن ٻڌايو ته بجيٽ ۾ ان تي خاص ڌيان ڏنو ويندو جيئن بنيادي خسارو 0.6 سيڪڙو تائين اچي، سول ۽ عسڪري اختيارين پنهنجي اختيارين ۾ مثالي گهٽتائي جو اعلان ڪيو آهي.

مملڪتي وزير ٻڌايو ته بجيٽ 20-2019ع ۾ اسان جي بنيادي سڌارن واري ٽيڪس ۾ واڌ ٿيندي، پاڪستان ۾ ٽيڪس ٽو جي ڊي پي جي شرح 11 سيڪڙو کان به گهٽ آهي جيڪا خطي ۾ سڀ کان گهٽ آهي، رڳو 20 لک ماڻهو انڪم ٽيڪس ريٽرن فائل ڪندا آهن، جنهن ۾ 6 لک ملازم آهن، رڳو 380 ڪمپنيون ڪُل ٽيڪس جو 80 سيڪڙو کان به وڌيڪ ادا ڪندي آهي جڏهن ته ڪُل 3 لک 39 هزار بجلي ۽ گيس جا ڪنيڪشنز آهن ۽ ان ۾ 40 هزار سيلز ٽيڪس ۾ رجسٽرڊ آهن، اهڙي ريت ڪل 31 لک ڪمرشل صارف مان 14 لک ٽيڪس ڏيندا آهن، بينڪن جا گڏيل طور تي 5 ڪروڙ اڪائونٽ آهن جنهن مان 10 سيڪڙو ٽيڪس ادا ڪندا آهن، ان کان سواءِ ايس اي سي پي ۾ رجسٽرڊ هڪ لک ڪمپنين مان رڳو 50 سيڪڙو ٽيڪس ادا ڪنديون آهن.

هن چيو ته ملڪ ۾ ٽيڪس وصولي گهٽ آهي، ڪيترائي پيسي وارا ماڻهو ٽيڪس ۾ حصو ناهن وٺندا،  نئين پاڪستان ۾ ان سوچ کي تبديل ڪرڻو پوندو، جيستائين ٽيڪس نظام ۾ بهتري نه ايندي پاڪستان ترقي نٿو ڪري سگهي، تاريخي طور تي اسان صحت، تعليم، پيئڻ جي پاڻي، شهري سهولتن ۽ ماڻهن بابت شين تي گهربل خرچ ناهن ڪيا، هاڻ اسان مقام تي اچي ويا آهيون جو اسان کي قرضن ۽ پگهارن جي ادائيگين جي لاءِ به قرض وٺڻو پوندو آهي، ان صورتحال کي تبديل ڪرڻو پوندو.

حماد اظهر ٻڌايو ته سول ۽ عسڪري بجيٽ ۾ ڪفايت شعاري جي ذريعي بچت ڪئي ويندي، ان جي نتيجي ۾ سول حڪومت جا خرچ 460 ارب رپين کان گهٽ ڪري 437 ارب رپيا ڪيا پيا وڃن جيڪا 5 سيڪڙو گهٽتائي آهي.

مملڪتي وزير ٻڌايو ته اهڙي ريت عسڪري بجيٽ موجوده سال جي شرح يعنيٰ 1150 ارب رپين تي مستحڪم رهندي، بجت جي ان ڏکئي فيصلي لاءِ وزير اعظم جي تدبر ۽ عسڪري قيادت خاص ڪري آرمي چيف جي حميات کي ڀيٽا پيش ڪيون ٿا، آئون واضح ڪرڻ ٿو چاهيان ته پاڪستان جو دفاع ۽ قومي خودمختياري هر شئي تي مقدم آهي، اسان ان ڳالهه کي يقيني بڻائينداسين ته وطن ۽ ماڻهو جي دفاع لاءِ پاڪ فوج جي صلاحيت ۾ گهٽتائي نه اچي.

مملڪتي وزير چيو ته ڪمزور طبقي جي تحفظ جي حوالي سال 4 مختلف تجويزن جو ذڪر ڪندس، بجلي جي صارفن ۾ 75 سيڪڙو اهڙا آهن جيڪي ماهوار 300 يونٽن کان گهٽ استعمال ڪري رهيا آهن حڪومت انهن کي خاص تحفظ فراهم ڪندي، ان مقصد جي لاءِ 200 ارب رپيا مختص ڪيا ويا آهن.

سندس چوڻ ته حڪومت غربت جي خاتمي جي لاءِ هڪ الڳ وزارت قائم ڪئي آهي جيڪا ملڪ ۾ سماجي تحفظ جو پروگرام بڻائيندي ۽ ان تي عملدرآمد ڪندي، احساس پروگرام مان مدد حاصل ڪرڻ وارن ۾ انتهائي غريب، يتيم، بي گهر، بيواهون، معذور ۽ بي روزگار ماڻهو شامل آهن.

هن چيو ته 10 لک مستحق ماڻهن کي صحتمند خوراڪ فراهم ڪرڻ جي لاءِ هڪ نئين ” راشن ڪارڊ اسڪيم“ شروع ڪئي پئي وڃي، جنهن جي تحت مائرن ۽ ٻارن کي خاص صحتمند خوراڪ ڏني ويندي.

سندس چوڻ هو ته 80 هزار مستحق ماڻهن کي هر مهيني بنا وياج قرض ڏنا ويندا، 60 ل عورتن کي انهن جي پنهجي سيونگ اڪائونٽس ۾ وظيفن جي فراهمي ۽ موبائيل فون تائين پهچ ڏني ويندي، 500 ڪفالت مرڪزن جي ذريعي عورتن ۽ ٻارن کي فري آن لائن ڪورسز جي سهولت ڏني ويندي، معذور ماڻهن کي وهيل چيئر ۽ ٻڌڻ جي لاءِ اوزار فراهم ڪيا ويندا.

حماد اظهر چيو ته تعليم پوئتي پيل ضلعن ۾ والدين کي ٻارن کي اسڪول موڪلڻ جي لاءِ خاص ترغيب ڏني ويندي، جڏهن ته پرسن ماڻهن جي لاءِ احساس گهر بڻائڻ جو پروگرام شروع ڪيو ويو آهي.

سندس چوڻ هو ته احساس پروگرام جي تحت بينظير انڪم سپورٽ (بي آءِ ايس پي) جي ذريعي 57 لک انتهائي غريب گهراڻن کي في ٽه ماهي 5000 هزار نقد امداد ڏني ويندي آهي جنهن جي لاءِ 110 ارب رپين جي بجيٽ مختص ڪئي وئي آهي، صورتحال کي ڏسندي ٽه ماهي وظيفي کي ڌائي 5500 مقرر ڪيو ويو آهي.

مملڪتي وزير چيو ته غريبن جي نشاندهي جي لاءِ سماجي ۽ معاشي ڊيٽا کي اپ ڊيٽ ڪيو ويو آهي جيڪا 2020 تائين مڪمل ٿيندي، ان دوران 3 ڪروڙ 20 لک گهراڻن ۽ 20 ڪروڙ آبادي جي سروي ڪئي ويندي.

هن چيو ته 50 ضلعن ۾ بي آءِ ايس پي سان ٻارڙيون 750 رپيا وظيفون حاصل ڪنديون آهن، ان پروگرام کي وڌيڪ 100 ضلڳن تائين واڌ ڏني پئي وڃي ۽ ٻارڙين جي وظيفي جي رقم 750 رپين کان وڌائي 1000 تائين ڪئي پئي وڃي.

هن چيو ته صحت سهولت پروگرام جي تحت غريبن کي صحت جي انشورنس فراهم ڪئي ويندي آهي، مستحق ماڻهن کي صحت ڪارڊ فراهم ڪيا ويندا آهن جنهن سان هو سڄي ملڪ مان چونڊيل 270 اسپتالن مان 7 لک 20 هزار رپيان جو ساليانو علاج ڪرائي سگهن ٿا.

هن چيو ته پهرين مرحلي ۾ پاڪستان جي 42 ضلعن ۾ 32 لک خاندانن کي صحت انشورنس جي سهولت ڏني پئي وڃي، ايندڙ مرحلي ۾ ان کي ڏيڍ ڪروڙ پٺتي پيل خاندانن تائين وڌايو ويندو، اهو پروگرام ٿرپارڪر ۽ خيبرپختونخواهه سميت سمورن ضلعن ۾ به هوندو.

