غذائيت سان ڀرپور ڇانهي جا فائدا

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي قدرت سڀني ميون کي هر موسم جي لحاظ سان ٺاهيو آهي ۽ ڇانهي به هڪ اهڙو ئي ميوو آهي جنهن ۾ بي شمار خاصيتن سان گڏوگڏ موسم سان وڙهڻ جي طاقت به شامل آهي.

هر موسم جا پنهنجا مزيدار ميوا آهن جنهن ۾ ڇانهي جي ڳڻپ به اهڙن ئي رسيلن ۽ مزيدار ميون ۾ ٿيندي آهي جنهن جون خاصيتن کان شايد ئي توهان واقف هجو.

دل جي مريضن لاءِ؛

دل جي بيماري هڪ عام بيماري جي شڪل اختيار ڪندي پئي وڃي ۽ ان جي علاج لاءِ دوائن جو استعمال نه رڳو کيسي لاءِ نقصان هوندو آهي پر انهن دوائن جا سائيڊ افيڪٽ به گھڻا هوندا آهن تنهنڪري دل جي مرضن کان بچڻ لاءِ گھريلو ٽوٽڪا استعمال ڪرڻ گھرجن ۽ ان جو حل به ڇانهي ۽ ٻين ميون ۾ لڪيل آهي. ڇانهي ۾ موجود لائي ڪوپين نالي جُزُ دل جي مرضن لاءِ گھڻا فائديمند آهن ۽ هڪ تحقيق مان اها ڳالهه به سامهون آئي آهي ته ان جي استعمال سان دل جي مرضن کي گھٽائي سگھجي ٿو.

پاڻي جي کوٽ کي پورو ڪندو آهي؛

گرمي جي موسم ۾ جسم مان پگھر جي صورت ۾ اسان جي نمڪيات خارج ٿيندي آهي ان ڪري جسم ۾ پاڻي جي کوٽ کي پورو ڪرڻ گھڻو ضروري هوندو آهي ۽ ان ڪري ڇانهي گھڻي فائديمند آهي جيڪا جسم ۾ پاڻي جي کوٽ کي پورو ڪرڻ سان گڏ خوراڪ به فراهم ڪندي آهي.

وارن لاءِ فائديمند:

ڇانهي ۾ موجود وٽامن اي چمڙي لاءِ گھڻي فائديمند آهي تنهنڪري رڳو ڇانهي جو هڪ پيالو وٽامن اي جي روزمرهه جي ضرورت کي پورو ڪندي آهي جڏهن ته ڇانهي وارن کي ڀرپور موسچرائيزر پڻ فراهم ڪندي آهي.

طبي ماهرن جو چوڻ آهي ته ڇانهي جتي فائديمند آهي اتي ان جا نقصان به آهن تنهنڪري اسان کي ڇانهي جو مناسب استعمال ڪرڻ گھرجي ڇو ته گھڻو ۽ بي وقت کائڻ سبب هيضي جهڙو مرض سان به منهن ڏيڻو پئجي سگھي ٿو.

You might also like