هالي ووڊ فلم ”20 برجز“ جو نئون ٽريلر جاري

لاس اينجلس (ويب ڊيسڪ) ايڪشن سان ڀرپور هالي ووڊ ٿرلر فلم “21 برجز” جو نئون ٽريلر جاري ٿي ويو.

برائن ڪرڪ جي هدايتڪاري ۾ ٺهندڙ فلم جي ڪهاڻي نيويارڪ پوليس ڊپارٽمنٽ جي هڪ جاسوس تي ٻڌل آهي جيڪو پوليس اهلڪارن جي قتل ۾ ملوث هڪ گينگ کي پڪڙڻ لاءِ لاڪ ڊائون ڪرائي ڇڏيندو آهي.

فلم جي ڪاسٽ ۾ چيڊوڪ بوسمين، سيانا ملر، اسٽيفن جيمز، جي ڪي سيمونز، ڪيٽي ميڪ ڪلينن، شينا ريان ۽ ٽيلر ڪچ سميٽ ٻيا اداڪار شامل آهن.

چيڊوڪ بوسمين ۽ اينٿوني رسو جي گڏيل پروڊيوس ڪيل ايڪشن ۽ سسپنس سان ڀرپور اها فلم 12 جولاءِ تي رليز ڪئي ويندي.

You might also like