حماد اظهر چيو ته زراعت صوبائي کاتو آهي پر ان شعبي ۾ سيڙپڪاري جي لاءِ وفاقي حڪومت صوبائي حڪومت سان گڏجي ڪم ڪري رهي آهي ۽ ان ۾ ترقي جي لاءِ 12 ارب رپيا مختص ڪيا پيا وڃن.

هن چيو ته بلوچستان جي ترقي جي لاءِ 10.4 ارب رپينس ان ڪوئيٽا ڊيولپمينٽ پيڪج جي ٻئي مرحلي جو آغاز ڪيو ويو آهي، اِها رقم 30 ارب رپين جي پاڻي جي نيڪالي جي منصوبن کان الڳ آهي.

هن چيو ته ڪراچي جي 9 ترقياتي منصوبن جي لاءِ 45.5 ارب رپيا فراهم ڪيا ويندا.

روزگار جي لاءِ وزير اعظم جي ”50 لک گهر پروگرام“ سان 28 صنعتن کي فائدو ٿيندو ۽ بيروزگارن جي لاءِ روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا، ان جي لاءِ زمينون حاصل ڪيون ويون آهن ۽ سيڙپڪاري جا بندوبست مڪمل ڪيا پيا وڃن، اهو سلسلو سڄي ۾ پکيڙيو ويندو، پهرين مرحلي ۾ راولپنڊي ۽ اسلام آباد جي لاءِ 25 هزار ۽ بلوچستان ۾ 1 لک 10 هزار هائوسنگ يونٽن جو افتتاح ڪيو ويو.

سندس چوڻ هو ته نئين واپار جي لاءِ سستي قرض جي اسڪيم جي تحت 100 ارب رپيا ڏنا ويندا.

صنعتي ضعبي جي لاءِ مراعتون ۽ سبسڊي ڏني پئي وڃي جنهن ۾ بجلي ۽ گيس جي لاءِ 40 اربن جي سبسڊي برآمدي شعبي جي لاءِ 40 ارب رپين جو پيڪيج ۽ حڪومت ۽ ڊگھي عرصي واري ٽريڊ فنانسنگ جي سهولت برقرار رهندي.

مملڪتي وزير جو چوڻ هو ته هلندڙ سلا زرعي شعبي ۾ 4.4 سيڪڙو گهٽتائي ٿي آهي، ان کي واپس  مٿي آڻڻ جي لاءِ صوبائي حڪومتن سان گڏجي 280 رپين جو 5 سالن وارو پروگرام شروع ڪيو پيو وڃي، ان پروگرام جي تحت پاڻي مان وڌ کان وڌ پيداوار جي لاءِ پاڻي جو انفرااسٽريڪچر بڻايو ويندو ۽ ان جي تحت 218 ارب رپين جي منصوبن تي ڪم ٿيندو، ڪڻڪ، چانور، ڪمند ۽ ڪپهه جي في ايڪڙ پيداوار ۾ واڌ جي لاءِ 44.8 ارب رپيا فراهم ڪيا ويندا.

هن چيو ته ڪيڪڙي ۽ ٿڌي پاڻي جي ٽرائوٽ مڇي جي فارمنگ جي منصوبن لاءِ 9.3 راب رپيا فراهم ڪيا ويندا، چوپائي مال کي پالڻ جي لاءِ 5.6 ارب رپيا فراهم ڪيا ويندا جڏهن ته زرعي ٽيوب ويلن تي 6.85  رپيا في يونٽ جي حساب سان رعايت اگهه فراهم ڪيا ويندا.

سندس چوڻ هو ته بلوچستان جي هارين کان 10 هزار رپيا ماهوار بل وصول ڪيو ويندو آهي ۽ 75 هزار تائين جو واڌو بل صوبائي ۽ وفاقي حڪومتون برداشت ڪنديون آهن، ننڍن هارين جو فيصل خراب ٿيڻ جي صورت ۾ نقصان جي ڀرپائي لاءِ انشورنس اسڪيم متعارف ڪرائي پئي وڃي جنهن جي لاءِ 2.5 ارب رپيا رکڻ جي تجويز آهي.

هن چيو ته سرڪاري ادارن ۾ سڌارن جي لاءِ هڪ پروگرام شروع ڪيو پيو وڃي جنهن جي تحت هلندڙ سال ايل اين جي سان هلندڙ بجلي گهرن ۽ ڪجهه ننڍن بجلي گهرن کي خانگايو ويندو جنهن سان 2 ارب رپيا حاصل ٿيندا، موبائيل فون جي لائسنسز مان هڪ ارب رپين تائين جمع ٿيڻ جا امڪان آهن.

حماد اظهر چيو ته بجلي جو گردشي قرض 1.6 کرب رپيا، گيس جو گردشي قرض 150 ارب رپيا آهي، گردشي قرضن جي لاءِ بجلي ۽ گيس جي ٽيرف تي نظرثاني ڪئي وئي، بجلي چوري ڪندڙن جي خلاف مهم جو آغاز ڪري 80 ارب رپيا وصول ڪيا ويا آهن ۽ حڪومتي قدمن جي ڪري گردشي قرضن ۾ واڌ 38 ارب رپي  ماهوار کان گهٽ ٿي 24 ارب رهجي وئي آهي.

هن چيو ته ضم ٿيل قبائلي علائقن جي ترقياتي خرچن جي لاءِ 152 ارب رپيا فراهم ڪيا ويندا جنهن ۾ 10 سالن جا ترقياتي منصوبا به شامل آهن جنهن جي لاءِ وفاقي حڪومت 48 ارب رپيا ڏيندي، اِهو 10 سالن وارو پيڪيج 1 کرب رپين جو حصو آهي جيڪو وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون مهيا ڪنديون.

هن چيو ته پاڪ چين اقتصادي راهداري (سي پيڪ) اسان جي مستقل ترجيح آهي جنهن جو دائرو وڌائيندي ان ۾ نوان شعبا شامل ڪيا ويا آهن جنهن ۾اقتصادي ترقي، زراعت ۽ خاص معاشي زونز جي ذريعي صنعتي ترقي کي حاصل ڪرڻ شامل آهي، جڏهن ته ريلوي جي شعبي کي ترقي ڏيڻ جي لاءِ رقم مختص ڪئي وئي.

هن چيو ته مني لانڊرنگ هڪ لعنت آهي، ان سان ملڪ جي بدنامي ٿيندي آهي ۽ معاشي نقصان ٿيندو آهي، واپار تي ڀاڙيل مني لانڊرنگ جي خاتمي لاءِ هڪ نئون نظام تجويز ڪيو پيو وڃي، اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان کي افراط زر کي ضابطي ۾ رکڻ جي لاءِ مانيٽري پاليسي بڻائڻ جي وسيع تر خودمختياري ڏني پئي وڃي، جڏهن ته حڪومت کي رقم ڪمرشل بينڪن ۾ رکڻ کان منع ڪيو ويو آهي.

مملڪتي وزير چيو ته وفاقي حڪوتم جي ملازمن ۽ پينشنز جي لاءِ سول گريڊ 1 کان 16 تائين جي ملازمن لاءِ 10 سيڪڙو ايڊهاڪ ريليف الائونس، 17 کان 20 تائين جي پگهارن ۾ 20 سيڪڙو ۽ 21 ۽ 22 جي پگهارن ۾ ڪا به واڌ نه ٿيندي ڇو ته  هنن ملڪي معاشي صورتحال کي نظر ۾ رکندي اِها قرباني  ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

وفاقي حڪومت جي سمورن سول ۽ فوجي پينشرز جي ڪُل پينشن ۾ 10 سيڪڙو واڌ ڪئي وئي آهي.

هن چيو ته معذور ملازمن جو اسپيشل ڪنوينس الائونس 1 هزار کان وڌائي 2 هزار ڪيو پيو وڃي جڏهن ته وزير، مملڪتي وزيرن، پارليماني سيڪريٽري، ايڊيشنل سيڪريٽري، جوائنٽ سيڪريٽري سان گڏ ڪم ڪندڙ اسپيشل پرائيوٽ سيڪريٽري ۽ اسسٽنٽ پرائيوٽ سيڪريٽري جي پگهارن ۾ 25 سيڪڙو واڌ ڪئي پئي وڃي.

ڪابينا جي سمورن وزيرن عمران خان جي قيادت ۾ پنهنجي پگهار ۾ 10 سيڪڙو گهٽتائي جو تاريخي فيصلو ڪيو آهي.

