باربي ڪيو چڪن

شيون:

ڪڪڙ جو گوشت هڪ ڪلو ( گولڊن پيس، ننڊا ٽڪڙا)

لوڻ هڪ چانهن جو چمچو

چاٽ مصالحو هڪ کائڻ جو چمچو

پيٺل ڳاڙها مرچ هڪ چانهن جو چمچو

ادرڪ هڪ چانهن وارو چمچو

مڪئي جو اٺو هڪ کائڻ وارو چمچو

ٿوم هڪ کائڻ جو چمچو

ڪيچ اپ هڪ ڪوپ

پيٺل گرم مصالحو هڪ چانهن جو چمچو

پڪوان تيل فرائيءَ جي لاءِ گهرجي

پچائڻ جو طريقو: ڪڪڙ جي گوشت کي صاف ڪري وٺو، پوءِ سمورين شين سان هڪ ڪلاڪ جي لاءِ ميرينيٽ ڪيو، ڪڪڙ جي ٻوٽين ۾ مڪئي جو اٺو مڪس ڪيو، هڪ ڪڙهائي واري ٿائوَ ۾ تيل گرم ڪري ان ۾ ڪڪڙ جون ٻوٽيون وجهي ان کي گولڊن برائون ڪري پوءِ تيل ڪڍي وٺو جيئن خالي ٻوٽيون رهجي وڃن، هاڻي ٻوٽين ۾ سٺي طرح ڪيچ اپ مڪس ڪري انهن کي هڪڙي ڊيش ۾ وجهي سلاد سان گڏ گھر وارن کي پيش ڪيو.

You might also like