اکين جي صحت ۽ خوبصورتي

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) عورتون پنهنجي اکين جي سار سنڀال ڪهڙي نموني ڪنديون آهن، ان جو اندازو ڀرپاسي واري چمڙي ۽ اکين جي چمڪ توڙي خوبصورتي ۽ صحت مان ٿئي ٿو.

جيڪڏهن اکين سان سٺو سلوڪ ڪيو وڃي، يعني انهن کي نه رڳو چڱي طرح ڌوئجي پر بدلجندڙ موسم کان به بچائي رکجي ته اکين جي چمڪ ۽ خوبصورتي برقرار رهي سگهي.

 اکين جي چوڌري چمڙي سڄي منهن جي چمڙي کان وڌيڪ سنهڙي ۽ نازڪ هوندي آهي ويتر ان ۾ آئل گلينڊ پهريان ئي موجود هوندا آهن، ان جي صحت لاءِ سٺي ڪريم استعمال ڪري  سگهجي ٿي، جنهن جي استعمال سان ان حصي جون جهريون چڱي حد تائين ختم ٿي وينديون آهن ۽ اهڙين عورتن کي ڪريم جو استعمال ضرور ڪرڻ گهرجي.

چمڙي خشڪ هجي ۽ ڄمار چاليهه ورهين کان وڌيڪ هجي. اکين جو مسڪارو لڳائڻ وقت خيال رکجي ته اکيون پوري طرح کليل نه هجن ۽ آئيني ڏانهن سڌو نه نهارڻ گهرجي.

You might also like