ورلڊ ڪپ جي وڌيڪ هڪ ميچ برسات سبب رد

 

لنڊن (ويب ڊيسڪ) ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ 2019ع ۾ برسات جي مداخلت جو سلسلو جاري آهي ۽ لاڳيتو مينهن سبب سريلنڪا ۽ بنگلاديش وچ ۾ ميچ ٽاس کان سواءِ  ئي رد ٿي وئي.

برسٽل ۾ کيڏي ويندڙ ميچ پاڪستاني وقت موجب منجهند 30؛2 وڳي شروع ٿيڻي هئي پر لاڳيتي مينهن سبب ٽاس به نه ٿي سگھيو.

امپائرن ان دوران ڪيترائي ڀيرا گرائونڊ جو معائنو ڪيو پر گھڻي برسات سبب ميچ شروع ڪرڻ ممڪن نه ٿي سگھيو ۽ گرائونڊ اسٽاف ميدان کي ميچ کيڏڻ جوڳو نه بڻائي سگھيو، نيٺ امپائرز ۽ ميچ ريفري ٻنهي ٽيمن جي ڪپتانن جي گڏيل رضامندي سان ميچ کي رد ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو ۽ اهڙيءَ ريت ٻنهي ٽيمن کي هڪ هڪ پوائنٽ ڏني وئي.

واضح رهي ته اها ورلڊ ڪپ جي ٽين ميچ آهي، جيڪا برسات سبب رد ڪئي وئي آهي، ان کان اڳ سريلنڪا ۽ پاڪستان وچ ۾ به ميچ به برسات سبب ٿي سگھي هئي، جڏهن ته ويسٽ انڊيز ۽ ڏکڻ آفريڪا کي به برسات سبب هڪ هڪ پوائنٽ ڏني وئي هئي.

You might also like