بولڊ ڊانس ڪرڻ منهنجي ڪردار جي ضرورت هئي: ماهران خان

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اداڪارا ماهرا خان ايندڙ ايڪشن ڊراما فلم “سپر اسٽار” ۾ پهريون ڀيرو بولڊ ڪردار ادا ڪندي  نظر ايندي.

ماهرا خان هن وقت “سپر اسٽار“ جي مشهوري ۾ مصروف آهي، ۽ اها فلم عيدلاضحيٰ جي موقعي تي رليز ڪئي ويندي.

فلم جي مشهوري جي سلسلي ۾ ڳالهائيندي ماهران خان ٻڌايو ته کيس “سپر اسٽار“ کان اڳ اهڙو ڪردار ادا ڪرڻ جو موقعو ناهي مليو.

ماهرا خان ايندڙ فلم ۾ پنهنجي ڪردار، پنهنجي ڊانس ۽ بولڊ ڪردار تي ڳالهائيندي اعتراف ڪيو ته “سپر اسٽار” ۾ بولڊ ڊانس ڪرڻ فلم ۾ منهنجي ڪردار لاءِ ضروري هو.

ماهرا خان واضح ڪيو ته آئون “نوري“ گيت ۾ بولڊ ڊانس ان ڪري ڪئي، ڇو جو اها فلم ۾ منهنجي ڪردار جي ضرورت هئي.

هن چيو ته فلم ۾ منهنجو ڪردار گھڻو بولڊ آهي ۽ جيڪڏهن فلم مان “نوري“ جو ڪردار ڪڍيو وڃي ته فلم ۾ ڪجهه ن بچندو.

ماهرا خان انڪشاف ڪيو ته آئون  فلم ۾ گيتن تي ڊانس لاءِ ڪا به تربيت ناهي ورتي ۽ نه ئي مونکي کي ريهرسل ڪرڻ جو گھڻو وقت مليو آهي.

سندس چوڻ هو ته ايندڙ فلم “پري هٽ  لو“ ۾ منهنجو  جو گيت“موري سيان“ ڪٿڪ ڊانس ٿي ٺاهيو ويو آهي، پر “نوري“ جهڙي بولڊ گيت تي انوکو رقص ڪرڻ مون  لاءِ چئلينج هو ۽ آئون  اهو چئلينج قبول ڪري ڏيکاريو.

اداڪارا جو چوڻ هو ته آئون “سپر اسٽار“ جي گيتن کان اڳ به مختلف فلمن جي گيتن تي ڪجهه ڊانس ڪئي آهي، پر انهن فلمن جي ڊانس ۽ سپر اسٽار جي گيت نوري جي بولڊ ڊانس ۾ گھڻو فرق آهي.

اداڪارا موجب شروع ۾ اهڙي بولڊ ڊانس ڪرڻ جي آڇ ٿيڻ تي ڊڄي وئي هيس، پر پوءِ هن اهو ڪري ڏيکاريو.

هڪ سوال جي جواب ۾ اداڪارا جو چوڻ هو ته آئون  پاڻ کي فٽ رکڻ لاءِ نه جم ويندي آهيان  ۽ نه ئي فٽنيس لاءِ کاڌو کائڻ کان پاسو ڪندي آهيان.

هن اعتراف ڪيو ته هوءَ صحت ٺاهيندڙ کاڌو کائيندي آهي ۽ هن کي ڪڏهن ڪڏهن لڳندو آهي ته هن کي جم وڃڻ گھرجي، پر ناهي ويندي.

جيتوڻيڪ ماهران خان وزندار ناهي، پر هن اعتراف ڪيو ته کيس ڪڏهن ڪڏهن محسوس ٿيندو آهي ته هن جو وزن وڌي ويو آهي، پر پوءِ به هن کي پنهنجي جسم سان پيار آهي.

هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته سپر اسٽار جي شوٽنگ دوران مون کي بولڊ بڻائڻ ۾ ميڪ اپ آرٽسٽ جو وڏو هٿ آهي.

سندس چوڻ هو ته آئون گھڻو ڪري ميڪ اپ ناهيان ڪندي ۽ نه ئي بولڊ نظر ايندي اچڻ چاهيندي آهيان، پر سپر اسٽار جي ڪردار سبب ميڪ اپ آرٽسٽ مونکي بولڊ به بڻايو ۽ سمجهايو ته هن جو بولڊ نظر اچڻ ڪيترو ضروري آهي.

ماهرا خان جو وڌيڪ چوڻ هو ته جيڪو به سپر اسٽار ڏسندو ان کي مزو ايندو.