سندس چوڻ هو ته مزدور جي گهٽ ۾ گهٽ پگهار 17 هزار 500 رپيا ماهوار ڪئي پئي وڃي.

وفاقي بجيٽ تقرير ۾ هن ٻڌايو ته مالي سال 20-2019 جي لاءِ بجيٽ ڪاٿو 7 هزار 22 ارب رپيا آهي جيڪا هلندڙ مالي سال جي نظرثاني ٿيل بجيٽ 5 هزار 385 ارب رپين جي ڀيٽ ۾ 30 سيڪڙو وڌيڪ آهي، مالي سال 20-2019 جي لاءِ وفاقي آمدني جو ڪاٿو 6 هزار 717 ارب رپيا آهي جيڪا 19-2018 جي 5 هزار 681 ارب رپين جي ڀيٽ ۾ 19 سيڪڙو وڌيڪ آهي.

هن ٻڌايو ته ايف بي آر جي ذريعي 5 هزار 550 ارب رپين جي آمدن جو امڪان آهي، جنهن موجب ٽيڪس ٽو جي ڊي پي شرح 12.6 سيڪڙو هوندي، وفاقي آمدني وصولي مان 3 هزار 255 ارب رپيا ستين ” اين ايف سي ايوارڊ“ جي تحت صوبن ڏانهن ويندا جيڪي موجوده سال جي 2 هزار 465 ارب رپين جي ڀيٽ ۾ 32 سيڪڙو وڌيڪ آهن.

اهڙي ريت سال 20-2019ع جي لاءِ موجوده وفاقي ذخيرن ۾ 3 هزار 462 ارب رپين جو ڪاٿو آهي جيڪو هلندڙ مالي سال جي 3 هزار 70 ارب رپين جي ڀيٽ ۾ 13 سيڪڙو وڌيڪ آهي، اهڙي ريت وفاقي بجيٽ خسارو 3 هزار 560 ارب رپيا هوندو.

روينيو بابت مملڪتي وزير ٻڌايو ته مالي سال 20-2019ع جي لاءِ صوبائي سرپلس جو ڪاٿو 426 ارب رپيا آهي ۽ گڏيل طور تي مالي خسارو 3 هزار 137 ارب يا جي ڊي پي جو 7.1 سيڪڙو هوندو جيڪو 19-2018 ۾ 7.2 سيڪڙو هو.

پنهنجي تقرير دوران ٽيڪس تجويزن جي حوالي سان هن ٻڌايو ته هن سال پاڪستان اڳوڻي حڪومتن جي طرفان متعارف ڪرايل ناقص ٽيڪس پاليسين جي بدترين اثرن کي منهن ڏنو، انهن پاليسين کي پاڪستاني عوام جي تائيد حاصل نه هئي، گذريل حڪومت واڌو ٽيڪس ريليف فراهم ڪيو جنهن سان ٽيڪس بيس ۾ 9 سيڪڙو گهٽتائي ٿي، گذريل 5 سالن دوران حڪومت ٽيڪس ۾ واڌ جهي لاءِ رڳو ٽيڪس ريٽ ۾ اوچتو تبديلين جو سهارو ورتو ۽ مضبوط ٽيڪس نظام جي قيام ۾ ٽيڪس بيس ۾ واڌ جي اهميت کي قبول ناهي ڪيو ويو ۽ ان جا تباهه ڪندڙ نڪتا.

هن ٻڌايو ته 22 ڪروڙ آبادي ۾ رڳو 19 لک انڪم ٽيڪس گوشوارا جمع ڪرائيندي آهي ۽ انهن مان به ٽيڪس جمع ڪرائيندڙن جو انگ 13 لک آهي، گڏوگڏو ئي اِها ڳالهه به ڳڻتي جوڳي آهي ته سيلز ٽيڪس فائلرز جو انگ رڳو 1 لک 41 هزار آهي جهن مان رڳو 43 هزار پنهنجي گوشوارن سان گڏ ٽيڪس ادا ڪندا آهن، پاڪستان جي ڊي پي جي لحاظ سان ٽيڪس جي شرح 12 سيڪڙو آهي جيڪا نه رڳو خطي پر دنيا ۾ گهٽ ترين شرح مان هڪ آهي جڏهن ته موجوده خرچن جي لحاظ سان ضروري آهي ته ٽيڪس جي شرح جي ڊي پي جو 20 سيڪڙو هجي، ان کي نظر ۾ رکندي موجوده حڪومت ٽيڪس سڌارن جي اهڙي ايجنڊا ترتيب ڏني آهي جنهن جي ذريعي سخت فيصلا ڪيا ويندا جيڪي نه رڳو مائيڪرو اڪنامڪ اسٽيبيلٽي پر ايندڙ نسلن جي خاطر قومي ٻڌي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ ضروري آهي.

مالي سال 20-2019ع جي تجويز ڪيل ٽيڪس قدمن جي بنيادي اصولن جي باري ۾ مختصر طور تي ٻڌائيندي حماد اظهر چيو ته اِهي بندوبست حڪومت جي وچولي مدي واري پاليسي فريم ورڪ جو حصو آهن، ان فريم ورڪ جو بنيادي ڌيان ان ڳالهه تي آهي ته وچولي مدي دوران جمع ٿيل محصولات ۽ حقيق پوٽيشنل ۾ فرق گهٽ ڪيو وڃي.

سندس چوڻ هو ته مالي سال 19-2018 ۾ حڪومت ٽيڪس خرچن جي حد 972 ارب 40 ڪرور رپين جون ٽيڪس سهولتون ڏنيون، اهي خرچ انهن بي شمار ٽيڪس کان ڇٽل رعايتن جو نتيجو آهي جيڪي معيشت جي مختلف شعبن کي ڏنا پيا وڃن، پر انهن رعايتن ۾ گهٽتائي سان نه رڳو محصولات پر ٽيڪس نيٽ ۾ به واڌ ٿيندي.

مملڪتي وزير چيو ته ٽيڪس جي خال کي گهٽ جون ڪوششون 2 حصن تي ٻڌل آهن، هڪ  ڇوٽ ۽  رعايتن ۾ مرحلي وار گهٽتائي، ٻيو ويليو ايڊڊ ٽيڪس جي شرح کي مرحلي وار بڻائڻ ۽ خاص طريقي تي نظرثاني ڪرڻ، موثر ۽ خوف کان پاڪ ٽيڪس تعميل کي يقيني بنائڻ آهي.

هن ٻڌايو ته ٽيڪس ڏيندڙ ۽ ٽيڪس وصول ڪندڙن جي وچ ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي ذريعي رابطي کي متعارف ڪرائي ويندو، جنهن سان ٽيڪس ادا ڪندڙ ۽ کاتي جي وچ ۾ اعتماد جو فقدان گهٽ ٿيندو.

مملڪتي وزير جو چوڻ هو ته حڪومت اثاثا طاهر ڪرڻ واري آرڊيننس 2019 جي ذريعي سڌارن جو پيڪيج متعارف ڪرايو آهي جيئن غير دستاويزي معيشت کي ٽيڪس نظام ۾ شامل ڪيو وڃي ۽ ٽيڪس تعملي جي حوصلا افزائي سان معاشي بحالي جا مقصد پورا ٿين.

بجيٽ تقرير دوران ڪسٽم ڊيوٽي جي حوالي سان کنيل قدمن جي حوالي سان حماد اظهر ٻڌايو ته ماضي ۾ ملڪي ٽيڪسن سان ملندڙ واري گهٽ روينيو جي ڪري ڪسٽم ٽيرف کي درآمدات سان روينيو حاصل ڪرڻ جي لاءِ بي دردي سان استعمال ڪيو ويو، ان وقت پاڪستان ۾  ڪسٽمز ٽيرف ۽ درآمدات جي مرحلي جي حوالي سان روينيو گهڻو وڌيڪ آهي جڏهن ته درآمدات سان حاصل ٿيل روينيو ۾ تيزي سان واڌ ٿي، درآمد ٿيل ڪچي تيل جي قيمتن ۾ به واڌ ٿي جنهن جي نتيجي ۾ملڪي ۽ برآمدي ٻنهي صعنتن تي ناڪاري اثر مرتب ٿيا.

