موهن جو دڙو | لينڊ آف وزڊم

سنڌ کي فخر ڏياريندڙ هڪ ڪتاب | تبصرو ڪندڙ : رکيل مورائي

انساني ارتقا کانپوءِ تهذيبي ارتقا جو دور شروع ٿئي ٿو. دنيا جي ڪيترن اڪابرن خاص طور آرڪيالاجي ماهرن الڳ الڳ وقتن کي دنيا جي الڳ الڳ خطن کي تهذيب جي ڌرتي هجڻ جو اعزاز پئي بخشيو آهي ۽ ان کان پوءِ جزوي طور سنڌو تهذيب ۽ ان جي ارتقائي عمل کي ذڪر هيٺ آندو آهي.

انساني تاريخ ۾ تهذيب کي جيترو نقصان فتحن پهچايو آهي، شايد ئي ٻئي ڪنهن عمل پهچايو آهي، فتحن ۽ هجرتن جي لڳاتار سفر انسان جو چهرو تاريخ جي ڌوڙ ۾ لٽي ميرانجھڙو ڪري ڇڏيو آهي. جنهن ڪري اڄ انساني چهرو سڃاڻپ جهڙو ئي نه رهيو آهي.

ويجھي تاريخ ۾ فاتح قبيلن، گروهن ۽ قومن کي اعليٰ تهذيبن جو اڏيندڙ ڪرار ڏنو ويندو رهيو آهي، جيتوڻيڪ لڳاتار ٿيندڙ سائنسي تحقيق جي روشني ڪجهه ٻيو به ٻڌائي رهي آهي.

مثال طور سنڌو تهذيب ۾ جنم وٺندڙ سنڌ جي ذهين ليکڪ يوسف شاهين جو تازو آيل ڪتاب ”لينڊ آف وزڊم“ هڪ اهڙي ڊسڪوري آهي، جيڪا سنڌ کي اعليٰ مقام ڏيارڻ ۽ اڄ جي عالم کي ڏيکارڻ لاءِ ڪافي آهي.

 

 

يوسف شاهين صاحب عالمي تاريخ جو اهڙو سنڌي ڄاڻو آهي، جنهن کي عالمي تاريخ (ورلڊ هسٽري) آڱرين تي ياد هوندي آهي، سندس تازو آيل ڪتاب سنڌو تهذيب بابت اهڙي ڄاڻ ڏيندڙ آهي، جنهن کي پڙهي، سچ پچ سنڌين جو ڪنڌ فخر کان اوچو ٿي وڃڻ گهرجي.

تاريخ ۾ اهو به ڏٺو ويو آهي ته، جن قومن ۽ ڌرتين مسلسل غلاميءَ ۾ گذاريو آهي، اُهي اڳتي هلي پنهنجو پاڻ تان اعتماد وڃائي ويٺيون آهن،جنهن سبب سندن غلاميءَ جو عرصو ڊگهو ٿيندو رهيو آهي. سنڌ ۽ سنڌي قوم بلڪل تاريخ جي ان حادثي جو شڪار آهي.

سنڌو تهذيب دنيا جي جُڙندڙ ۽ وڌندڙ تهذيبن کي ڇا ڏنو آهي. ان جو هيءَ دستاويزي ثبوت آهي. جنهن ۾ شاهين صاحب چواڻي، دنيا جا اهي اڪثر عالم، اڪابر، تاريخدان ۽ آرڪيالاجيءَ جا ڄاڻو شامل آهن، جن سنڌو تهذيب کي دنيا جي پهرين تهذيب ڪوٺيو آهي ۽ ان جا ثبوت پڻ مهيا ڪيا آهن.

سنڌو تهذيب دنيا جي پهرين تهذيب آهي، اها ڳالهه سنڌي اسڪالر چون ته ان ۾ سندن وطن دوستيءَ وارو جذبو قبول ڪرڻ اوس هوندو. پر جڏهن دنيا جي شاندار تهذيبن جا اڏيندڙ ان ڳالهه کي قبول ڪن يا اظهارين ته پڪ سان اها سنڌين لاءِ اهڙي فخر جي ڳالهه آهي، جنهن جو مثال ٿي نٿو سگهي.

