دبئي کانپوءِ بحرين جو موديءَ لاءِ وڏو اعزاز

 

مناما (ويب ڊيسڪ) گڏيل عرب امارتن کانپوءِ بحرين به ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي کي اعليٰ ترين ايوارڊ سان نوازي ڇڏيو.

گذريل ڏينهن گڏيل عرب امارتن جي دوري کانپوءِ ڀارتي وزيراعظم کي بحران جي تخت گاهه مناما پهتو هو، اهو ڪنهن به ڀارتي وزيراعظم طرفان ان نار رياست جو پهريون دورو هو.

نريندر مودي بحرين جي امير حمد بن عيسيٰ الخليفه ۽ بحريني هم منصب شهزادي خليفي بن سلمان الفليفه سان ڌار ڌار ملاقاتون ڪيون.

ڀارتي وزيراعظم کي بحرين جي امير ”ڪنگ حماد آرڊر آف دي رينائسنس“ جو اعزاز ڏنو.

You might also like