چهري کي اڇو ڪرڻ لاءِ نهايت ئي سولا ٽوٽڪا….

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) هونئن ته چهري جو رنگ اَڇو ڪرڻ جا ڪيترائي طريقا آهن پر اسان توهان کي ڪجهه سولا نُسخا ٻڌائي رهيا آهيون، جن تي عمل ڪري توهان پنهنجي چهري جو رنگ وڻندڙ بڻائي سگهو ٿا.

ڦودني جا پَنَ اُٻاري اهو پاڻي ٿڌو ٿيڻ کانپوءِ نيراني پي ڇڏيو، ان سان توهان جي چهري جو رنگ صاف ٿي ويندو. ٻن گجرن، هڪ چقندر ۽ اڌ ليمي جي رس گڏائي هر ٻئي ڏينهن پيئڻ سان به چهري ۾ تازگي اچي ٿي. بيسڻ ۾ ٿورڙي هيڊ وجهو، پوءِ ان ۾ سرنهن جو تيل ملائي ڇڏيو. اهو پيسٽ روزانو استعمال ڪرڻ سان توهان جي چهري جو رَنگ مَٽجي ويندو.2

You might also like