موجوده حڪومت ۾ ڪشميرين کي حق ڏيارڻ جي اهليت ئي ناهي: بلاول ڀٽو زرداري

 

اسڪردو (ويب ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ان عزم جو اظهار ڪيو آهي ته سندن جماعت ڪشميرين جي حقن جي جنگ وڙهندي ورهندي ۽ گڏوگڏ هن تحريڪ انصاف حڪومت تي تنقيد ڪندي چيو ته موجوده حڪومت ۾ اهليت ئي ناهي ته اها ڪشميري عوام کي حق ڏياري سگهي.

اسڪردو ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته دنيا ۾ ڪٿي به وڃان ڪشمير مسئلي تي آواز اٿاريندس، ملڪ ۾ انساني حقن جون ڀڃڪڙيون ڪندڙ ڪهڙي منهن سان والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي ڀڃڪڙين تي ڳالهائي رهيا آهن.

هن چيو ته وزيراعظم پاڻ کي عوام سامهون بي نقاب ڪري ڇڏيو آهي، حڪومت پنهنجون ناڪاميون لڪائڻ لاءِ اپوزيشن کي ڀت سان لڳائي رهي آهي، جيڪڏهن اها ئي اپوزيشن ڪندي ته حڪمراني ۽ عوامي مسئلا ڪير حل ڪندو؟

سندس چوڻ هو ته حڪومت کي خبر ئي ناهي ڇا ڪرڻو آهي، بس اها اسان جي خلاف ڪارروائيون ڪري رهي آهي، اسان اڳوڻي وزيراعظم شهيد ذوالفقار علي ڀُٽي جي مشن کي مڪمل ڪرڻ چاهيون ٿا، اسان جي پارٽي عوام سان گڏ آهي پر عوام ساٿ ڏئي ته گڏجي ملڪ جا مسئلا حل ڪيون.

بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پ پ ۽ گلگت بلتستان جي عوام جو پراڻو رشتو آهي، هن جماعت جي لاڳيتي جدوجهد جي تاريخ آهي، هاڻ اسان گلگت بلتستان جي عوام کي حق ڏينداسين ۽ خطي جي ماڻهن جي مسئلن کي وفاقي سطح تي بهتر انداز ۾ کنيو ويندو.

پ پ چيئرمين چيو ته گلگت بلتستان جي عوام کي خبر آهي ته وزيراعظم عمران خان ملڪ جي آئين ۽ 18هين ترميم تي حملا ڪري رهيو آهي ته عوام کي انهن جا حق ڪيئن ڏياري سگهندو؟ عمران خان جو هڪ ٻيو واعدو پورو نه ٿيو، هن پنهنجي واعدن تي يوٽرن ورتو آهي.

You might also like