هن ڪتاب ۾ يوسف شاهين صاحب دنيا جي ڪيترن ئي آرڪيالاجي ماهرن جا رايا ڏيئي اهو ثابت ڪيو آهي ته ”موهن جو دڙو“ واري ڌرتيءَ دنيا کي جيترو ڏنو آهي، ايترو شايد ئي ڪنهن ڌرتيءَ انسان ذات کي ڏنو هجي. البت شاهين صاحب اهم حوالن سان ڄاڻايو آهي ته تهذيبن جي شروعات سنڌو تهذيب کان ٿي آهي. اها ڳالهه سنڌي فخر سان دنيا کي ٻڌائي سگهن ٿا، مثال لاءِ هيءُ ڪتاب ڏيکاري سگهجي ٿو.

دنيا جي تهذيبن جي تاريخ لکڻ جو هيءُ هڪ اهڙو رويو آهي، جنهن ۾ ڪنهن به جذبات جو عمل گهٽ آهي. تحقيق ۽ ان جي ڇنڊ ڇاڻ جو عمل وڌيڪ آهي. هماليا کان عربي سمنڊ تائين پنهنجو ڊگهو ڦلاءُ رکندڙ سنڌو تهذيب تي وڌيڪ تحقيق جي ضرورت آهي ۽ پڪ سان ان عمل  ۾ هيءُ ڪتاب هڪ اهم دستاويز ثابت ٿيندو اهڙي پڪ آهي. جنهن جو عملي ثبوت موهن جي دڙي کي پيش ڪيو ويو آهي. جنهن ۾ ڄاڻايل آهي ته هڪ اهڙو معاشرو اڏڻ ۽ هلائڻ جنهن ۾ ڪنهن به هٿيار جو عمل دخل نه هجي، جنهن ۾ ڪنهن به جنونيت جو عمل دخل نه هُجي. اهو انساني تاريخ ۾ فقط هڪڙو اعليٰ مثال آهي، ”جنهن کي دنيا”موهن جو دڙو“ جي نالي سان سڃاڻي ٿي.

يوسف شاهين صاحب جو هيءُ ڪتاب سچ پچ جڏهن دنيا جي الڳ الڳ خطن ۾ پڙهيو ويو ۽ ان بابت ويچاريو ويو ته هيءُ ڪتاب اڄوڪي عالم جو قبلو ڦيرائي ڇڏيندو ۽ شايد تاريخ جو رخ سنڌ ڏانهن موڙي ڇڏي. جيستائين ائين ٿئي، تيستائين سنڌ جي عالمن، اڪابرن ۽ آرڪيالاجي ڄاڻن جو رُخ، کيس موڙڻ ئي گهرجي.

انگريزيءَ ۾ سنڌو تهذيب بابت معجزي نما هي ڪتاب تازو ”موهن جو دڙو لينڊ آف وزڊم“ جي نالي سان ڇپجي مارڪيٽ ۾ آيو آهي، جيڪو ڪنهن به طرح سنڌ جي ڏاهن کي پڙهڻ گهرجي ۽ ان تي ويچارڻ گهرجي، شايد صدين کانپوءِ سنڌي ماڻهو پنهنجي غلاميءَ واري ڪيفيت مان ٻاهر نڪري اچي جيڪڏهن ائين ٿيو ته هن ڪتاب جو مرتبو چئبو.

هي ڪتاب سنڌ جي ثقافت واري کاتي پاران ڇپايو ويو آهي، جنهن ۾ سنڌو تهذيب جي ارتقا بابت خاص ڪري موهن جي دڙي بابت رنگين تصويرن سان گڏ سنڌ جي تهذيبي سفر بابت پڻ ڄاڻ ڏنل آهي، اعليٰ پني تي ڇپيل هڪ سئو چوهٺ صفحن واري هن ڪتاب جو مُلهه چار سئو رپيا آهي.