اکين جي حفاظت ضروري….

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اَکين جي هيٺين جلد ڏاڍي نازڪ هوندي آهي، جنهن تي عمر جا اثر به تيزي سان ظاهر ٿيندا آهن، ان کانسواءِ جيڪڏهن انسان ٿورو به پريشان يا بي چين هجي ته اکين جي هيٺان ڪاراڻ اچي ويندي آهي، جنهن کانپوءِ اکيون اَڻ وڻندڙ ٿي وينديون آهن. اکين جي حفاظت لاءِ سڪون ۽ ننڊ لازمي آهي.

ان کانسواءِ اکين جي خوبصورت رکڻ لاءِ مختلف ٽوٽڪا به آزمائي سگهجن ٿا.

جيڪڏهن توهان جون اکيون مُنجهي پون ته ڪپهه کي ٿَڌي پاڻي ۾ ڀِڄائي نِپوڙيو، پوءِ اها 10 منٽن لاءِ پنهنجي اکين تي رکي ڇڏيو. ماهرن جو چوڻ آهي ته ٽي بيگز کي به ٿَڌي پاڻي ۾ ڀڄائي نِپوڙڻ کانپوءِ اهي اکين تي رکي سگهجن ٿا.

اهو  عمل ڪاراڻ ختم ڪرڻ لاءِ ڏاڍو فائديمند آهي. اکين کي وڻندڙ ۽ محفوظ رکڻ لاءِ  توهان کيرو ۽ پٽاٽو به ڪَٽي انهن تي رکي سگهو ٿا.

You might also like