اهم ملڪ جا پارليامينٽ ميمبر ڪشمير جي حمايت ۾ …..!

لنڊن(ويب ڊيسڪ) برطانوي پارليامينٽ ميمبرن ڪشمرين جي خاص حيثيت جي خاتمي تي هڪ زبان ٿي مودي سرڪاري جي نفرت جوڳي قدم جي خلاف احتجاج جي صدا بلند ڪئي آهي.

ڪجهه ڏينهن پهرين برطانوي ليبر پارٽي جي اڳواڻ جيرمي ڪوربن ڪشميرين جي حمايت ڪيل ٽوئيٽ ۾ چيو هو ته والاريل ڪشمير ۾ حالتون تڪليف ڏيندڙ آهن، ڪشميرين جي حق جو احترام ڪيو وڃي ۽ بنيادي انساني حقن جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ گهرجي. هن گڏيل قومن جي ٺهرائن جي تحت ڪشمير مسئلي جو حل ڪڍڻ جو مطالبو ڪيو. جيرمي ڪوربن جي ٽويٽ کان پوءِ ٻيا ميمبر به ميدان ۾ اچي ويا.

ايوان ليوس به ڀارت طرفان ڪشمير جي خاص حيثيت جي خاتمي تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته ڀارتي قدم جي خلاف آواز اٿارڻ اسان جي اخلاقي ذميواري آهي. ڪشمير جي موجوده تڪراير صورتحال کي فور طور ختم ٿيڻ گهرجي ۽ امن قائم ڪرڻ ۾ قائم سموريون رنڊڪون ختم ڪرڻ گهرجن.

برطانوي  ڪنزرويٽو  پارٽي جي اڳوڻي سربراهه سعيده وارثي ڪشمير جي صورحال تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوج طرفان عورتن جي عصمت دري جي واقعن جي هڪ ڪاري تاريخ آهي، ڪشميري عورتن کي هن وقت اسان جي مدد جي سخت ضرورت آهي ۽ اسان ڪشمير سان گڏ آهيون. جنهن جي لاءِ برطانوي پرڏيهي کاتي عالمي سطح تي ڪشميري عورتن تي ٿيل ظلم جي خلاف هڪ موثر آواز آهي.

ان کان اڳ برطانوي ليبر پارٽي جي پارليامينٽ ميمبر  خالد محمود برطانوي پرڏيهي سيڪريٽري جي نالي پنهنجي خط ۾ ڪشمير جي خاص حيثيت ختم ڪرڻ کان پوءِ واري صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو هو ته ڀارتي حڪومت طرفان قانون سازي کان سواءِ ڪشمير جي خاص حيثيت کي ختم ڪرڻ غير قانوني عمل آهي.