هتي غريب هجڻ به وڏو ڏوهه آ

امتياز چانڊيو

مون آچر واري رات فيس بڪ پئي چيڪ ڪيو، لڳ ڀڳ 11 وڳي ڌاري اوچتو ئي هڪ پوسٽ منهنجي موبائل جي اسڪيل تي اچي وئي، پوسٽ رکڻ وارو هڪ بزرگ شخص هو، جنهن جي اردو ۾ لکيل اها پوسٽ پڙهندي ئي مون کان ڇرڪ نڪري ويو ۽ اکين ۾ آيل هلڪي هلڪي ننڊ وارا خمار پکيءَ وانگر اڏامي ويا ۽ مون ان پوسٽ ذريعي آيل ان خبر جي تصديق ڪرڻ لاءِ لاڳاپيل دوستن کان سان رابطو جي ڪوشش تيز ڪري ڇڏي، ڪجهه صحافين کي به فون ڪيا ۽ ڪجهه ان ڳوٺ جي ماڻهن جا منهنجي موبائل جي ڊائريڪٽري ۾ موجود نمبرن کي ڳولڻ شروع ڪيو، ان پوسٽ ۾ خبر اها هئي ته پنهنجي خاندان کي انصاف ڏيارڻ لاءِ هڪ حاضر سروس اعليٰ آفيسر کي جدوجهد ذريعي ڦاهي جي ڦندي تي پهچائيندڙ عظيم ڪردار ٽنڊوبهاول جي رهواسڻ “امڙ جندو” گذاري وئي، ٿوري دير بعد اها تصديق ٿي وئي ته امڙ جندو حيات ۽ سلامت آهي، سندس بابت فيس بڪ تي هلايل خبر ڪوڙي آهي، مون کي خبر هلائيندڙ تي ڏاڍي ڪاوڙ به آئي ۽ افسوس به ٿيو.

مون سوچيو پئي ته ڇا سوشل ميڊيا جهڙي ڇڙواڳ گهوڙي کي رسي وجهڻ لاءِ اسان وٽ ڪو به قانون موجود ناهي، جيڪو به چاهي پنهنجي ڪوڙي سچي ڊيٽا شامل ڪري ڪوڙي نالي سان فيس بڪ جي آءِ ڊي ٺاهي ۽ ان کي جيئن وڻيس تيئن استعمال ڪري، ڪنهن زنده سلامت انسان کي ماري ڇڏي، ڪنهن جو پٽڪو لاهي ڇڏي ۽ ڪنهن کي عظيم قرار ڏئي ۽ ڪنهن به شريف انسان کي ذليل ڪري ڇڏي، مون کي ان ڳالهه جو به وڏو افسوس پئي ٿيو ته هڪ ماڻهو فوٽو سميت امڙ جندو بابت اها پوسٽ رکي ۽ هڪ يا ٻن ڪلاڪن اندر فيس بڪ تي موجود ان ماڻهو جي دوستن ان خبر جي تصديق ڪرڻ بنا ڪيترائي افسوسناڪ تبصرا ڪيا، ڪيترن ئي ماڻهن پوسٽ کي لائيڪ ڪيو ۽ ڪيترن ئي ماڻهن هڪ زنده انسان کي جنت ۾ جاءِ ملڻ جون دعائون ڪيون.

فون ڪري مون جڏهن ٽنڊوحيدر جي هڪ صحافي دوست عرس خاصخيلي کان ان خبر بابت ڄاڻ حاصل ڪري مون کي اصل حقيقت ٻڌائڻ لاءِ چيو، ٿوري دير بعد عرس جو فون آيو ۽ هن ڏک ڀريي انداز ۾ چيو پئي ته ڀاءُ امتياز، امڙ جندو سلامت ۽ حيات آهي، سندس طبعيت به بلڪل ٺيڪ آهي، افسوس آهي ته اهڙي ڪوڙي خبر هلائڻ مان ماڻهن کي ڇا ٿو ملي، هتي آئون به ذڪر ڪندو هلان ته ڪجهه مهينا اڳ به سوشل ميڊيا تي اهڙي خبر هلي هئي، جنهن ۾ هڪ زنده انسان کي مارڻ ڳالهه ٿي هئي، سوشل ميڊيا تي سنڌ جي مزاحيا فنڪار منان عباسي جي وفات ڪري وڃڻ، پرويز مشرف جي انتقال ۽ الطاف حسين جي فوت ٿيڻ جون ڪوڙيون خبرون به هلنديون رهيون آهن. عرس خاصخيلي ٿڌو ساهه ڀريندي چيو پئي ته سائين امڙ جندو غريب آهي، هتي غريب هجڻ به وڏو ڏوهه آهي، ماڻهن کي ان ٻڍڙي بابت ڪا به خبر هلائڻ کان اڳ سوچڻ گهرجي، هونئن به اهو تمام وڏو ڏوهه به آهي ته ڪنهن زنده انسان کي مارڻ  واري ڪوڙي خبر هلائجي، ڇو ته اها خبر هلڻ کان پوءِ ان ماڻهو جي پنهنجي دل، ان جي اولاد ۽ مائٽن مٽن جي مٿان ڇا گذرندو هوندو.

هڪ طرف تيز ڄاڻ پهچائڻ ۾ سوشل ميڊيا پنهنجو ڀرپور نموني ڪردار ادا ڪيو آهي ته ٻئي طرف سوشل ميڊيا تي ڇڙواڳي معاشري کي وڏو نقصان پهچايو آهي، سڄي دنيا ۾ ٽي وي چينل هجن، اخبارون هجن، ريڊيو هجي يا ٻيو ڪو ميڊيا جو فورم ان تي ضابطه اخلاق لاڳو ڪري ان جي ڊڪليريشن وقت هڪ قسم نامي ذريعي ان ماڻهو کان لکرايو ويندو آهي ته هلندڙ مواد اخلاق جي دائري جو هوندو، ڪنهن به فرد يا اداري جي دل آزاري نه ڪئي ويندي، جيڪڏهن ڪو به ادارو اخلاق جي دائري کان نڪري مواد هلائيندو ته ان کي ڏوهه سمجهي سندس ڊڪليريشن وارو سرٽيفڪيٽ رد ڪيو ويندو، پر هن ترقي واري دور ۾ سوشل ميڊيا لاءِ ڪو اخلاق وارو دائرو مقرر ئي ناهي ڪيو ويو ۽ نه ئي دنيا ليول تي اهو طئي ٿيل آهي ته مواد ڪهڙو هلڻ گهرجي.

اظهار جي آزادي هر ماڻهو جو بنيادي حق آهي، اظهار جي آزادي تي ڪا به پابندي نه هجڻ گهرجي، پر اخلاقيات جو دائرو مقرر هجڻ لازمي آهي، سوشل ميڊيا لاءِ به اهڙو اخلاق جو دائرو طئي ٿيل هجي، جنهن ۾ سٺو ۽ ڄاڻ ڏيندڙ مواد شامل هجي، اهڙي مواد هلائڻ تي پابندي لڳل هجي، جنهن سان انسانن جي دل آزاري ٿئي، صاف سٿرو مواد رکڻ سان اسان پنهنجي ايندڙ نسلن ۽ معاشري جي سٺي تربيت ڪري سگهنداسين، تڪڙي ڄاڻ وارو ذريعو لازمي آهي، پر ان کي ڪنهن دائري ۾ رکي هلائڻ لاءِ قانونسازي جي سخت ضرورت آهي.

You might also like