پ پ چيئرمين ويڊيو اسڪينڊل جي شفاف جاچ جو مطالبو ڪري ڇڏيو

 

سکر (ويب ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ويڊيو اسڪينڊل سواليا نشان آھي، مون جج جي وڊيو ناھي ڏٺي، خبر ناھي ته سچ آھي يا نه؟ عدليا کي ان جي جاچ ڪرڻ گهرجي.

سکر ۾ صحافين سان ڳالهائيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته عدالتن مان اميد آھي ته حق ۽ سچ جو فيصلو ايندو، ادارن کي ڪڏھن به تڪراري بڻجڻ نه گھرجي، ڪنھن کي به ھمت نه ھجڻ گهرجي ته ججن مٿان دٻاءُ وجھن، ھي ڪھڙو طريقو آھي جو رات جي اوندانهين ۾ ججن خلاف ريفرنس داخل ڪيا ويا، پ پ سميت سموريون اپوزيشن پارٽيون ججن جي معاملي تي عدليا کان شفاف جاچ جو مطالبو ڪن ٿيون.

سندس چوڻ هو ته سکر جي اين آءِ سي وي ڊي ۽ ايس آءِ يو ٽي اسپتالن ۾ عوام جو مفت علاج ڪيو پيو وڃي، عوام ڄاڻي ٿو ته وفاق سنڌ جو معاشي قتل عام ڪري رھيو آھي، سنڌ صوبي جي حقن تي وفاق ڌاڙو ھڻي رھيو آھي، اسان عوام جي ھر حال ۾ خدمت ڪندا رھنداسين.

هن وڌيڪ چيو ته ڪٺ پتلي حڪومت جو ھر طرح سان مقابلو ڪرڻ لاءِ تيار آھيون، پ پ عوامي خدمت تي يقين رکي ٿي، ادارن جي آزادي لاءِ جدوجهد جاري رکندس.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.