هن ٻڌايو ته حڪومت کي مڪمل يقين آهي ته برآمدات ۽ ملڪي مينوفيڪچرنگ کي هٿي ڏيڻ جي لاءِ ڪسٽمز ٽيرف جو استدلال هڪ بنيادي ضرورت هوندي آهي، ان مقصد جي لاءِ 1600 کان وڌيڪ ٽيرف لائنز تي ڊيوٽي، ڪچي تيل جي ضمن ۾ ڇوٽ ڏني پئي وڃي، جنهن سان تقريبن 20 ارب رپين جي روينيو جو نقصان ٿيندو پر صنعتي ترقي جي بدلي ۾ گهڻي فائدي جي اميد آهي، حڪومت ڪسٽمز ٽيرف جي سڌاري واري منصوبي کي حڪم شڪل ڏني پئي وڃي جنهن کي مرحلي وار لاڳو ڪيو ويندو.

حماد اظهر جو چوڻ هو ته ٽيڪسٽائل جو شعبو اهم آهي ۽ حڪومت جي پاليسي آهي ته ان شعبي کي ٽيڪسٽائل مشينري جي پارٽس ۽ اوزارن تي ڊيوتي تان ڇوٽ ڏئي سهڪار فراهم ڪئي ويندي، اهڙي طرح لچڪدار ڌاڳي ۽ اڻ سبيل ڪپڙي تي ڊيوٽي به گهٽ ڪئي ويندي.

هن ٻڌايو ته ملڪ جي تعليمي شعبي ۾ ڪاغذ جو استعمال انتهائي اهم آهي ۽ ان جي قيمت مان تعليم جي گڏيل لاڳت تي اثر پوندو آهي، ڪاغذ جي پيداوار جي لاءِ استعمال ٿيندڙ بنيادي ڪچي تيل ۽ ڪاغذ جي اسڪريپ کي ڪسٽم ڊيوٽي کان ڇوٽ ڏيڻ جي تجويز آهي جڏهن ته مختلف قسمن جي ڪاغذ تي ڊيوٽي 20 کان 16 سيڪڙو تائين گهٽ ڪئي ويندي، جنهن سان ڪاغذ ۽ ڪتابن جي قيمتن ۾ گهٽتائي ايندي ۽ پرنٽنگ جي صعنت جي حوصلا افزائي ٿيندي جڏهن ته قرآن پاڪ جي اشاعت جي لاءِ به خاص بندوبست ڪيا پيا وڃن.

بجيٽ تجويزن دوران سندس چوڻ هو ته غير روايتي برآمدات ۾ واڌ جي لاءِ ڪاٺ جي فرنيچر ۽ ريزر جي پيداوار ۾ استعمال ٿيندڙ ڪجهه شين تي ڊيوٽي گهٽ ڪري سگهجي ٿي، مقامي جهنگن کي بچائڻ ۽ فرنيچر ٺاهيندڙن جي حوصلا افزائي جي لاءِ ڪاٺ تي ڊيوٽي 3 سيڪڙو کان گهٽ ڪري 0 سيڪڙو ۽ ڪاٺ جي مصنوعي پينلز تي ڊيوٽي 11 سيڪڙو کان گهٽ ڪري 3 سيڪڙو ڪرڻ جي تجويز آهي، اهڙي ريت ريزر جي برآمد ڪندڙن کي اسٽيل جي پٽين تي ڊيوٽي 11 سيڪڙو کان گهٽ ڪري 5 سيڪڙو ڪرڻ جي تجويز ڏني پئي وڃي.

هن ٻڌايو ته گهريلو شين جي صنعت، پرنٽنگ پليٽ جي صنعت، سولر پينلز جي اسمبلرز ۽ ڪيميڪل انڊسٽري جي مداخل جي لاڳت کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ ان جي مداخل تي ڊيوٽيز جهڙوڪ گهريلو شين جي پارٽس/شين ايلومينيم جي پليٽن، ڌاتي سطح وارين شين ۽ ايسٽڪ ايسڊ تي ڊيوٽي گهٽ ڪرڻ جي تجويز آهي، ڪريڪر پلانٽس کي لڳائڻ جي لاءِ استعمال ٿيندڙ پلانٽ ۽ مشينري تي ڊيوٽي کان ڇوٽ ڏيڻ جي تجويز آهي.

ناڻي جي مٺا سٽا جي ذخيرن کي بچائڻ لاءِ منع ٿيل ريگوليٽري ڊيوٽيز جي استعمال درآمدات ته گهٽ ٿي پر انهن مان ڪجهه شيون ٽرانزٽ ٽريڊ ۾ هليون ويون ۽ پوءِ انهن کي واپس اسمگل ڪيو ويو، ان ڪري تجويز آهي ته ٽائر، وارنش ۽ خوراڪ جي صنعت ۾ خوراڪ جي تياري جي حوالي سان ڊيوٽي جي ڍانچي کي منطقي بڻايو وڃي جيئن انهن شين کي اسمگلنگ ۾ منتقل ٿيڻ کان بچايو وڃي ۽ ضايع ٿيل محصولات کي حاصل ڪيو وڃي.

حماد اظهر چيو ته دوائن جي قيمتن ۾ گهٽتائي جي غرض سان دوائن جي پيداوار ۾ استعمال ٿيندڙ ڪچي تيل جي 19 بنيادي شين کي 3 سيڪڙو درآمدي ڊيوٽي مان ڇوٽ ڏيڻ جي تجويز ڏني وئي آهي.

هن چيو ته برآمدات جي حوصلا افزائي جي لاءِ برآمدي سهولتن جي مختلف اسڪيمن کي سادو ۽ خودڪار بڻايو پيو وڃي جيئن انساني عمل دخل گهٽ کان گهٽ ٿئي ۽ تيز رفتاري کان ڪم انجام ٿيو، هتي اِها ڳالهه به ذڪر آهي ته مالي سال 19-2018 جي 11 مهينن دوران ڪچي تيل جي درآمد تي برآمدات کي سهولتون فراهم ڪرڻ جي مختلف اسڪيمن جي تحت برآمد ڪندڙن کي ڊيوٽي جي مد ۾ 124 ارب رپين جي رعايت ڏني وئي.

مملڪتي وزير چيو ته برآمد ڪندڙن جي وقت جي بچت لاءِ تجويز آهي ته انهن طرفان فراهم ڪيل شين ۽ پيداوار جي شرح کي حتمي تصديق جي شرح سان گڏ عارضي طور تي قبول ڪيو وڇي ۽ ان جي آرڊرز کي پورو ڪرڻ ۾ دير نه ڪئي وڃي.

سندس چوڻ هو ته مني لانڊرنگ هڪ لعنت آهي ۽ بري شهرت جي ڪري آهي، ان سان معاشي نقصان به آهي، واپاري بنيادن تي مني لانڊرنگ جي خاتمي جي لاءِ هڪ مڪمل نئون نظام تجويز ڏنو پيو وڃي، مني لانڊرنگ ۽ ڪرنسي جي اسمگلنگ جي خلاف قانوني قدمن جي لاءِ هڪ نئون ڊائريڪٽوريٽ آف ڪراس بارڊر ڪرنسي موومنٽ قائم ڪيو پيو وڃي.

حماد اظهر جو چوڻ هو ته سرحدي علائقن ۾ اسمگلنگ جي خلاف قدم کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ ڪراچي، پشاور، ڪوئيٽا ۾ ان جي خاتمي لاءِ الڳ ڊائريڪٽوريٽس قائم ڪيا ويا.

هن چيو ته حڪومت کي پنهنجا خرچ پورا ڪرڻ جي لاءِ ڪجهه سخت فيصلا ڪرڻا پيا، ان حقيقت جو احساس ڪندي درآمدات جي مرحلي تي ڊيوٽي ۽ ٽيڪس ۾ ڪيل ڪنهن به واڌ جو صارفن تي بار پوندو آهي، اسان درآمدي مرحلي جي حوالي سان محصولات جي ضمن ۾ گهٽ ۾ گهٽ بندوبست برقرار رکڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.

هن چيو ته اِها تجويز ڪئي پئي وڃي ته واڌو ڪسٽم ڊيوٽي جي شرح موجوده ڊيوٽي سان ترتيبوار 2 سيڪڙو کان 4 سيڪڙو، 16 سيڪڙو ۽ 20 سيڪڙو جي ٽيرف سليب تي 7 سيڪڙو واڌ ڪئي وڃي جيڪا بنيادي طور تي لگزري آئٽمز ۽ فنشڊ گذر تي ٻڌل آهي.

