بهاري ڪباب

شيون

قيمو: 1 ڪلو

بيسڻ:  3 چمچا

گيهه: 1 ڪوپ

گدامڙي: 50 گرام

پپيتو: 1 عدد

خشخش: 4  چمچا

بصر: 3 عدد

ٿومَ: 8 ڳڙيون

اڇو زيرو: 2 چمچا

لوڻ: ضرورت موجب

ترڪيب: بيسڻ، اڇو زيرو ۽ خشخش کي ٿورو ٿورو ڀُڃو، بصر، ٿوم، ڪارن مرچن ۽ ڪچي پپيتي کي به پيسي انهن مصالحن ۾ ملائي ڇڏيو. ڪجهه دير کانپوءِ انهن جا ڪباب ٺاهيو ۽ گيهه ۾ تَريو، ڪباب تيار ٿيڻ کانپوءِ ڏهي ۽ سلاد سان کائي سگهو ٿا.

You might also like