سنڌ ۾ شڪار تي پابندي…..

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ ۾ جانورن ۽ پکين جي شڪار تي پابندي لڳائي وئي آهي.

وائلڊ لائف واري صلاحڪار چيو آهي ته ٻين ملڪن کان شڪار ڪرڻ لاءِ ايندڙ رقم ادا ناهي ڪئي.

 سنڌ حڪومت جي جهنگلي جيوت بابت صلاحڪار عثمان عالماڻي جو چوڻ آهي ته ٻيلي کاتي شڪار تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي.

عثمان عالماڻي جو چوڻ هو ته سنڌ ۾ ٻين ملڪن کان شڪار لاءِ ايندڙن رقم ادا ناهي ڪئي، وفاقي حڪومت کي رقم ادا ڪرڻ لاءِ خط لکنداسين.

وائلڊ لائيف جي صلاحڪار جو رقم تي تڪرار واري معاملي بابت چوڻ هو ته پرڏيهي وزير رڳو سفارش ڪري، شڪارين کي لائسنس ڏيڻ اسان جواختيار آهي.

You might also like