هن چيو ته هن وقت ايل اين جي کي ڪسٽم ڊيوٽي مان ڇوٽ حاصل آهي ڇو ته ايل اين جي فرنس آئل جي جاءِ وٺي ڇڏي آهي جنهن تي 7 سيڪڙو ڪسٽم ڊيوٽي لاڳو آهي ان جي ڪري هاڻ ايل اينجي جي درآمد تي 5 سيڪڙو ڪسٽمز ڊيوٽي لاڳو ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي.

حماد اظهر جو چوڻ آهي ته غريب طبقي جي بڙي اڪثريت جي فائدي جي لاءِ محصولات ڪرڻ جي غرض سان جنرل سيلز ٽيڪس جي ريٽ کي 17 سيڪڙو کان اڳتي وڌائڻ جو آپشن اختيار ناهي ڪيو.

مملڪتي وزير چيو ته ان وقت سِرن جي ڀٺن تان 17 سيڪڙو جي ريٽ سان ٽيڪس وصول ڪيو پيو وڃي تجويز آهي ته سيلز ٽيڪس جي ريٽ کي 17 سيڪڙو کان گهٽ ڪري صلاحيت ۽ جاءِ جي حساب سان طئي ڪيو وڃي اِهو ٻهراڙي جي علائقي جي صنعت آهي جتي دستاويزي تقاضا پورا ڪرڻ ڏکيا آهن.

هن چيو ته کائڻ پيئڻ وارين شين جي تياري ۾ استعمال ٿيندڙ شين جهڙوڪ اٽو، گوشت ڀاڄيون وغيره کي دستاويزي شڪل ۾ آڻڻ ڏکيو آهي، ان واپار سان سلهاڙيل ماڻهن ۾ ٽيڪس چوري جو رجحان وڌندو آهي، ان ڪري ٽيڪس اختيارين طرفان تجويز آهي ته ريسٽورنٽس ۽ بيڪري ۾ فراهم ڪيل شين تي سيلز ٽيڪس جي شرح کي 17 سيڪڙو کان گهٽ ڪري 7.5 سيڪڙو ڪيو وڃي جنهن ۾ ٽيڪس ايڊجسٽ ڪرڻ جي اجازت نه هوندي.

حماد اظهر چيو ته هن وقت خشڪ کير جي ڪيترن ئي قسمن جي لاءِ سيلز ٽيڪس جا اگهن گڏيل ناهن، ان ڪري هڪ جهڙين شين تي ٽيڪس جي مختلف شرح لاڳو آهي، ان فرق کي ختم ڪرڻ جي لاءِ تجويز آهي ته کير ۽ ڪريم، خشڪ ۽ بنا فيلور واري کير تي گڏيل 10 سيڪڙو ٽيڪس لاڳو ڪيو وڃي.

مملڪتي وزير چيو ته پي ايم سي ۽ پي وي سي جي افغانستان برآمدات تي پابندي جي خاتمي لاءِ تجويز آهي ته افغانستان ۽ وچ ايشيائي رياستن کي زيرو ريٽ تي شيون برآمد ڪرڻ جي اجازت ڏني وڃي، ان بندوبست سان ڄاڻايل شين جي ملڪ ۾ مقامي طور تي پيدوار جي حوصلا افزائي سان گڏوگڏ برآمدات ۾ به واڌ ٿيندي.

هن چيو ته هن وق ڪيترين ئي شين تي معياري سيلز ٽيڪس کان سواءِ 2 سيڪڙو واڌو ٽيڪس به لاڳو آهي جهڙوڪ بجلي ۽ گيس جا اوزار، فوم، ڪنفيڪشنري، هٿيار ۽ ايمونيشن، لبريڪنٽس، بيٽريون، آٽو پارٽس، ٽائرز/ٽيوبز وغيره شامل آهن.

حماد اظهر چيو ته ٽيڪس جي مڪمل پوٽينشل جي گڏ وصولي کي عملي شڪل ڏيڻ جي لاءِ تجويز آهي ته انهن شين ( ماسوائي آٽو پارٽس) کي سيلز ٽيڪس ايڪٽ 1990ع جي ٽئي شيڊول ( ريٽيل پرائس ٽيڪسيشن) ۾ منتقل ڪيو وڃي.

ممڪلتي وزير چيو آٽو پارٽس جيڪو وچولي نوعيت تي ٻڌل آهن ۽ صنعتن ۾ استعمال ٿيندا آهن، تجويز آهي ت انهن تي لاڳو واڌو ٽيڪس کي واپس ورتو وڃي جيئن مقامي صنعت جي لاڳت پيداوار ۾ گهٽتائي آئي.

سندس چوڻ هو ته فاٽا ۽ پاٽا جي ضم ٿيڻ کان پوءِ سپلائز جي حوالي سان ڇوٽ ۾ 5 سالن جي واڌ ڏني وئي هئي جيئن معاشي سرگرميون وڌن، تجويز آهي ته صنعتي ڪچي مال ۽ پلانٽ ۽ مشينري جي درآمد تي به ٽيڪس ڇوٽ کي انهن علائقن ۾ وسعت ڏني وڃي.

حماد اظهر چيو ته انهن علائقن ۾ سمورن گهريلو، واپاري صارفن ۽ 31 مئي 2018ع کان پهرين قائم ٿيل صنعتن کي بجلي جي فراهمي تي سيلز ٽيڪس جي لاءِ ڇوٽ ڏيڻ جي تجويز آهي، اِها ڇوٽ انهن علائقن ۾ واقع اسٽيل ملن ۽ گيهه جي ملن تي نه هوندي.

هن چيو ته هن وقت واپاري درآمدات تي 3 سيڪڙو ويليو ايڊيشن ٽيڪس لاڳو آهي جنهن جي ڪري ٽيڪس جي بار ۾ غير ضروري طور تي واڌ ٿي وئي آهي، ان ڪري تجويز آهي ته موبائيل فونز جي درآمد تي 3 سيڪڙو ويليو ايڊيشن ٽيڪس ختم ڪيو وڃي، ان سان موبائيل فونز جي درامد تي لاڳو ٽيڪس ۾ گهٽتائي ايندي.

مملڪتي وزير چيو ته هن وقت ويليو ايڊيشن ٽيڪس مان ڇوٽ او ايم سيز جي طرفان درآمد ڪندڙ رڳو انهن شين تي موجود آهي جنهن جا اگهه ريگوليٽ ڪيا ويندا آهن، تجويز آهي ته او ايم سيز طرفان درآمد ڪندڙ سمورن پيٽروليم شين جهڙوڪ فرنس آئل تي به ڇوٽ ڏني وڃي.

سندس چوڻ هو ته ڪيترن ئي سالن کا سيلز ٽيڪس قانون ۾ ڪيترين ئي سطحن تي ٻڌل ٽيڪسيشن ۽ ان جي تحت قانون سازي جي شموليت سان هڪ سنجيده شڪل اختيار ڪري چڪي آهي، ان کان سواءِ مطالعي کان پوءِ اسپيشل پروسيجر ۽ رولز کي ختم ڪري سيلز ٽيڪس ايڪٽ جو حصو بڻايو پيو وڃي، اهڙي طرح جي ڪجهه بي حد ضروري ايس آر اوز کي ڇڏي سمورن ايس آر اوز ۽ ايس آر اوز ۽ ايس ٽي جي اوز کي ختم ڪيو وڃي آهي.

هن چيو ته ايس آر او 1125 ون جي زريعي 5 برآمدي شعبن يعنيٰ ٽيڪسٽائل، چمڙي، ڪارپٽ، راندين جي سامان ۽ سرجيڪل سامان جي پيداوار ۽ انهن جي تياري ۾ استعمال ٿيندڙ شين تي سيلز ٽيڪس تي 0 ڪيو ويو هو، جنهن جو مقصد ريفنڊ جي ادائيگي ۾ دير جو خاتمو ڪرڻ هو.

مملڪتي وزير چيو ته زيور ريٽنگ جي ڪري ملڪي پيداوار ۽ صنعت جو هڪ حصو هئڻ جي باوجود انهن شين جي ملڪي وڪري ۾ ٽيڪس جي مقدار رڳو 6 ارب رپيا آهي جيڪا 1200 ارب رپين جي پيداوار جو هڪ سيڪڙو به ناهي، تيار ٿيل شين تي گهٽ شرحن سان به محصولات کي نقصان رسي رهيو آهي، ان نقصن کي ختم ڪرڻ ۽ محصولات جي مد ۾ ٿيل نقصان کي روڪڻ جي لاءِ قدم تجويز ڪيا ويا آهن.

