ڪوئيٽا ۾ ڌماڪو: 4 اهلڪار شهيد، 9 زخمي

ڪوئيٽا(ويب ڊيسڪ) ڪوئيٽا جي علائقي سيٽلائٽ ٽائون جي مني مارڪيٽ ۾ پوليس موبائيل جي ڀرسان ڌماڪي جي نتيجي ۾ 4 اهلڪار شهيد ۽ 2 اهلڪارن سميت 9 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

ڊپٽي جنرل انسپيڪٽر جنرل (ڊي آءِ جي) ڪوئيٽا عبدالرزاق چيمه جاني نقصان جي تصديق ڪندي ٻڌايو ته زخمين ۾ 2 پوليس اهلڪارن کان سواءِ 7 شهري به شامل آهن.

هن ٻڌايو ته ڌماڪي جي لاءِ ريموٽ ڪنٽرول ڊيوائس روڊ جي ڪناري تي بيٺل موٽرسائيڪل ۾ لڳائي وئي هئي.

پوليس ذريعن موجب ڌماڪو مني مارڪيٽ ۾ الهديٰ مسجد جي ڀرسان ٿيو، ڌماڪي جي زخمين کي سول اسپتال پهچايو ويو.

ذريعن چيو ته ڌماڪي سان پوليس موبائيل کي به نقصان پهتو جڏهن ته اسپتال ۾ سينيئر ڊاڪٽرن کي طلب ڪري ورتو آهي.

سيٽلائٽ ٽائون ڪوئيٽا جي حساس علائقن مان هڪ آهي جتي ان کان اڳ به دهشتگردي جا ڪيترائي واقعا پيش اچي چڪا آهن.

پاڪستان مسلم ليگ ن جي صدر ۽ قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف ڪوئيٽا ۾ ڌماڪي جي مذمت ڪندي چيو ته بلوچستان کي مسلسل نشانو بڻائڻ سان دمشن جا عزم واضح ٿي ويندا آهن.

هن چيو ته دهشتگردي جي واقعن ۾ واڌ تي ڳڻتي آهي، سيڪيورٽي اهلڪار پنهنجي سر تي کيڏي وطن جي دفاع ۽ عوام جي تحفظ ۽ سلامتي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ بي مثال ڪردار ادا ڪري رهيا آهن جڏهن ته دهشتگردي جي خاتمي تائين سڄي قوم اتحاد، استقامت ۽ پختي عزم سان گڏ ڄميل رهندي.

هوڏانهن بلوچستان جي وڏي وزير ڄام ڪمال سيٽلائٽ ٽائون جي مني مارڪيٽ ۾ ڌماڪي جي سخت مذمت ڪئي آهي. هن چيو ته جاني ۽ مالي نقصان تي افسوس آهي، اهڙي سازش ڪري امن امان جي صورتحال خراب ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.

You might also like