ٽرمپ جي تنقيد کانپوءِ برطانوي سفير استعيفيٰ ڏئي ڇڏي

 

لنڊن (ويب ڊيسڪ) اي ميل ليڪ جي معاملي تي ٽرمپ جي تنقيد کانپوءِ آمريڪا ۾ مقرر برطانوي سفير استعيفيٰ ڏئي ڇڏي.

آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ اي ميل ليڪنگ جي معاملي تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ برطانوي سفير سرڪم دروک تي سخت تنقيد ڪئي هئي ۽ کيس هڪ ”احمق شخص“ قرار ڏنو هو، جڏهن ته ٽرمپ انتظاميا طرفان به سفير جي ڇنڊ پٽي وئي.

برطانوي خابرو اداري موجب آمريڪا ۾ مقرر برطانوي سفير پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي ۽ برطانيا جي پرڏيهي کاتي طرفان به سرڪم جي استعيفيٰ جي تصديق ڪئي وئي آهي.

استعيفيٰ ڏيڻ کانپوءِ سرڪم ڊيروڪ جو چوڻ هو ته هو انهن اڳڪٿين جو خاتمو چاهي پيو ۽ اي ميل ليڪنگ جي معاملي سندس لاءِ عهدي تي رهڻ ناممڪن بڻائي ڇڏيو هو.

You might also like