حماد اظهر چيو ته ان حوالي سان تجويزون آهن ته ايس آر او 1125 کي رد ڪيو وڃي، اهڙي طرح 17 سيڪڙو معياري شرح کي بحال ڪيو وڃي، ٽيڪسٽائل ۽ چمڙي جي تيار ٿيل شين ۽ تيار ٿيل ڪپڙي جي مقامي سپلائز پر سيلز ٽيڪس کي 17 سيڪڙو واڌ وڌائي وڃي.

هن چيو ته پر اهڙا پرچون فروش جيڪي رئيل ٽائم ۾ اڪائونٽنگ جي چونڊ ڪندا انهن کي ريٽ ۾ رعايت ڏئي سگهجي ٿي ته جيڪي 15 سيڪڙو تائين ٿي سگهي ٿي.

مملڪتي وزير چيو ته يوٽيليٽيز جي مد ۾ زيرو ريٽنگ جو خاتمو ڪيو وڃي ۽ انهن شعبن ۾ سيلز ٽيڪس جي ري فنڊ کي خود ڪار بڻايو وڃي جيئن ان ڳالهه کي يقيني بڻائي سگهجي ٿو ته ادا ڪيل سيلز ٽيڪس فوري طور تي ري فنڊ نه ٿئي.

هن چيو ته ري فنڊ پيمنٽ آرڊر (آر پي او) کي فوري طور تي ادائيگي لاءِ اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان موڪليو وڃي، جتي ان ڳالهه کي يقيني بڻايو وڃي جيئن برآمدات جي رقم جي وصولي سان گڏوگڏ ئي ان ري فنڊ کي ادا ڪيو وڃي.

سندس چوڻ هو ته ڪپهه کي هن وقت سيلز ٽيڪس مان ڇوٽ حاصل آهي، تجويز آهي ته ان تي 10 سيڪڙو ٽيڪس لاڳو ڪيو وڃي.

مملڪتي وزير چيو ته هن وقت اسٽيل جي شعبي مان سيلز ٽيڪس بجلي جي بلن تي 13 رپيا في ڪلو واٽ جي حساب سان گڏ ڪيو پيو وڃي، گولي لاءِ استعمال ٿيندڙ اسڪريپ تي 5600 في ميٽرڪ ٽن جي حساب سان سيلز ٽيڪس وصول ڪيو ويندو آهي جيڪو ايڊجسٽيبل آهي.

سندس چوڻ هو ته شپ بريڪرز جي لاءِ درآمد ڪيل جهاز سيلز ٽيڪس جي ادائيگي کان آجو آهي، پر جهاز ٽوڙي حاصل ڪندڙ شپ پپليٽس تي 9600 في ميٽرڪ ٽن جي حساب سان ٽيڪس لاڳو آهي.

حماد اظهر چيو ته قبيلائي علائقن ۾ قائم اسٽيل انڊسٽري سيلز ٽيڪس مان ڇوٽ حاصل آهي ۽ ٻين علائقن کي اسٽيل يونٽس انهن جو مقابلو ڪرڻ جي قابل ناهن.

مملڪتي وزير چيو ته انهن سنجيده قانون مان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ ۽ ان شعبي مان پوٽينشل روينيو حاصل ڪرڻ جي لاءِ تجويز آهي ته اسپيشل پروسيجر جو خاتمو ڪيو وڇي ۽ انهن شين کي نارمل ٽيڪس قانون جي تحت آندو وڃي، بيلٽ، راڊز، شپ پليٽس ۽ ٻين اهڙين شين تي سيلز ٽيڪس جي صورت ۾ 17 سيڪڙو فيڊرل ايڪسائز ڊيوٽي لاڳو ڪئي وڃي، انهن شين تي فيڊرل ايڪسائز ڊيوٽي لاڳو ڪرڻ سان وڪري تي سيلز ٽيڪس جو خاتمو ڪيو پيو وڃي ۽ بجلي جي استعمال جي بنياد تي پيداوار جي حوالي سان گهٽ کان گهٽ معيار مقررڪيو ويو پيو وڃي.

هن چيو ته اوگرا طرفان سي اين جي جي قيمتن ۾ ڊي ريگوليشن کان پوءِ سي اين جي جي قيمتن ۾ واڌ ٿي آهي، ان جي ڪري ٽيڪس جي شرحن کي ريشنالائز ناهي ڪيو ويو ان ڪري تجويز آهي ته سي اين جي ڊيلرز جي لاءِ ويليو ريجن ون جي لاءِ 64.80 رپيا في ڪلو گرام کان وڌائي 74.04 رپيا في ڪلو گرام ۽ ريجن ٽو جي لاءِ 57.69 رپيا في ڪلو گرام کان وڌائي 69.57 رپيا في ڪلو گرام ڪيو وڃي.

سندس چوڻ هو ته واضح رهي ته اهڙي قدم سان سي اين جي جي قيمت ۾ گهڻي معمولي واڌ ٿيندي ڇو ته سي اين جي جي مارڪيٽ قيمت ان رقم کان گهڻي وڌيڪ آهي.

مملڪتي وزير چيو ته سيلز ٽيڪس جي ادائيگي جي لاءِ ريٽيلرز کي مختلف سطحن ۾ ورهايو ويو آهي، سطح نمبر هڪ جي ريٽيلرز کي 17 سيڪڙو يا ٽرن اوور جو 2 سيڪڙو، سطح نمبر 2 جي ذريعي ٽيڪس لاڳو ڪرڻ جي تجويز آهي ته ٽرن اوور ٽيڪس جو خاتمو ڪيو وڃي.

حماد اظهر چيو ته سطح نمبر ون جي ريٽيلرز کي ايف بي آر جي آن لائن سسٽم سان سلهاڙيو ويندو، نظام سان سلهاڙيل دڪانن کان شين جي خريداري ۽ انوائسز طلب ڪرڻ تي 5 سيڪڙو تائين سيلز ٽيڪس جي واپسي جي صورت ۾ فائدو ڏنو ويندو، اهڙي دڪان جنهن جي سائز 1000 مربع فٽ يا ان کان وڌيڪ هجي ته ان کي به سطح ون جي ريٽيلرز ۾ شامل ڪيو ويندو.

سندس چوڻ هو ته هن وقت کنڊ تي 8 سيڪڙو سيلز ٽيڪس لاڳو آهي، ان شعبي ۾ وسيع معاشي موقعا موجود آهن پر هتان جمع ٿيندڙ ٽيڪس رڳو 18 ارب رپيا آهي جيڪو ان جي حقيقي پيداوار کان گهڻو گهٽ آهي، ٽيڪس ۾ خلا کي گهٽ ڪرڻ 7 ان جي ريٽ کي ٻين شين سان هم آهنگ ڪرڻ جي لاءِ تجويز آهي ته کنڊ تي سيلز ٽيڪس کي وڌائي 17 سيڪڙو ڪيو وڃي.

مملڪتي وزير چيو ته ريٽ ۾ ۾ واڌ جي اثر سان صارفن کي جزوي طور تي بچائڻ جي لاءِ تجويز آهي ته کنڊ کي انهن شين مان ڪڍيو وڃي جن کي غير رجسٽرڊ ماڻهو کي وڪري سان واڌو 3 سيڪڙو ٽيڪس ادا ڪرڻو پوندو آهي، ان قدم سان کنڊ جي قيمت ۾ رڳو 3.65 رپيا في ڪلو واڌ ٿيندي.

چڪن مٽن ۽ بيف جي شين جي کپت ۾ واڌ ڏٺي وئي، ان تي به 17 سيڪڙو سيلز ٽيڪس جي تجويز ڏني وئي آهي.

ڪاٽيج انڊسٽري کي حاصل ڇوٽ جو وڏي پيماني تي غلط استعمال ٿي رهيو آهي جنهن کي ٻيهر تشريح جي تجويز آهي، پهرين جولاءِ 2019ع کان ڪاٽيج انڊسٽري مان مراد اُها صنعت هوندي جيڪا رهائشي علائقن ۾ قائم هجي، جتي وڌ کان وڌ مزدور ڪم ڪندا هجن ۽ سالياني ٽرن اوور 20 لک رپين کان وڌيڪ نه هجي.

