هن ميوي جون اهڙيون خاصيتون، جيڪي شايد توهان کي خبر نه هجن…

هن موسم ۾ هڪ ميوو گھڻو نظر ايندو آهي جنهن کي جاپاني ميوي جي نالي سان سڃاتو ويندو آهي پر اردو ۾ ان کي املوڪ جڏهن انگريزي ۾ persimmon  چيو ويندو آهي.

بنيادي  طور تي اهو چين واسطو رکندڙ ميوو آهي جنهن جي پوک هزارين ورهين کان ٿي رهي اهي ۽ هاڻ سڄي دنيا ۾ ان جا مختلف قسم پوکيا پيا وڃن.

هاڻ سوال اهو آهي ته آخر ان جاپاني ميوي کي ڇو کاڌو ويندو آهي؟ ان جو سبب اهو آهي جاپان ۾ پوکيو ويندڙ اهو قسم Diopyros Kaki  گھڻو مشهور آهي جيڪو لڳ ڀڳ سموري دنيا ۾ پوکيو ويندو آهي.

اهو ئي سبب آهي ته ان کي جاپاني ميووي جو نالو ڏنو ويو آهي.

نارنگي يا ٽماٽي جهڙو اهو ميوو پنهنجي مٺاڻ ۽ ماکي جهڙي ذائقي سبب سڃاتو ويندو آهي ۽ ان جا ڪيترائي قسم سموري دنيا ۾ موجود آهن، جن مان ڪجهه مشهور به آهن.

ان ميووي کي تازو، خشڪ يا پچائي به کائي سگھجي ٿو جڏهن ته سڄي دنيا ۾ ان جي جيلي، شربت، ٻوڙ ۽ پڊنگ وغيره تيار ڪئي ويندي آهي.

اهو رڳو مزيدار ئي ناهي هوندو پر ان ۾ ٽيوٽريشن يا غذائي جزا به گھڻا آهن جيڪي ڪيترن ئي طريقن سان صحت لاءِ فائديمند ثابت ٿي سگھن ٿا.

غذائي جزن سان ڀرپور

جيتوڻيڪ ان جو ڪاٿو گھڻو ناهي هوندو پر ان ۾ غذائي جزن جو مقدار متاثر ڪندڙ آهي، حقيقت ۾ ان ميوي ۾ 118 ڪيلوريز، 31 گرام ڪاروبوهائيڊريٽس، هڪ گرام پروٽين، 0.3 گرام سڻڀ، 6 گرام فائبر، روزانو گھربل وٽامن اي جو 55 سيڪڙو مقدار، روزانو گھربل وٽامن سي جو 5 سيڪڙو مقدار، روزانو گھربل وٽامن بي جو 6 جو 8 سيڪڙو مقدار، پوٽاشيم جو روزانو گھربل 8 سيڪڙو مقدار، ڪاپر جو گھربل 9 سيڪڙو جڏهن ته ميگنيز جو 30 سيڪڙو مقدار جسم کي ملندو آهي.

هي به پڙهي سگھو ٿا:ڪيڪ رسڪ تيار ڪرڻ جو طريقو

ان کان سواءِ اهو ميوو وٽامن بي 1، وٽامن بي 2، فوليٽ، ميگنيشيم ۽ فاسفورس حاصل ڪرڻ جو به سٺو ذريعو آهي ۽ گھٽ ڪيلوريز سان گڏ فائبر به موجود اٿس جيڪا وزن گھٽ ڪرڻ لاءِ سٺو ميوو بڻائيندي آهي.

اينٽي آڪسيڊنٽس حاصل ڪرڻ جو طاقتور ذريعو

جيئن مٿي لکيل آهي ته ان ۾ نباتائي مرڪب موجود هوندا آهن جيڪي اينٽي آڪسائيڊنٽس خاصيتون رکن ٿا، اينٽي آڪسائيڊنٽس خلين کي تڪسيدي دٻاءَ سبب ٿيندڙ نقصان کان بچائڻ ۾ مدد ڏيندو آهي، جنهن سان ماليڪيولز کي نقصان پهچندو آهي جن کي فري ريڊيڪلز به چيو ويندو آهي.

اهو تڪسيدي دٻاءُ مختلف مرضن جهڙوڪ دل جو مرض، شگر، ڪينسر ۽ دماغي عارضن جهڙو الزائيمر وغيرهه جو سبب بڻجي سگھي ٿو، پر اينٽي آڪسئيدنٽس سان ڀرپور خوراڪ جهڙوڪ جاپاني ميوي جو استعمال ان تڪسيدي دٻاءَ سان ويڙهه ۾ مدد ڏئي ان مخصوص مرض جو خطرو گھٽ ڪري سگھي ٿو.

فليونوئڊز سان ڀرپور خواڪ به دل جي مرض، عمر وڌڻ ٿيندڙ جسماني وڌڻ گھٽجڻ ۽ ڦڦڙن جي ڪينسر کان تحفظ لاءِ فائديمند سمجهيو ويندي آهي .

بيٽا ڪيروٽين جي موجودگي سبب به اهو ميوو دل جي مرض، مختلف قسمن جي ڪينسر ۽ ميٽابولڪ مرضن جهڙوڪ شگر يابلڊ پريشر وغيرهه جو خطرو گھٽ ڪرڻ ۾ مدد ڏئي سگھي ٿو.

هڪ تحقيق ۾ دريافت ڪيو ويو هو ته بيٽا ڪيروٽين جو گھڻو استعمال شگر ٽائيپ ٽو ۾ مبتلا هجڻ جو خطرو نمايان حد تائين گھٽ ڪدنو اهي.

دل جي صحت لاءِ امڪاني طور تي فائديمند

دل جو مرض سڄي دنيا ۾ موت جو سڀ کان وڏو سبب سمجهو ويندو آهي ۽ ڪروڙين ماڻهن جي حياتين کي متاثر ڪندڙ آهي، خوش قسمتي سان گھڻن قسمن جي دل جي مرضن جي روڪٿام مختلف عنصرن جو خيال رکي ممڪن آهي جيئن ناقص خوراڪ کان پاسو ڪرڻ.

جاپاني ميوي ۾ موجود مختلف جزا دل جي صحت لاءِ هڪ مثالي ڇونڊ آهي،

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.