اسٽيڊنگ ڪميٽين جا اجلاس رد ڪرڻ پارليامنٽ تي حملو آهي: بلاول

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان پيپلز پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته اسٽيڊنگ ڪميٽين جا سڏايل اجلاس ختم ڪرڻ پارليامنٽ تي حملو آهي، پارليامنٽ جي اندران پارليامنٽ تي حملو ٿيو آهي.

اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي بلاول ڀٽو چيو ته اسپيڪر جي آفيس مان هڪ نوٽيفڪيشن نڪتو جنهن ۾ چيو ويو ته اسٽيڊنگ ڪميٽين جا سڏايل اجلاس ختم ڪيا وڃن ٿا.

اڄ ڪنٽينر وارا پارليامنٽ اندر پارليامنٽ تي حملا ڪري رهيا آهن، اسٽيڊنگ ڪميٽين بنا پارليامنٽ اڻپوري آهي.

پ پ چيئرمين چيو ته اڄ اسٽيڊنگ ڪميٽي ۾5 بلن تي بحث ڪرڻو هو. رولز موجب اسپيڪر کي اهو اختيار حاصل ناهي. اڄ جڏهن ڪميٽين جي اجلاسن بابت نوٽيفڪيشن جاري ٿيو ته اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر پرڏيهه ۾ آهن.

اڄ ڪنٽينر وارا پارليامنٽ جي اندر ويهي پارليامنٽ تي حملا ڪري رهيا آهن، رولز موجب اسپيڪر ڪميٽين جي اجلاسن تي پابندي نٿو هڻي سگهي.

هن چيو ته هي خودمختيار پارليامنٽ کي نٿا مڃن، اسان سمجهون ته ڀڳل ٽٽل جهموريت به آمريت کان بهتر هوندي آهي.

جيڪڏهن اوهان اهڙي نموني ايوان هلائيندئو ته پوءِ مخالف ڌر وٽ آپشن گهٽ هوندا آهن، اسپيڪر کي فوري طور ڪميٽين جي اجلاسن بابت فيصلو واپس وٺڻ گهرجي، ٻي صورت ۾ اسان پارليامنٽ خلاف ٿيندر ڪنهن به قدم خلاف ويڙهه ڪنداسين،  هي سمورا قدم ان فاشسٽ حڪومت جو چهرو وائکو ڪري رهيا آهن.

هن چيو ته پارليامنٽ ۾ ڪنهن به جهموريت لاءِ اهم ترين ادارو آهي، هتي جهمور جي مسئلن تي ڳالهايو ويندو آهي، ماڻهو پنهنجن معاملن لاءِ ان فورم کي استعمال ڪري هڪ ٻئي جي ڳالهه ٻڌندا ۽ ٻڌائيندا آهن.

بلاول ڀٽو چيو ته جيڪڏهن جهموريت جا رستا بند ڪيا ويا ويندا ته ان جا سنگين نتيجا نڪرندا، هن چيو ته گذريل ڏينهن ٽن ٽي وي چئنلن جي نشريات بندي ڪئي وئي، اهو اظهار جي آزادي تي حملو آهي، صحافت جي آزادي تي حملو آهي ۽ اهو ڪنهن طور قابل قبول ناهي.

بلاول ڀٽو چيو ته اڄ صحافي نه اخبارن ۾ پنهنجي ڳالهه ڪري سگهي ٿو ۽ نه ئي سوشل ميڊيا ذريعي پنهنجو موقف ڏئي سگهي ٿو، ٽوئيٽر اڪائونٽ بند ڪرايا پيا وڃن.

بلاول ڀٽو چيو ته دنيا کي ان جو جواب ڪير ڏيندو هن ملڪ ۾ احسان الله احسان جو انٽرويو هلي سگهي ٿو، ڪلڀوشن ياديو جو انٽرويو هلي سگهي ٿو، پر قبائلي جوانن ۽ اڳوڻي صدر جا انٽرويو سندن موقف نٿا هلي سگهن.

You might also like