سون چاندي، هيري ۽ زيورن جي ٺهراڻي تي سيلز ٽيڪس تي گهٽ شرح سان ٽيڪس لاڳو ڪرڻ جي تجويز آهي.

سنگ مرمرم جي صنعت ۾وڪري تي ٽيڪس جي موجوده شرح 1.25 رپيا في يونٽ آهي ۽ تجويز آهي ته ان شعبي تي به 17 سيڪڙو في يونٽ جي شرح لاڳو ڪئي وڃي.

آءِ سي ٽي قانون ۾ شامل ٿيل قلمن، تجويز آهي ته اهڙيون خدمتون جيڪي صوبائي قانون ۾ ادائيگي جوڳا ٽيڪس آهن ۽ اُهي آءِ سي ٽي قانون ۾ شامل آهن انهن کي به آءِ سي ٽي قانون ۾ شامل ڪيو وڃي.

اهڙيون خدمتون جن تي پهرين ئي فيڊرل ايڪسائز ڊيوٽي لاڳو آهي انهن کي آءِ سي ٽي قانون ۾ شامل نه ڪيو وڃي جيئن ٻٽي ٽيڪس کان بچي سگهجي.

حماد اظهر جو چوڻ هو ته واپار ۾ آساني جي لاءِ بندوبست، سيلز ٽيڪس ايڪٽ 1990ع جي قلم 58 سان ڊائريڪٽر يا شيئر هولڊر کي اِهو اختيار ڏنو پيو وڃي ته هو ڪمپني جي لاءِ اد ٿيل ٽيڪس ڪمپني کان وصول ڪري سگهن، سيلز ٽيڪس جي پروسيجر کي آسان بڻايو پيو وڃي ۽ نادرا جي اي سروسز سان سيلز ٽيڪس رجسٽريشن ممڪن بڻائي سگهجي.

ٽيڪس ادا ڪندڙن جي سهولت جي لاءِ ڊي رجسٽريشن جي حوالي سان قاعدن ۾ ترميم ڪئي پئي وڃي، ان پروسس دوران گوشوارا فائل ڪرڻ ضروري ناهي ۽ ان جي حڪمن تي درخواست داخل ڪرڻ جي اجازت ڏني وڃي.

فيڊرل ايڪسائز ڊيوٽي جي حوالي سان مختلف شين تي ٽيڪس جي ريٽ ۾ آهنگي جي لاءِ کنڊ وارن شربتن جي کپت گهٽ ڪرڻ جي لاءِ فيڊرل ايڪسائز ڊيوٽي 11.25 سيڪڙو کان وڌائي 13 سيڪڙو ڪرڻ جي تجويز آهي.

بناستي گيهه ۽ ڪوڪنگ آئل تي رڳو فيڊرل ايڪسائز ڊيوٽي لاڳو آهي، کاڄرو تيل، گيهه ۽ ڪوڪنگ آئل تي ايف اي ڊي وڌائي 17 سيڪڙو ڪرڻ جڏهن ته ويليو ايڊڊ ٽيڪس (وي اي ڊي) جي بدلي ۾ 1 رپيو في ڪلو گرام کي ختم ڪرڻ جي تجويز آهي.

هن چيو ته صحت کي پهچندڙ نقصانن کي نظر ۾ رکندي ريٽيل پرائس جي 5 سيڪڙو جي برابر ايف اي ڊي متعارف ڪرڻ جي تجويز آهي.

سيمنٽ تي فيڊرل ايڪسائز ڊيوٽي 1.5 رپيا في ڪلو گرام جي حساب سان لاڳو آهي ۽ تجويز آهي ته ان کي وڌائي 2 رپيا في ڪلو گرام ڪيو وڃي.

ايل اين جي درآمدات تي ايف اي ڊي 16.18 رپيا في 100 مڪعب فيٽ کي وڌائي مقامي گيس جي برابر 10 رپيا في ايم ايم بي ٽي يو ڪرڻ جي تجويز آهي.

مملڪتي وزير چيو ته 1700 سي سي ۽ ان کان وڌيڪ انجڻ جي قوت وارين گاڏين تي 10 سيڪڙو جي شرح سان ايف اي ڊي متعارف ڪرائي وئي هئي هاڻ ان ۾ تبديلي ڪندي 100 کان 1000 سي سي تي 2.5 سيڪڙو جي شرح، 1001 سي سي کان 2000 سي سي تي 5 سيڪڙو ۽ 2001 سي سي کان وڌيڪ تي شرح 7.5 سيڪڙو ڪرڻ جي تجويز آهي.

سگريٽ تي ايف اي ڊي کي وڌائي مٿانهين سليب جي 45 رپيا في 1 هزار اسٽڪ کي وڌائي 5200 رپيا في هڪ هزار اسٽڪ تائين لاڳو ڪيو پيو وڃي، هيٺين سليب کي 1650 رپيا في 100 اسٽڪ جي لحاظ سان ٽيڪس لاڳو ڪيو پيو وڃي.

حماد اظهر چيو ته انڪم ٽيڪس جي بيٺل ري فنڊ جي ڪري واپاري ماڻهن جي لاءِ پيدا ٿيل ڪيش جي مسئلن جي خاتمي لاءِ ايف بي آر جي ري فنڊ سيٽلمنٽ ڪمپني لميٽڊ جي ذريعي ٽيڪس ري فنڊ بانڊ جاري ڪرڻ جي تجويز ڏني و ئي آهي، ان سلسلي ۾ ايف بي آر ري فنڊ سيٽلمنٽ ڪمپني لميٽڊ کي ڪوپروميسري نوٽ جاري ڪندو جنهن ۾ ري فنڊ ڪليم جمع ڪرائڻ جي تفصيل ۽ رهيون رههيل ري فنڊ جي تفصيل موجود هوندي.

سندس چوڻ هو ته اڳوڻي حڪومت قانون ۾ قلم متعارف ڪرايو هو جنهن جي تحت مقرر تاريخ تائين ٽيڪس گوشوارا جمع نه ڪرائيندڙن جا نالا ٽيڪس گذارن جي فهرست (اي ٽي ايل) ۾ شامل نٿا ڪري سگهجن ۽ اِهو نان فائلر ئي شمار ٿيندو جيڪا ناانصافي هئي، ان ڪري مقرر تاريخ کان پوءِ ٽيڪس گوشوارا جمع ڪرائڻ جي تسلسل کي برقرار رکڻ جي لاءِ اي ٽي ايل ۾ شامل نه ٿيڻ جي شرط کي ختم ڪيو پيو وڃي.

مملڪتي وزير چيو ته اڳوڻي حڪومت ڪنهن نان فائلر جي نالي تي 50 لک رپين کان وڌيڪ جي ملڪيت کي رجسٽر يا منتقل ڪرڻ تي پابندي لاڳو ڪئي هئي جهن جا نتيجا حاصل ناهن ٿيا ۽ انهن کي قانوني طور تي به چيلينج ڪيو ويو.

هن چيو ته حڪومت نون گريجوئيٽس کي ملازمت جا موقعا فراهم ڪرڻ جي لاءِ نئون ٽيڪس ڪريڊٽ ڏيڻ جي تجويز ڏني آهي، هائير ايجوڪيشن ڪميشن کان تصديق ٿيل يونيورسٽين ۽ ادارن مان تازو ئي گريجوئيشن مڪمل ڪندڙن نوجوانن کي ملازمت فراهم ڪندر ماڻهن کي ادا ڪيل سالياني پگهار جي حساب سان ٽيڪس ري بيٽ ڏنو ويندو.

مملڪتي وزير چيو ته نفانس ايڪٽ 2018ع ۾ پگهاردار ۽ غير پگهاردار ٻنهي قسم جي ماڻهن لاءِ ٽيڪس شرح ۾ واضح گهٽتائي ڪئي وئي هئي، ان کان اڳ ٽيڪس قابل آمد جي گهٽ کان گهٽ حد 4 لک رپيا هئي پر ان ايڪٽ جي ذريعي ان حد کي ٽي سيڪڙو وڌائي 12 لک رپيا ڪيو ويو هو، پر مالي سال 20-2019 ۾ تجويز ڏني وئي آهي ته ٽيڪس قابل آمدن جي گهٽ کان گهٽ حد پگهاردار طبقي جي لاءِ 6 لک رپيا ۽ غير پگهاردار طبقي جي لاءِ 4 لک رپيا جاري ڪئي وڃي.

