والاريل ڪشمير ۾ مسلمانن کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي رٿابندي

 

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي حڪمران جماعت ڀارتيا جنتا پارٽي (بي جي پي) جي سيڪريٽري جنرل رام ماديو والاريل ڪشمير ۾ رياستي چونڊن ۾ ڪاميابي حاصل ڪري حڪومت ٺاهڻ جو عزم ورجائيندي چيو آهي ته اسان جي پارٽي اتي هندن کي ٻيهر آباد ڪرڻ لاءِ ڪئمپن جي تعمير جو منصوبو بحال ڪندي.

هندو قوم پرست جماعت جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل ۽ ڪشمير بابت معاملن جي ذميوار رام ماديو موجب ڪشمير ۾ 1989 ۾ شروع ٿيندڙ آزادي جي تحريڪ کانپوءِ وادي کان لڏپلاڻ ڪري ويندڙ هندن جو انگ هڪ اندازي موجب ٻن لکن کان ٽن لکن تائين پهتو آهي، جن جي واپسي ۾ مدد جو منصوبا بڻائڻ لاءِ پرعزم آهيون.

سندس چوڻ هو ته ڪشميري هندن جي وادي ۾ واپسي جي انهن جي بنيادي حق جو احترام ڪيو ويندو ۽ اسان کي کين مڪمل سيڪيورٽي فراهم ڪرڻي آهي، بي جي پي جي اڳوڻي اتحادي حڪومت ڌار آبادڪاري يا هڪ ئي علائقي ۾ اڏاوتن جو سوچيو هو پر ان تي اڳڀرائي نه ٿي سگهي ۽ ڪنهن هڪ منصوبي تي اتفاق نه ٿي سگهيو هو.

You might also like