چهري تي هلڪن ڪارن داڳن جو علاج…..

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) موسم جي تبديلي يا وٽامنز جي گھٽتائي جي ڪري اڪثر ڪري اسان جي چهري تي ڇايون (هلڪا ڪارا داغ) نظر اچڻ لڳندا آهن. خاص ڪري عورتن کي هي شڪايت گھڻي هوندي آهي، ان سلسلي ۾ اڄ اسين توهان کي ڇايون ختم ڪرڻ جو آسان طريقو ٻڌائينداسين.

طريقو:  

ليمي يا نارنگيءَ جون کلون کڻي انهن کي سنهي ڪاتر ڪري پاڻِي ۾ پسايو.  24 ڪلاڪ کانپوءِ ان پاڻي سان منهن کي ڌوئي ڇڏيو. ان عمل کي لاڳيتو جاري رکو ڪجهه ڏينهن ۾ منهن تان ڇايون  ختم ٿي وينديون.

You might also like