بجيٽ ۾ تجويز آهي ته 6 لک رپين کان وڌيڪ آمدن وارن پگهاردار ماڻهن لاءِ 11 ٽيڪس قابل سيلبس 5 سيڪڙو کان 35 سيڪڙو تائين جي گروپريسو ٽيڪس ريٽس سان گڏ متعارف ڪرائي وڃي، 4 لک رپين کان وڌيڪ آمدن واري غير پگهاردار ماڻهن جي لاءِ آمدن جا 8 سيلبز 5 سيڪڙو کان 35 سيڪڙو ٽيڪس ريٽ سان گڏ متعارف ڪرايا وڃن.

هن ٻڌايو ته ڪمپني جي لاءِ ٽيڪس ريٽ کي 2018ع ۾ 30 سيڪڙو کان وڌيڪ ٽيڪس سال 2023ع ۾ 25 سيڪڙو تائين گهٽ ڪرڻ جي تجويز هئي، ان وقت ٽيڪس جي شرح 29 سيڪڙو آهي ۽ ڪمپنين جي لاءِ ان ريٽ کي ايندڙ 2 سالن جي لاءِ 29 سيڪڙو تي فڪسڊ ڪرڻ جي تجويز آهي.

بجيٽ تقرير ۾ هن ٻڌايو ته ظاهر نه ٿيل آمدني جي ذريعن سان گڏ ٿيل دولت کي جواز فراهم ڪرڻ جي لاءِ استعمال ٿين طريقن مان هڪ عام طريقو اِهو آهي ته سيڙپڪاري کي جنهن تحفي جي وصولي ظاهر ڪيو وڃي، ان ڪري انگن اکرن مان خبر ٿي پوي ته انڪم ٽيڪس گوشوارن موجب تحفن جي ملڪيت 256 ارب رپين کان به وڌيڪ آهي.

هن چيو ته ان خامي جي خاتمي لاءِ تجويز آهي ته وصول ڪيل تحفن کي بين ذريعن سان حاصل آمدن جي زمري ۾ شامل ڪيو وڃي. پر ويجهي مائٽن کان مليل تحفن تي اِهو قانون لاڳو نه هوندو.

سندس چوڻ هو ته صنعتي ادارا جيڪا واڌ چاهن ٿا مشينري جي قيمت خريدڻ جي 10 سيڪڙو جي برابر ٽيڪس ڪريڊٽ جي اجازت هوندي آهي جنهن کي گهٽ ڪري 5 سيڪڙو ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي ۽ ان کان پوءِ ان ڪريڊٽ کي ختم ڪيو وڃي.

حماد اظهر چيو ته ملڪيت 40 کان وڌيڪ هجي ته خريدار وڌ هولڊنگ ٽيڪس ادا ڪندو آهي ان کان بچڻ جي لاءِ خريدار رقم کي ٽوڙي 40 لک کان به گهٽ ظاهر ڪندو آهي ان بدفعلي جي خاتمي لاءِ ملڪيت جي قيمت جو لحاظ رکڻ کان سواءِ وڌ هولڊنگ ٽيڪس وٺڻ جي تجويز ڏني پئي وڃي.

سندس چوڻ هو ته ڊويڊنڊ سان آمدن تي ڏاڍي گهٽ شرح سان ٽيڪس لڳايو ويندو آهي ڇو ته ڪمپنيون پهرين ئي مڪمل شرح سان ٽيڪس ادا ڪنديون آهن پر ٽيڪس مان ڇوٽ يا ڪنهن ۽ سبب سان ٽيڪس ادا نه ڪندڙن ڪمپنين جي منافعي سان امدن تي عام ٽيڪس جي جاءِ تي 25 سيڪڙو ٽيڪس لڳائي سگهجي ٿو.

مملڪتي وزير چيو ته قرض تي منافعي جي آمدن تي الڳ سان 50 لک، 50 لک کان اڍائي ڪروڙ ۽ اڍائي ڪروڙ کان وڌيڪ قرض تي ترتيبوار 10 سيڪڙو، 12.5 سيڪڙو ۽ 15 سيڪڙو جي شرح تي ٽيڪس لاڳو ڪيو ويندو آهي، ان حوالي سان تجويز آهي ته لاڳاپيل منافعي تي 15 سيڪڙو، 17.5 سيڪڙو ۽ 20 سيڪڙو جي شرح سان نظرثاني ڪئي وڃي.

سندس چوڻ هو ته قرض تي منافعي جي ڪٽوتي جي شرح تي نظرثاني ڪري 10 سيڪڙو کان 15 سيڪڙو واڌ ڪرڻ جي تجويز آهي.

حماد اظهر چيو ته مينوفيڪچرز پنهنجي ساٿين کي ڪميشن ايجنٽس/ڊيلرز مقرر ڪندي آهي جنهن کي هو پنهنجي اصل ٽيڪس ادا ڪرڻ جي ذميواري کان پاسو ڪرڻ جي لاءِ واڌو ڪميشڻ جي شڪل ۾ پنهنجي منافعي جي رقم منتقل ڪندي آهي جنهن جي خاتمي لاءِ تجويز آهي ته سپلائرز جي ڪل رقم جي 0.2 سيڪڙو کان وڌيڪ ادا ڪيل ڪميشن جي رقم جي اجازت نه هوندي، جيستائين اِهي ڊيلر سيلز ايڪٽ 1990 جي تحت رجسٽرڊ نه هجن.

هن چيو ته فنانس ايڪٽ 2018ع جي ذريعي هڪ ڪروڙ رپي جي حد لاڳو ڪئي هئي وئي جنهن جي تحت پرڏيهي ملڪي ٽرانزيڪشن جي صورت ۾ هڪ ڪروڙ جا ذريعا پڇڻ جي اجازت نه ڏني هئي، پرڏيهي زرمبادله جي ذريعي سيڙپڪاري جي ذريعن جي وضاحت جي لاءِ حد 10 ڪروڙ کان 5 ڪروڙ ڪرڻ جي تجويز آهي.

سندس چوڻ هو ته بينڪنگ ۽ انشورنس جي نظام ۾ تبديليون آنديون پيون وڃن جنهن جي ڪري حڪومت کي انهن سيڪٽرن جي حقيقي آمدن تي ٽيڪس لڳائڻ ۾ مدد ملندي.

حماد اظهر چيو ته ملڪيت جي خريداري يا وڪري جي ڏي وٺ جي اصل قيمت جانچڻ جي لاءِ تجويز ڏني ويندي آهي ته ملڪيت جي صورت ۾ 50 کان وڌيڪ  ۽ جائز ملڪيت جي صورت ۾ 10 لک يا ان کان وڌيڪ جي ملڪيت جي لاءِ ضروري هوندو ته ان کي بينڪ چيڪ جي ذريعي خريديو وڃي ۽ ان شرط جي ڀڃڪڙي جي صورت ۾ اهڙي اثاثن جي قيمت ۾ گهٽتائي به موجود نه هوندي ۽ ڪيپٽل گين جي لاءِ ان جي قيمت خريد کي 0 تصور ڪيو ويندو.

بجيٽ جا اهم نڪتا:

  • ترقياتي بجيٽ جي لاءِ 1800 ارب رپيا رکيا ويا
  • جي ايس ٽي جي شرح 17 سيڪڙو برقرار رکڻ جو فيصلو
  • ديامر ڀاشا ڊيم جي لاءِ 20 ارب رپيا مختص
  • داسو هائيڊرو منصوبي ۽ مهمند ڊيم جي لاءِ 15-15 ارب رپيا
  • اعليٰ تعليم جي لاءِ ريڪارڊ 43 ارب رپيا رکيا ويا
  • زرعي شعبي جي لاءِ 12 ارب رپيا
  • ڪراچي جي 9 ترقياتي منصوبن جي لاءِ 45.5 ارب رپيا
  • عسڪري بجيٽ 1150 ارب رپيا برقرار رهندي
  • پينشن ۾ 10 سيڪڙو واڌ
  • وفاقي ڪابينا جي ميمبرن جي پگهارن ۾ 10 سيڪڙو گهٽتائي
  • وفاقي ڪابينا جي ميمبرن جي پگهارن ۾ 10 سيڪڙو گهٽتائي
  • مزدور جي گهٽ ۾ گهٽ پگهار 17 هزار 500 رپيا
  • خشڪ کير، پنير ۽ ڪريم تي 10 سيڪرو درآمدي ڊيوٽي

You might also like