بلاول ڀٽو زرداري طرفان نيب ۾ پيشي کان معذرت……!

 

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ذاتي مصروفيتن جي ڪري نيب ۾پيشي کان معذرت ڪري ورتي آهي، نيب کي لکيل جوابي خط ۾  سندس چوڻ هو ته ايندڙ هفتي پيشي جي لاءِ ڪا به تاريخ مقرر ڪئي وڃي.

تفصيل موجب سنڌ جي سڌُ سماءَ بابت صلاحڪار مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته قومي احتساب بيورو طرفان طلب ڪرڻ تي پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري نيب کي جوابي خط موڪلي ڇڏيو آهي.

جنهن ۾ چيو ويو آهي ته 17 مئي تي ذاتي مصروفيتن جي ڪري نيب ۾ پيش نٿو ٿي سگهان ان ڪري نيب ايندڙ هفتي پيشي جي لاءِ ڪا تاريخ مقرر ڪري.

مرتضيٰ وهاب وڌيڪ ٻڌايو ته نيب طرفان موڪليل 8 مئي جو خط پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کي 13 مئي تي مليو هو.

You might also like