صادق آباد جي خانگي بئنڪ ۾ ڌماڪو، 20 ماڻهو زخمي

رحيم خان ( ويب ڊيسڪ ) صادق آباد تعلقي ۾ خانگي بئنڪ ۾ ڌماڪي جي نتيجي ۾ 20 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جڏهن ته بئنڪ جي عمارت مڪمل طور تباهه ٿي وئي. صادق آباد ۾ قائم خانگي بئنڪ ۾ زوردار ڌماڪي جي نتيجي ۾ عمارت مڪمل طور تباهه ٿي وئي جڏهن ته واقعي ۾ 20 ماڻهو زخمي ٿي پيا.  ڌماڪي جو اطلاع ملندي ئي پوليس ۽ امدادي اهلڪار واقعي واري هنڌ پهچي ويا ۽ زخمي ماڻهن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو. ڊپٽي ڪمشنر جميل احمد ٻڌايو ته واقعي کانپوءِ اسپتالن ۾ هنگامي حالتون لاڳو ڪيون ويون آهن ۽ طبي عملي کي طلب ڪيو ويو آهي. پوليس موجب ڌماڪي سان ويجهين عمارتن ۽ دڪانن کي نقصان پهتو جڏهن ته عمارت ڀرسان بيٺل 6 موٽرسائيڪلن، هڪ ڪار ۽ هڪ بس کي به نقصان پهتو.  پوليس واقعي واري هنڌ کي ڪڙو چاڙهي ڇڏيو آهي.ڊي پي او صادق آباد عمر سلامت جو چوڻ آهي ته في الحال ڌماڪي جي نوعيت بابت ڪجهه چئي نه ٿو سگهجي پر ظاهري طور ڌماڪو سلينڊر جو لڳي ٿو، معاملي جي جاچ شروع ڪئي وئي آهي.